مواد ڏانھن هلو

غلام مصطفيٰ قاسمي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

عالم، اديب غلام مصطفيٰ قاسمي ولد حافظ محمود چانڊيو 22 رجب 1334هه/ 24 جون 1916ع تي ڳوٺ ڀنڀي خان چانڊئي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. سندس والد، استاد العلماءَ مولانا غلام صديق شهدادڪوٽيءَ جي ابتدائي شاگردن مان هو ۽ قادري طريقي ۾ سندس خليفو بہ هو. حافظ محمود سنڌ جي وڏن قارين ۽ عالمن مان هڪ هو، سندس مدرسي ‘تحفيظ القرآن’ سڄي سنڌ کي فيض رسايو. غلام مصطفيٰ قاسميءَ جو والد سندس ولادت کان ڪجهہ سال پوءِ وفات ڪري ويو ۽ سندس تربيت سندس ڏاڏي پياري خان ڪئي. قرآن جا اٺ پارا ناظره پڙهي، ڳوٺ ۾ ئي فارسي پڙهڻ شروع ڪيائين. فارسيءَ ۾ سندس پهريون استاد مولانا فتح محمد سيراڻي هو، ان کانپوءِ مولانا خوش محمد کان تعليم ورتائين ۽ ڪور سليمان جي مدرسي ‘دارالفيض’ ۾ داخل ٿي مولانا عبدالڪريم ڪورائيءَ جو شاگرد ٿيو.[1]

مولانا قاسمي طالب علميءَ جي زماني ۾ ايڏو هوشيار هو، جو پاڻ کان هيٺين شاگردن کي سبق ڏيندو هو. پنهنجي استاد سان گڏ علي خان جي مدرسي ۾ اچي تعليم ورتائين ۽ آخر ۾ ساڳئي استاد سان گڏجي ڳوٺ پير بخش ڀٽيءَ ۾ آيو، جتي تعليم جا آخري مرحلا طئي ڪري دستاربند ٿيو. ان بعد دارالعلوم ديوبند ۾ داخل ٿيو، جتي پاڻ پڙهڻ کانسواءِ ذهانت جي بنياد تي پنهنجي هم ڪلاسين کي پڙهائيندو بہ هو. هتان فارغ التحصيل ٿيڻ کانپوءِ وڃي دهليءَ جي اورينٽل ڪاليج ۾ داخل ٿيو، جتان مشرقي علمن جي تعليم وٺڻ بعد مدرسہ طيبہ مان طب جي تعليم بہ حاصل ڪيائين.[1]

ديوبند کان واپس سنڌ ورڻ بعد هن ’مدرسي دارالسعادت‘ گوري پهوڙ تعلقي شڪارپور ۾ معلم طور پنهنجون خدمتون سر انجام ڏيڻ شروع ڪيون، جتي ڪيترائي شاگرد کانئس مستفيض ٿيا. ان کانسواءِ مدرسہ مظهر العلوم ۽ بيت الحڪمت ۾ استاد جي حيثيت ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. قاسم العلوم مدرسي جو صدر بہ رهيو. پاڻ ‘سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچي’ ۾ اسلاميات جو استاد بہ رهيو ۽ ان کانپوءِ ‘شاھ ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد ’ جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي سنڌ يونيورسٽيءَ جو پهريون اعزازي پروفيسر ۽ وزيٽنگ پروفيسر هئڻ سان گڏ سنڌي ادبي بورڊ ۽ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪاميٽي جو چيئرمين رهيو. پاڻ، سنڌ جي ناميارن عالمن مان هڪ هو ۽ سندس علمي فيض نہ رڳو اڻ ڳڻيا ديني عالم پيدا ڪيا، پر مختلف شعبن ۾ سندس همہ گير شخصيت جي پيدا ڪيل ايم. فل ۽ پي. ايڇ. ڊي اميدوارن جو بہ وڏو انگ آهي. مولانا غلام مصطفيٰ قاسميءَ ٽہ ماهي ‘الرحيم’ (سنڌي) ۽ ٽہ ماهي ‘الولي’ (اردو) رسالي جي ايڊيٽر هئڻ کانسواءِ ٽہ ماهي مهراڻ جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر بہ هو. سندس ڄمار جو گهڻو حصو درس تدريس ۽ علم و ادب جي خدمت ۾ صرف ٿيو.[1]

