مواد ڏانھن هلو

فريڊرڪ پولڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
رائيٽ آنربل (نهايت محترم)]]
سر فريڊرڪ پولڪ
سر فريڊرڪ پولڪ
پيدائش10 ڊسمبر 1845(1845-12-10)
لنڊن، انگلينڊ
وفات18 جنوري 1937(1937-01-18) (عمر 91 سال)
لنڊن، انگلينڊ
تعليمٽرينٽي ڪاليج، ڪيمبرج
پيشوعلمي ماهر
لقبآڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ قانونيات جو پروفيسر
پيشروهينري مين
جانشينپاول ويناگراڊوف
جيون ساٿيجارجينا هيريئٽ ڊيفيل (ش. 1876; هن جي وفات 1935)
ٻار ٻچاجان پولڪ ۽ ايلس ازابيلا پولڪ
ماءُپيءُوليم فريڊرڪ پولڪ (پيءُ)
جوليئٽ ڪريڊ (ماءُ)
رشتيداروالٽر هيريز پولڪ (ڀاءُ)

سر فريڊرڪ پولڪ، ٽيون بارونيٽ (10 ڊسمبر 1845 – 18 جنوري 1937) هڪ برطانوي قانوندان هو۔ هو خاص طور تي پنهنجي انگريزي ڪتاب ھسٽري آف انگلش لا بفور دي ٽائيم آف ايڊورڊ I لاءِ مشهور آهي، جيڪو هن فريڊرڪ وليم ميٽلينڊ سان گڏ لکيو هو۔[1] پولڪ آمريڪي عدالت عظميٰ جي جج اوليور وينڊل هومز جونيئر سان پنهنجي سڄي زندگي جاري رهندڙ خط و ڪتابت جي ڪري به مشهور رهيو۔ انهن ٻنهي جي وچ ۾ ٿيل خط و ڪتابت بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿي، جنهن کي قانوني فڪر ۽ عدالتي فلسفي جي تاريخ ۾ اهم حيثيت حاصل آهي۔[2] هو علمي حلقن جي مشهور گروهه ڪيمبرج اپاسٽلس جو پڻ رڪن هو۔

زندگي

[سنواريو]

پولڪ وليم فريڊرڪ پولڪ، جيڪو خزاني جي عدالت جو ماسٽر هو، ۽ جوليئٽ ڪريڊ (ريورنڊ هيري ڪريڊ جي ڌيءَ) جو وڏو پٽ هو۔ هو سر فريڊرڪ پولڪ، جيڪو خزاني جي عدالت جو چيف بارون هو، جو پوٽو هو۔ ساڳئي طرح هو فيلڊ مارشل سر جارج پولڪ جو پوٽو ڀاڻيجو ۽ ايرنسٽ پولڪ، ماسٽر آف رولز، جو پهريون سوٽ پڻ هو۔[3] هن تعليم ايٽن ڪاليج مان حاصل ڪئي جتي هو ڪنگز اسڪالر هو، ۽ پوءِ ٽرينٽي ڪاليج، ڪيمبرج ۾ پڙهيو جتي 1868ع ۾ کيس فيلو چونڊيو ويو (بعد ۾ 1920ع ۾ اعزازي فيلو بڻايو ويو)۔[4][5] 1871ع ۾ هن وڪالت جي پيشه ۾ داخلا ورتي۔ هن انگريزي قانون جي تدريس بابت انگريزي ۾ ڪيترائي درسي ڪتاب لکيا، جن ۾ دي پرنسيلپز آف ڪانٽريڪٽ ايٽ لا اينڊ انڪوائري (1876ع) ۽ لا آف ٽارٽس (1887ع) خاص طور تي مشهور ٿيا۔[1] انهن ڪتابن جو طريقو روايتي قانوني مثالن بدران قانون جي بنيادي اصولن تي زور ڏيندڙ هو۔ انهن درسي ڪتابن بعد ۾ ايندڙ قانوني ڪتابن لاءِ نمونو بڻيا ۽ انگلينڊ ۾ قانوني تعليم جي جديديت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو۔ پولڪ آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ 1883ع کان 1903ع تائين پڙهايو، جتي هو قانونيات جو پروفيسر رهيو۔[1] هو 1884ع کان 1890ع تائين عدالتن جي ادارن ۾ عام قانون جو پروفيسر پڻ رهيو۔[5] هو 1895ع کان 1935ع تائين لا رپورٽس جو ايڊيٽر رهيو۔ 1885ع ۾ قائم ٿيل رسالي لا ڪوارٽرلي ريويو جو پهريون ايڊيٽر پڻ هو۔[1] 1894ع ۾ هو مصنفن جي سوسائٽي جو چيئرمين چونڊيو ويو۔[6] 1911ع ۾ کيس برطانيا جي پروي ڪائونسل جو ميمبر بڻايو ويو۔[7] 1931ع ۾ کيس لنڪنز اِن جو خزانچي چونڊيو ويو۔[5]

خاندان

[سنواريو]

پولڪ 13 آگسٽ 1873ع تي جارجينا هيريئٽ ڊيفيل سان شادي ڪئي، جيڪا جان ڊيفيل جي ڌيءَ هئي۔ جارجينا هيريئٽ ڊيفيل 30 مارچ 1935ع تي وفات ڪئي۔ انهن کي ٻه ٻار ٿيا:

