مواد ڏانھن هلو

فياض لطيف چانڊيو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڊاڪٽر فياض لطيف چانڊيو (انگريزي: Dr. Fayaz Latif Chandio) سنڌي ٻولي جو نامور محقق، سنڌ يونيورسٽي ۾ سنڌي ٻوليءَ جو اسسٽنٽ پروفيسر[1] ۽ موجوده وقت ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي جو ڊائريڪٽر آهي.[2] سندس ڪيترائي ڪتاب ۽ تحقيقي مقالا شايع ٿيل آهن.

جيون خاڪو

[سنواريو]

ڊاڪٽر فياض لطيف چانڊئي جو اصل نالو بشير احمد چانڊيو آهي.[3] هن بهرين اپريل 1972ع تي ضلعي لاڙڪاڻي جي تعلقي باقراڻي جي ڳوٺ فقير محمد چانڊيو ۾ محمد حسن چانڊيو جي گهر ۾ جنم ورتو.[4]

تعليم

[سنواريو]

فياض لطيف چانڊيو پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول محرابپور جتوئي ۾ حاصل ڪئي. مئٽرڪ تائين گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڳيريلو ۽ انٽر گورنمينٽ حيدر بخش جتوئي ڪاليج ڏوڪري مان تعليم حاصل ڪيائين. ايم اي سنڌي ادب ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۽ پي ايڇ ڊي جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪيائين.

علمي ادبي خدمتون

[سنواريو]

ڊاڪٽر فياض لطيف چانڊيو بنيادي طور شاعر، ادبي نقاد ۽ محقق آهي. سندس ڪيترائي تحقيقي مقالا شايع ٿيل آهن ۽ ڪيترين ئي نيشنل ۽ انٽر نيشنل ڪانفرنسن ۾ مقالا پيش ڪري چڪو آهي. سندس مقلا سنڌي ٻولي جي با اختيار اداري جي سنڌي ٻولي جرنل، ڪراچي يونيورسٽي جي ڪلاچي جرنل ۽ ٻين رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. سندس ڪيترائي ڪتاب پڻ شايع ٿيل آهن. هن مرزا قليچ بيگ چيئر جي ڊائريڪٽر طور پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. هن وقت انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي جي ڊائريڪٽر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي گڏو گڏ اسسٽنٽ پروفيسر طور پڻ علمي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.

ڪتاب

[سنواريو]
  • خدا، زندگي، محبت، موت، موهن جو دڙو پبليڪيشن لاڙڪاڻو، 2000ع
  • اڻ ڄاول ٻار ڏانهن خط، روشني پبليڪيشن حيدرآباد، 2019ع[5]
  • چنڊ ڪڪر جي اوٽ، تخليق پبليڪيشن ، 2002ع
  • اوشو جي آتم ڪهاڻي،[3] موهن جو دڙو پبليڪيشن لاڙڪاڻو، 2008 ع
  • خط،خوشبوءِ خواب، ڏاهپ پبليڪيشن لاڙڪاڻو ،
  • دل جي خانه بدوشي، پوپٽ پبليڪيشن چيرپور ،2013ع
  • شاھ لطيف جي شاعري ۾ درد جو جمال، ثقافت کاتو سنڌ، 2017ع
  • شيخ اياز جي شاعريءَ جو جديد مطالعو، پوپٽ پبليڪيشن خيرپور،2017ع
  • شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ جماليات، انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي، 2018ع
  • شيخ اياز جي شاعريءَ جي لغٿ، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد، 2022ع
  • شيخ اياز جي شاعريءَ جو تحقيقي تنقيدي جائزو، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 2022ع
  • ميين شاھ عنايت جي ڪلام جي لغت، سنڌي ٻولي جو بااختيار ادارو حيدرآباد، 2025ع[6]

حوالا

[سنواريو]
  1. "Browse Author Index | Keenjhar - Research Journal", sujo.usindh.edu.pk, حاصل ڪيل 02 آگسٽ 2025۔
  2. "Dr Fayaz Lateef assumes charge as Director Institute of Sindhology", www.nation.com.pk, حاصل ڪيل 02 آگسٽ 2025۔
  3. 1 2 "ڊاڪٽر فياض لطيف | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو", sl.sindhila.org (ٻولي ۾ سنڌي), حاصل ڪيل 12 آگسٽ 2025۔
  4. "Doctor Fayaz Latif Chandio", Aziz Kingrani (ٻولي ۾ انگريزي), 02 آگسٽ 2025, حاصل ڪيل 02 آگسٽ 2025۔
  5. "An Jawal Baar Danhn Khatt - Oriana Fallaci - Translated By Fayaz Latif", IndusBook.pk (ٻولي ۾ en-US), حاصل ڪيل 02 آگسٽ 2025۔
  6. "سنڌسلامت ڪتاب گهر", books.sindhsalamat.com (ٻولي ۾ سنڌي), حاصل ڪيل 02 آگسٽ 2025۔