مواد ڏانھن هلو

فرھنگ رشيدي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

فرهنگ رشيدي سيد عبدالرشيد ٺٽويءَ (وفات: 71 – 1670ع) جي هيءَ ٻي لکيل لغت آهي، جيڪا فارسيءَ مان فارسي زبان جي لغت آهي، عام طرح هن کي ”رشيدي فارسي“ چئجي ٿو. عبدالرشيد ٺٽويءَ هيءَ لغت 54 – 1653ع / 1064ھ ۾ مڪمل ڪئي. پهرين لغت جيان هيءَ لغت به هُنَ بادشاهه شاهجهان ڏانهن منسوب ڪئي. هيءَ فارسي زبان جي پهرين لغت آهي، جيڪا تنقيدي انداز ۾ لکيل آهي ۽ فارسي لغتن ’فرهنگ جهانگيري‘، ’فرهنگ سروري‘ ۽ ’مجمع الفارس‘ جي وڌايل ۽ سڌاريل شڪل آهي. هن لغت کي رائل ايشياٽڪ سوسائٽي آف بنگال طرفان مولوي ذوالفقار علي ايڊٽ ڪري ٻن حصن ۾ ببليوٿيڪا انڊيڪا ۾ 75 – 1870ع ۾ شايع ڪيو. هن لغت جو آخري ڇاپو تهران مان محمد عباسيءَ نظرثاني ڪري 1958ع ۾ ڇپايو آهي. آخر ۾ ضميمي طور سيد عبدالرشيد ٺٽويءَ جو لکيل هڪ ٻيو ڪتاب ”معربات رشيدي“ پڻ ڏنل آهي. ڊاڪٽر نذير احمد هي ڪتاب عبدالجليل بلگراميءَ ڏانهن منسوب ڪيو آهي. هن لغت جو هڪ قلمي نسخو سنڌ يونيورسٽيءَ جي لئبرريءَ ۾ ۽ ٻه قلمي نسخا پنجاب يونيورسٽي لاهور جي لئبرريءَ ۾ موجود آهن. اُن کان علاوه، هندستان جي مختلف ڪتبخانن ۾ پڻ هن جا قلمي نسخا موجود آهن[1].

حوالا

[سنواريو]
  1. ناسف علي شيراز [قسط-1]سنڌي لغت نويسيءَ جي تاريخ ۽ ببليوگرافي;.رسالي جو نالو ؛ مهراڻ 2004ع (اونهارو) ايڊيٽر؛ امداد حسيني جلد؛ 2 ڇپيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو