مواد ڏانھن هلو

فرح پهلوي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
فرح پهلوي
راڻي فرح پھلوي، 1972
پيدائشفرح دیبا
(1938-10-14) 14 October 1938 (age 87)
تهران، ايران،
قوميتايراني
ٻيا نالاشهبانو فرح
ملکہ فرح
بُڻ بُڻيادايراني آذربائيجان
تعليمÉcole Spéciale d'Architecture
مادر علميمعمار
شھرت جو ڪارڻسماجي ڪم
سادگي
جيون ساٿيمحمد رضا شاهه پهلوي
ٻار ٻچارضا پھلوي
فرح ناز پھلوي
علي رضا پهلوي
ليلیٰ پھلوي
ماءُپيءُسهراب ديبا
فريده قطبي
سڃاڻپ نشان
ويب سائيٽ
شهبانو فرح سرڪاري ويبسائيٽ

فرح پهلوي (ٻيا نالا: جنم نالو: فرح ديبا، اَلَ:شھبانو فرح)[1] (جنم 14 آڪٽوبر 1938 [2]) ايران جي آخري راڻي ۽ پهلوي شاھي گھراڻي جي آخري حڪمران محمد رضا شاهه پهلوي جي ٽئين زال ۽ بيوه آهي.[3][4][5] هوءَ محمد رضا شاهه پهلوي جي ٽئين گهرواري هئي. 1959 ۾ شادي کان پوءِ، هن کي "شهبانو" جو لقب مليو ۽ هوءَ ايراني تاريخ ۾ تاج پوشي ڪندڙ پهرين عورت بڻجي وئي. 1979 جي انقلاب کان پوءِ هوءَ جلاوطني ۾ زندگي گذاري رهي آهي.

هوءَ ايران جي گاديءَ واري شهر تهران ۾ پيدا ٿي هئي. هوءَ پنهنجي والدين ، سهراب ديبا ۽ فريده قطبي جي سڪيلڌي ڌيءُ هئي.[2][6] سندس ماءُ گيلان پرڳڻي جي هئي، جڏهن ته سندس پيءُ ايراني شاهي سئنا ۾ آفيسر هو، جنهن جا وڏا ايراني آذربائيجان جا هئا. فرح جو پيءُ ان وقت فوت ٿي ويو جڏهن هوءَ ننڍڙي ٻار هئي.[6]

راڻي فرح پهلوي 1959

فرح تهران ۾ فرينچ اسڪول ۽ پيرس ۾ ايڪول اسپيشل ڊي آرڪيٽيڪچر ۾ تعليم حاصل ڪئي. هوءَ شاهه سان پنهنجي شاگردي واري ڏينهن ۾ ملي هئي، ۽ انهن 21 ڊسمبر 1959 تي پرڻو ڪيو. فرح کي شاهه سان چار ٻار هئا، جن ۾ ٻه پٽ ۽ ٻه ڌيئرون شامل هيون.[6]

شادي ۽ تاجپوشي کان پوءِ به، راڻي جي حيثيت سان، هوءَ فن ۽ ثقافت جي کيتر ۾ سرگرم رهي.

انقلاب ۽ ڏيھ نيڪالي

[سنواريو]
1967 ۾ تاجپوشي کان پوءِ فرح پهلوي پنهنجي خاندان سان گڏ.

ايراني انقلاب کان پوءِ هوءَ شاهه سان گڏ ملڪ ڇڏي وئي. ڪجهه ڏينهن اڳ، سڀني ٻارن کي آمريڪا ۾ فريده ديبا (راڻي جي ماءُ) ڏانهن موڪليو ويو هو. شاهه ۽ راڻي پهريان مصر ويا، پوءِ مراڪش ، بهاماس ، ميڪسيڪو ، آمريڪا ۽ پاناما، مصر واپس اچڻ کان اڳ، جتي اهي 27 جولاءِ 1980 تي شاهه جي وفات تائين رهيا. بعد ۾ فرح گرين وچ، ڪنيڪٽيڪٽ ۾ هڪ گهر ورتو، ۽ 2001 ۾ ليلا پهلوي جي موت (خودڪشي ) کان پوءِ، هن هي گهر ڇڏي واشنگٽن ڊي سي جي ويجهو پوٽوميڪ، ميري لينڊ ۾ هڪ گهر خريد ڪيو، ته جيئن پنهنجن پٽن ۽ پوٽن جي ويجهو رهي سگهي. هاڻي هوءَ پنهنجو گهڻو وقت واشنگٽن، نيويارڪ ، پيرس ۽ قاهره ۾ گذاري ٿي. سندس پٽ رضا پهلوي سياسي طور تي ايران ۾ بادشاهت بحال ڪرڻ جي ڪوشش ۾ سرگرم آهي. رضا ۽ سندس زال ياسمين جا ٽي پوٽا (ايمان، نور ۽ فرح) آهن.