  • ايلس ازابيلا پولڪ (پيدائش: 15 جون 1876ع – وفات: 28 جون 1953ع)۔ هن پهرين شادي 19 نومبر 1902ع تي سينٽ ميريليبون پيرش چرچ، لنڊن ۾ سڊني واٽرلو سان ڪئي، جيڪو هڪ سفارتڪار هو ۽ سر سڊني واٽرلو جو پوٽو هو۔[8] هي شادي 1912ع ۾ ختم ٿي وئي، ۽ ساڳئي سال هن ڪيپٽن اورلينڊو سائپريان وليمز سان ٻي شادي ڪئي۔
  • فريڊرڪ جان پولڪ (1878–1963)، جيڪو هڪ مشهور تاريخدان هو ۽ پنهنجي پيءُ کان پوءِ بارونيٽ جو لقب سنڀاليائين۔[9]

تلواربازي

[سنواريو]

پولڪ پنهنجي ننڍي ڀاءُ والٽر هيريز پولڪ سان گڏ انگلينڊ ۾ تاريخي تلواربازي جي ٻيهر احيا واري تحريڪ ۾ حصو ورتو، جيڪا الفريڊ هٽن ۽ سندس ساٿين ايگرٽن ڪاسل، ڪيپٽن ڪارل ٿم، ڪرنل سيرل ميٿي، ڪيپٽن پرسي رولٽ، ڪيپٽن ارنسٽ جارج اسٽينسن ڪوڪ ۽ ڪيپٽن فرينڪ هربرٽ وِٽو شروع ڪئي هئي۔[10] 1897ع ۾ لنڊن فينسنگ ڪلب سان لاڳاپيل هڪ توهين آميز بيان جي ڪيس ۾ پڻ پولڪ جو نالو آيو۔ هن ڪيس ۾ سر جان هٽن تي هڪ فرينچ بحري آفيسر ريني مارٽن فورٽريس پاران دعويٰ داخل ڪئي وئي، جنهن جو الزام هو ته هٽن غلط طور چيو هو ته فورٽريس ٻن سالن کان سندس ڌيءَ ڏانهن ناپسنديده توجهه ڏيکاري رهيو هو۔ فورٽريس موجب هن الزام سبب سر فريڊرڪ پولڪ ۽ جان نوربري لنڊن فينسنگ ڪلب ۾ سندس رڪنيت جي درخواست رد ڪري ڇڏي۔ عدالت جي جوري فورٽريس جي دعويٰ کي قبول نه ڪيو ۽ فيصلو سر جان هٽن جي حق ۾ ڏنو۔[11]

تصنيفون

[سنواريو]

مقالا

[سنواريو]

پولڪ ڪيترائي علمي مقالا پڻ لکيا، جيڪي مختلف علمي رسالن جهڙوڪ " مائينڊ"، "ھارورڊ لا رويو"، "ڪولمبيا لا رويو" ۽ ٻين قانوني ۽ فلسفياتي رسالن ۾ شايع ٿيا۔ انهن ۾ قانون، فلسفو، بين الاقوامي قانون، اخلاقيات ۽ سياست جي نظرين تي بحث ڪيو ويو۔

وڌيڪ ڏسو

[سنواريو]

وڌيڪ پڙهڻ لاء

[سنواريو]
  • رچرڊ اي. ڪاسگروو: سر فريڊرڪ پولڪ بابت حياتياتي مضمون۔
  • اي. ڊبليو. بي. سمپسن جي ترتيب هيٺ "عام قانون جي حياتياتي لغت" ۾ پولڪ بابت تفصيل۔
  • ايڇ. ڊي. هيزلٽائن جو "برٽش اڪيڊمي جي ميمبرن جون حياتيون" ۾ پولڪ تي مضمون۔

خارجي ڳنڍڻا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 3 4 Fifoot, C. H. S. (1976). "Pollock, Sir Frederick". ۾ William D. Halsey (مرتب). Collier's Encyclopedia. جلد 19. New York: Macmillan Educational Corporation. ص. 218.
  2. Mark De Wolfe Howe, مرتب (1941). Holmes-Pollock Letters: The Correspondence of Mr. Justice Holmes and Sir Frederick Pollock, 1874-1932; with Introduction by John Corham Palfrey. جلد 1 (1st ڇاپو). Cambridge, Massachusetts: the Belknap Press of the Harvard University Press Internet Archive وسيلي.; Mark De Wolfe Howe, مرتب (1941). Holmes-Pollock Letters: The Correspondence of Mr. Justice Holmes and Sir Frederick Pollock, 1874-1932; with Introduction by John Corham Palfrey. جلد 2 (1st ڇاپو). Cambridge, Massachusetts: the Belknap Press of the Harvard University Press انٽرنيٽ آرڪائيو وسيلي.
  3. "Obituary: Sir Frederick Pollock, K.C., "The Old Broad Culture"". The Times: 14. January 19, 1937. https://archive.org/details/sim_new-york-times_1937-01-19_86_28850/page/n13.
  4. سانچو:Acad
  5. 1 2 3 For My Grandson (1933) John Murray, Note B: Personal Dates
  6. The Times 1 June 1894
  7. "نمبر 28511". The لنڊن Gazette. 7 July 1911. ص. 5025.
  8. سانچو:Cite newspaper The Times
  9. "Sir Frederick Pollock, 3rd Baronet (British scholar) – Encyclopædia Britannica". britannica.com. 20 September 2014 تي حاصل ڪيل.
  10. Thimm, Carl Albert. A Complete Bibliography of Fencing and Duelling, London, 1896 Preface
  11. "Action against Sir John Hutton". St James's Gazette: 7. 16 November 1897. https://search.findmypast.co.uk/bna/viewarticle?id=bl%2f0001485%2f18971116%2f040&stringtohighlight=john%20hutton%20slander. Retrieved 9 April 2021.