فادر ڪوٽواڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

فادر ڪوٽواڻي(انگريزي: Father Kotwani)فادر ڪوٽواڻي جو جنم ڳوٺ عظمت تعلقي سکر ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾ ۽ انگريزي تعليم ”نيو ماڊل هاءِ اسڪول“ ڪراچي ۽ ”نو ودياله هاءِ اسڪول“ حيدرآباد ۾ ورتائين. ارڙهن سالن جو هو ته سندس والد لاڏاڻو ڪري ويو. انهيءَ موقعي وارين ”اگني سنسڪار“ ۽ ”گنگا اشنان“ وارين مذهبي رسمن کيس هندو ڌرم کان متنفر ڪري ڇڏيو. پرمانند ميوا رام جي اثر هيٺ 1933ع ۾ عيسائي ٿيو. هيءُ پهريون سنڌي ڪئٿولڪ آهي، جيڪو 1944ع ۾ پادريءَ جي منصب تي رسيو. پاڻ 1938ع ۾ ”جوت“ جو ايڊيٽر ٿيو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو مقالو: (قسط 2. آخري)؛ سنڌ ۾ عيسائيت جي تبليغ ۽ سنڌي علم و ادب"؛ رسالو؛ مهراڻ 1982ع ايڊيٽر؛ نفيس احمد ناشاد جلد؛ 31 نمبر 1.2- 1982ع ڇپيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو