فراسيون
ڏيک
فراسيون: نالا: عربي - علقمه، فارسي - افغان سر. هڪڙي قسم جو گاهه آهي، جنهن جا پن گلابي ۽ گل واڱڻائي رنگ تي ٿين ٿا. ذائقي ۾ تلخ ۽ ناگوار بوءِ سان ٿئي ٿو.
طب
[سنواريو]خاصيت: هي جگر ۽ طحال جا سدا کولي ٿو، منجهس ترياقي قوت رهي ٿي. هن جي رس ڪن جو سور لاهي ٿي. ماکي ملائي اک ۾ وڌو وڃي ته اکين تان يرقان جي ساوڪ لهي وڃي ٿي. اکين جي ڌنڌ، موتي پاڻي وغيره لاءِ مفيد آهي. شربت بنفشي سان پيارجي ته کنگهه، سيني ۽ ڦڦڙن جي زخمن ڇٽائڻ ۾ دير نٿو ڪري. انجير سان کنگهه ۽ دمه لاءِ فائديمند ٿئي ٿو. ايرسا سان رحم جو تنقيو ڪندڙ، حيض کوليندڙ، ويم سؤلو ڪرائيندڙ ۽ مئل ٻار ڪيرائيندڙ آهي. غليظ ريح دفع ڪرڻ لاءِ نهايت ڪارآمد آهي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو