فضل احمد بچاڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ناليوارو اديب، ڪهاڻيڪار، مضمون نگار، مقالا نويس ۽ مترجم فضل احمد بچاڻي، 1934ع ڌاري ٽنڊي الهيار شهر ۾ ڄائو. جيتوڻيڪ هو تخليڪار هو. پر سندس اهم سڃاڻپ مترجم جي حيثيت ۾ آهي، هن اڪثر ترجما انگريزيءَ مان ڪيا، جيڪي آسان -ٻولي-، لفظن جي درست استعمال، تخليقي انداز ۽ موضوع جي لحاظ کان ڪافي مقبول آهن. هن جيڪي ڪتاب ترجمو ڪيا ۽ لکيا، -تن- جو تفصيل هن ريت آهي: (1) ”سپون“ (خليل جبران جي چونڊ افسانن جو ترجمو: 1960ع)، (2) ”نازبو“ (طبڪزاد ڪهاڻين جو مجموعو: 1962ع)، (3) ”عاشي“ (هينري رائڊر گيرڊ جي ناول ‘She’ جو ترجمو: 1961ع)، (4). ”روح جي ڳولا“ ‘Shadows in the Wall’) جو ترجمو)، (5) ”سڌارٿ“ (هرمن جي ڪتاب ‘Sitharta’ جو ترجمو: 1982ع)، (6) ”سزا جا سک“ (آسڪر وائلڊ جي خطن ‘Deprofundis’ جو ترجمو: 1983ع)، (7) ”آسيه، عاشي جي واپسي“ (رائڊر هيگرڊ جي ناول ‘Aeshe-The Return of She’ جو ترجمو: 1983)، (8) ”-تصوير- جو خون“ (آسڪر وائلڊ جي ناول ‘Picture Dorian Grey’ جو ترجمو: 1983ع)، (9) ”سورن سانڍياس“ (وڪٽر جي ناول ‘Lemiserable’ جو ترجمو)، (10) ”-اڳي ائين هياس-“ (يادگيريون: ٻه حصا). ان کانسواءِ سندس بيشمار مضمون، مقالا ۽ ترجما مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. فضل احمد بچاڻيءَ 1987ع ۾ وفات ڪئي.[1]

حوالا[سنواريو]