جيون خاڪو

[سنواريو]

2003 ۾، فرح پهلوي پنهنجي سوانح عمري لکي، جنهن جو عنوان هو "اينڊورنگ لو: مائي لائف ود دي شاهه." اهو ڪتاب 2004 ۾ آمريڪا ۾ ڇپيو ويو.[7]

خطاب

[سنواريو]

جيتوڻيڪ ايراني حڪومت انقلاب کان وٺي اڳوڻي شاهي گھراڻي کان سڀئي اعزاز ۽ لقب واپس وٺي ڇڏيا آهن، ۽ ڪو به شاهي لقب قانوني طور تي منع ٿيل آهي، فرح ديبا پنهنجي نالي سان گڏ راڻي يا شهبانو لقب استعمال ڪري ٿي، جڏهن ته اولهه ميڊيا ۽ شاهه جا حامي، جيڪي ھاڻوڪي ايراني حڪومت کان ناراض آهن، پڻ کيس راڻي يا شهبانو سڏين ٿا.

ڀلائيءَ جا ڪم

[سنواريو]

شهبانو فرح پهلوي فائونڊيشن وسيلي ھوءَ ثقافتي ۽ خيراتي ڪم ڪندي آهي.

يادگيريون

[سنواريو]

سندس لکيل ڪتاب "An Enduring Love: My Life with the Shah" (سنڌيءَ ٽي:هڪ امر پريم:شاهه سان منهنجو جيون)، سندس زندگي بابت لکيل ذاتي ڪتاب آهي.[7] هي ڪتاب پهريون ڀيرو 2004ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب ۾ فرح پهلويءَ پنهنجي ننڍپڻ، شاهه سان ملاقات، شادي، ايران ۾ گذاريل وقت، 1979ع جي انقلاب ۽ ان کان پوءِ جلاوطنيءَ جي ڏکين ڏينهن بابت تفصيل سان لکيو آهي. هي ڪتاب اصل ۾ فرانسيسي ٻوليءَ ۾ ("Mémoires") لکيو ويو هو، پر ان جو انگريزي، فارسي (عنوان: "کُهن ديارا")، عربي ۽ ٻين ڪيتريون ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. انگريزي ورجن جو پبلشر Miramax Books آهي. [8]

گيلري

[سنواريو]

سانچو:پھلوي شاھي خاندان

حوالا

[سنواريو]
  1. "Farah Pahlavi - Biography". IMDb (آمريڪي انگريزي ۾). 2026-03-18 تي حاصل ڪيل.
  2. 1 2 "Iranian Personalities: Farah Pahlavi (Diba)". www.iranchamber.com. 2026-03-18 تي حاصل ڪيل.
  3. "Pahlavi, Farah (1938—) | Encyclopedia.com". www.encyclopedia.com. 2026-03-18 تي حاصل ڪيل.
  4. "Who Is Farah Pahlavi? Everything To Know About The Last Empress of Iran". Grazia Middle East (آمريڪي انگريزي ۾). 2026-03-18 تي حاصل ڪيل.
  5. https://www.britannica.com/biography/Mohammad-Reza-Shah-Pahlavi
  6. 1 2 3 4 5 6 7 Stein, Donna (2013). "For the Love of her People: An Interview with Farah Diba about the Pahlavi Programs for the Arts in Iran". ۾ Scheiwiller, Staci Gem (مرتب). Performing the Iranian State: Visual Culture and Representations of Iranian Identity. Anthem Middle East Studies. Anthem Press. ص. 75–82. ISBN 978-0-85728-294-1.
  7. 1 2 "Book Launch: An Enduring Love: My Life with the Shah, A Memoir | Wilson Center". www.wilsoncenter.org (انگريزي ۾). 2004-03-10. 2026-03-18 تي حاصل ڪيل.
  8. "Publications". Queen Farah Pahlavi (آمريڪي انگريزي ۾). 2026-03-18 تي حاصل ڪيل.

ٻاھرين ڳنڍڻا

[سنواريو]