فرائورٽس
| فرائورٽس (Phraortes) | |
|---|---|
| ميدين جو بادشاهه | |
| 675 – 653 ق.م[1][2] | |
| پيشرو | ديئوسس |
| جانشين | سائيڪساريس (Cyaxares) |
| شاھي گھراڻو | ميديائي خاندان يا ميدي گھراڻو |
| پيءُ | ديئوسس |
| لاڏاڻو | 653 ق.م |
| مذھب | قديم ايراني مذهب |
فرائورٽيس يا فرورتيش {{efn|/freɪˈɔrtiz/ fray-OAR-teez[3] {{[4]𐎳𐎼𐎺𐎼𐎫𐎡𐏁[5][6]Φραόρτης}}، ديئوسس جو پٽ، ميڊيائي سلطنت جو ٻيون بادشاهه هو۔ پنهنجي والد ديئوسِس وانگر، فرائورٽس پڻ اشور خلاف جنگيون شروع ڪيون، پر هو شڪست کاڌي ۽ غالباً اشوري بادشاهه اشوربانيپال (حڪومت: 669–631 ق.م) جي هٿان مارجي ويو۔
حياتي
[سنواريو]قديم ذريعن ۾ هن بابت موجود سڄي ڄاڻ هيروڊوٽس وٽان ملي ٿي۔ سندس بيان (1.102) موجب، فراورتيس، ديئوسس جو پٽ هو ۽ هن سڀني ميديائي قبيلن کي گڏ ڪري هڪ واحد رياست قائم ڪئي۔ هن فارسين، پارٿين ۽ قديم ايران جي ٻين قومن کي به تابع ڪيو۔ هن لڳ ڀڳ ٻاويهه سال حڪومت ڪئي (تقريباً 675 – 653 ق.م)[7]۔ فرائورٽس جي وفات کان پوءِ، ميڊديا تي 28 سالن تائين اسيٿين حڪمراني ڪئي، جيڪي اشور جا اتحادي هئا، جيستائين فرائورٽس جي پٽ سائيڪساريس 625 ق.م ۾ سيٿين جي بالادستي جو خاتمو آڻي پاڻ بادشاهه بڻيو۔[7] فرائورٽس کي عام طور تي ميڊيا جي هڪ سردار ڪاشتريتي سان سڃاتو وڃي ٿو، جيتوڻيڪ ڪجهه ماهر اهڙي سڃاڻپ کي شڪ وارو سمجهن ٿا۔
ڪتابِ جُوڊٿ
[سنواريو]ڪيترن ئي عالمن فرائورٽس کي ڪتابِ جوڊٿ (Book of Judith) ۾ ذڪر ڪيل “آرفڪساد، ميدين جو بادشاهه” سان سڃاتو آهي۔ فلڪران ويگورو “اشورين جي بادشاھ "نبوڪدنيزر” ۽ “ميديائي بادشاهه آرفڪساد” وچ ۾ بيان ڪيل جنگ کي اشورين جي بادشاھ اشوربانيپال ۽ فرائورٽس جي وچ ۾ ٿيل جنگ قرار ڏنو آهي۔[8] هي جنگ اشوربانيپال جي حڪومت جي سترهين سال ۾ پيش آئي، ۽ ڪتابِ جُوڊٿ موجب اها ئي جنگ “نبوڪدنيزر” جي حڪومت جي سترهين سال ۾ ٿي۔ جيڪس-بينين بوسويه (Jacques-Bénigne Bossuet) به ساڳي راءِ ظاهر ڪئي آهي۔[9] ويگورو جي دليل موجب، ڪتابِ جُوڊٿ جي سيپٽواجنٽ نسخي ۾ بيان ڪيل ٻه جنگيون دراصل 658–657 ق.م دوران ٻن سلطنتن جي ٽڪراءَ ڏانهن اشارو ڪن ٿيون، ۽ ٻي فراورتيس جي 653 ق.م ۾ جنگ دوران ٿيل موت ڏانهن، جنهن کان پوءِ اشوربانيپال ساڳئي سال وڏي فوجي مهم جاري رکي، جيڪا اُلائي درياهه جي جنگ سان شروع ٿي۔
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Phraortes | Persian Ruler, Median Empire, Achaemenid Dynasty | Britannica"۔
- ↑ "Phraortes"۔
- ↑ ...
- ↑ Bollard, John K., ed (1998). Pronouncing dictionary of proper names: pronunciations for more than 28,000 proper names, selected for currency, frequency, or difficulty of pronunciation (2nd ed.). Detroit, Mich: Omnigraphics. p. 793. ISBN 978-0-7808-0098-4.
- ↑ Akbarzadeh, D.; A. Yahyanezhad (2006) (fa ۾). The Behistun Inscriptions (Old Persian Texts). Khaneye-Farhikhtagan-e Honarhaye Sonati. pp. 87. ISBN 964-8499-05-5.
- ↑ Kent, Ronald Grubb (c. 2006) (fa ۾). Old Persian: Grammar, Text, Glossary. translated into Persian by S. Oryan. Pizhūhishkadah-i Zabān va Gūyish bā hamkārī-i Idārah-i Kull-i Umūr-i Farhangī. pp. 406. ISBN 964-421-045-X.
- 1 2 Medvedskaya, I. (20 July 2004), "PHRAORTES", Encyclopædia Iranica, حاصل ڪيل 18 December 2012۔
- ↑ Les Livres Saints et La Critique Rationaliste, iv, 4th ed.
- ↑ "Discours sur l'histoire universelle: Dessein général de l'ouvrage by Jacques Bénigne Bossuet, 1627 - 1704", 1840۔