فردوس ڪالوني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

،فردوس ڪالوني(انگريزي: UC Firdous Colony) سنڌ جي ضلعي ڪراچي سينٽرل جي تعلقي لياقت آباد سب ڊويزن جي ھڪ يونين ڪاؤنسل جو نالو آھي جيڪا 11 جنوري 2011 کان آڳ لياقت آباد ٽائون جي "يو سي 2 فردوس ڪالوني" جي نالي سان يونين ڪاؤنسل ھئي[1] پاڪستان جي قيام بعد جڏهن مھاجر لڏي پاڪستان ايا ته ڪراچي جي ان ڪالوني واري جاء تي بھار کان لڏي آيل آباد ٿيا هئا. ھڪ شاھ مسعود نالي شخص سرڪار کان زمين خريد ڪري اتي ھڪ سوسائٽي رجسٽر ڪرائي ھئي ء پلاٽ ماڻھن کي 3.50 روپيا في گز جي حساب سان وڪرو ڪيا ھئا[2] ھن يونين ڪاؤنسل م مھاجر ، پنجابي، سنڌي، ڪشميري ۽ کوڙ ٻين نسلي گروهن جا ماڻھو رھن پيا. يوسي جي 99 سيڪڙو آبادي مسلمانن جي آھي. ھن يوسي م فردوس ڪالوني کان سواءِ خاموش ڪالوني، قريشي ڪالوني ۽ سلطان آباد ڪالوني پڻ واقع آهي. يو سي جي ڏکڻ ۾ لياري ايڪسپريس وي، اتر ۾ ناظم آباد 2، اولھ ۾ نواب صديق خان روڊ جي ٻئي پاسي يوسي رضويه سوسائٽي ۽ اوڀر ۾ الطاف علي بريلوي روڊ جي ٻئي پار سي 1 ايريا واقع آھن. ھن يوسي م گل بھار ٿاڻو، سينٽ پيٽرز چرچ، گورنمينٽ گرلس ايليمينٽري اسڪول، درگاھ عاليه اشرفيه، اسٽريٽ نمبر 12 ۾ جامعه مسجد فردوسيه جي ڀرسان يو سي جي آفيس واقع آھن.

حوالا[سنواريو]

  1. Liaquatabad Town - Government of Karachi آرڪائيو ڪيا ويا June 13, 2006, حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  2. A story behind every name