هن ڪيترائي مقالا ۽ مضمون لکيا ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف، مترجم ۽ مرتب هو. ان کانسواءِ ڪيترن ئي ڪتابن جا مقدما ۽ حاشيا پڻ لکيائين، جن جو مختصر وچور هن ريت آهي: (1) تفسير سورة سبا (سنڌي)، (2) شاھ جو رسالو (ترتيب)، (3) پاره الم (ترجمو)، (4) الهام الرحماني في تفسير القرآن، (5) بنيادي سنڌي لغت (شريڪ ايڊيٽر)، (6) وڌايل بنيادي سنڌي لغت (شريڪ ايڊيٽر)، (7) وڌايل بنيادي سنڌي لغت (شريڪ ايڊيٽر)، (8) سماجي انصاف ۽ اجتماعيت (شاھ ولي الله جي فلسفي جي روشنيءَ ۾)، (9) سطعات (ترجمو)، (10) سماجي انصاف، (11) مفيد طلاءِ منطق (عربي)، (12) مختصر قدوري (عربي مقدمو ۽ حواشي)، (15) تاليف ابو الحسن صغير سنڌي (عربي مقدمو ۽ حواشي)، (15) ڪچڪول نامہ (فارسي)، (16) معان النظر، (17) لمحات (عربي)، (18) قطعات (فارسي)، (19) الطاف القدوس (فارسي)، (20) تاويل الاحاديث (عربي)، (21) تفھيمات الاهيہ ٻہ جلد (عربي)، (22) ترجمو سطعان (سنڌي)، (23) ترجمو اردو تاويل الاحاديث ۽ (24) فتح الرحمان (فارسي حواشي قرآن پاڪ جو مڪمل سنڌي ترجمو).[1]

مولانا غلام مصطفيٰ قاسميءَ پڙهائيءَ دوران سياست ۾ قدم رکيو، هيءَ انڊين نيشنل ڪانگريس تعلقي قنبر ۽ بعد ۾ ضلعي لاڙڪاڻي جو نائب صدر رهيو. مولانا غلام مصطفيٰ قاسميءَ جميعت العلماءِ سنڌ جو پڻ اڳواڻ هو. ان کانسواءِ ‘سنڌ جي بمبئيءَ کان عليحدگيءَ واري تحريڪ’ شروع ٿي تہ ان ۾ بہ حصو ورتائين ۽ انهيءَ سلسلي ۾ جڏهن ‘سنڌ آزاد پارٽيءَ’ جو قيام عمل ۾ آيو تہ سنڌ جي جدا ٿيڻ تائين پاڻ ان جو سرگرم ڪارڪن رهيو. انهيءَ عرصي دوران جڏهن فلسطين ۽ عربن جي مٿان ڏکيا ڏينهن آيا ته سنڌ جي مسلمانن اهڙن واقعن تي شديد رد عمل ڏيکاريو. عربن جي مالي خواھ اخلاقي مدد ڪرن لاءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ فلسطين ڪاميٽيون برپا ڪيون ويون. انهيءَ بين الاقوامي سياست ۾ مولانا غلام مصطفيٰ قاسميءَ ڀرپور حصو ورتو، جنهن ۾ کيس فلسطين ڪاميٽي قنبر جو ناظم مقرر ڪيو ويو. مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي قائم ڪيل مدرسي ’بيت الحڪمت‘ ۾ پڙهائڻ شروع ڪيائين. ان کان سواءِ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي ٺاهيل ‘جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽيءَ’ ۾ بہ شموليت اختيار ڪيائين. مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي جماعت ’جمعيت الطلباءَ سنڌ‘ ۾ ڀرپور حصو ورتائين.[1]

سندس وفات کانپوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي آرٽس فيڪلٽيءَ ۾ سندس نالي سان منسوب، علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي چيئر قائم ڪئي وئي. جتي تحقيقي ڪم جاري آهي.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 3 4 5 6 "غلام مصطفيٰ قاسمي : (Sindhianaسنڌيانا)", www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ سنڌي), حاصل ڪيل 16 ڊسمبر 2025۔