مواد ڏانھن هلو

فادزھر حيواني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

فادزهر حيواني: نالا: ع. حجرالبقر، ف. سنگ گاؤ، هه. وغيره___ گاروهن، گوڪالوچن ۽ مرگاو. زردي رنگ جا سنها گول داڻا آهن جي ڍڳين ۽ ڪن ٻين جانورن جهڙوڪ: شينهن وغيره جي اوجهريءَ مان نڪرن ٿا، سخت پهڻ وانگر ٿيندا آهن.


خاصيت: ترياق آهي وڇون ۽ نانگ جي زهر جو، وائي باديءَ کي تحليل ڪري ٿو، بدن کي ٿلهو ڪري ٿو، قوت باهه کي وڌائي ٿو، حيض ۽ پيشاب کي جاري ڪري ٿو. مثاني ۽ گردي جي رائي ۽ پٿريءَ کي ڀڃي ٻاهر ڪڍي ٿو. چٽي، ڪوڙه ۽ منهن ۾ پيل ڇانئن جي داغن تي هن جو ليپ فائدو ڪندو.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو