فطرت
ڏيک
فطرت (Nature) هڪ موروثي، خاص طور تي ماحولياتي دائري يا پوري ڪائنات جو، ڪردار آهي. فطرت عام معنيٰ ۾ طبيعي (Physical) دنيا جي قانونن، عنصرن ۽ مظهرن کي ظاهر ڪري ٿي، جنهن ۾ جيو (Life) به شامل آهي. جيتوڻيڪ انسان فطرت جو حصو آهن، پر انساني سرگرمين يا مجموعي طور تي انسانن کي اڪثر ڪڏهن ڪڏهن مختلف يا بلڪل الڳ ۽ فطرت کان به اعليٰ طور بيان ڪيو ويندو آهي.