غلام عمر جتوئي
| مفتي غلام عمر جتوئي | |
|---|---|
| پيدائش | غلام عمر جتوئي 2 ڊسمبر 1833 ڳوٺ سونو جتوئي، تعلقو لاڙڪاڻو، سنڌ |
| وفات | 2 فيبروري 1935 (عمر 101 سال) ڳوٺ سونو جتوئي، تعلقو لاڙڪاڻو، سنڌ |
| مدفن | دارالفيض مدرسو، سونو جتوئي، لاڙڪاڻو |
| قوميت | سنڌي |
| پيشو | عالمِ دين، مفتي، مدرس، محدث، فقيه، مصنف، شاعر |
| شھرت جو ڪارڻ | دارالفيض مدرسي جو باني، حديث ۽ فقہ حنفي جو ماهر |
| مذھب | اسلام |
| فرقو | سني |
| ٻار ٻچا | فضل الله، وهب الله |
مفتي غلام عمر جتوئي (4 شوال 1249هه، مطابق 2 ڊسمبر 1833ع – 29 شوال 1353هه، مطابق 2 فيبروري 1935ع) سنڌ جي نامور عالمِ دين، مفتي، محدث، فقيه، مدرس، مصنف ۽ شاعر هو. هن لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ سونو جتوئي ۾ دارالفيض نالي هڪ مشهور ديني مدرسو قائم ڪيو، جتان سنڌ سميت افغانستان، بلوچستان، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات جا ڪيترائي عالم فيضياب ٿيا[1]
ابتدائي زندگي ۽ تعليم
[سنواريو]مفتي غلام عمر جتوئي 4 شوال 1249هه، مطابق 2 ڊسمبر 1833ع تي محمد صادق جتوئي جي گهر، ڳوٺ سونو جتوئي (تعلقو لاڙڪاڻو) ۾ پيدا ٿيو. اٺن سالن جي عمر ۾ آخوند نور محمد چني وٽ قرآن پاڪ ناظره مڪمل ڪيائين. ان کان پوءِ رهڙو شريف (تعلقو ميهڙ) جي مدرسي ۾ مولانا محمد صالح مهيسر وٽ فارسي پڙهيائين، جڏهن ته عربي علوم فخر العلماءُ مخدوم حسن الله صديقي پاٽائي وٽان حاصل ڪري فارغ التحصيل ٿيو.[1]
تدريسي خدمتون
[سنواريو]تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ڪجهه عرصو رهڙو شريف جي مدرسي ۾ درس ڏنائين. بعد ۾ پنهنجي اباڻي ڳوٺ سونو جتوئي موٽي اچي دارالفيض نالي مدرسو قائم ڪري سڄي عمر درس ۽ تدريس ۾ مصروف رهيو. سندس شاگردن جو تعداد هڪ هزار کان وڌيڪ هو ۽ سنڌ کان علاوه افغانستان، بلوچستان، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات جا ڪيترائي عالم پڻ وٽس تعليم حاصل ڪرڻ ايندا هئا.[1]
علمي ۽ ادبي خدمتون
[سنواريو]مفتي غلام عمر جتوئي حديث جو ماهر ۽ فقہ حنفي جو وڏو ڄاڻو هو. هن عربي، فارسي ۽ سنڌي ٻولين ۾ ڪيترائي ڪتاب تصنيف ڪيا. کيس طب سان پڻ دلچسپي هئي ۽ شاعري به ڪندو هو، جنهن ۾ نعتيه شاعريءَ جا نمونا پڻ ملن ٿا. سندس علمي مقام سبب وڏا وڏا سرڪاري عملدار به وٽس ادب سان حاضر ٿيندا هئا.[1]
علمي صحبتون
[سنواريو]پاڻ مولانا عبدالله جان سرهندي ۽ مخدوم بصرالدين سيوهاڻي جهڙن عالمن سان علمي ۽ روحاني رهاڻيون ڪندو رهيو.[1]
ذاتي ڪتبخانو
[سنواريو]مفتي صاحب وٽ هزارين ڪتابن تي مشتمل هڪ وڏو ذاتي ڪتبخانو موجود هو، جنهن ۾ ڪيترائي ناياب قلمي نسخا پڻ شامل هئا. 1942ع جي وڏي ٻوڏ سبب هن علمي سرمايي کي سخت نقصان پهتو ۽ ڪيترائي ڪتاب ضايع ٿي ويا. بعد ۾ رهيل ڪتبخانو لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو، جتي اهو زبون حالت ۾ موجود رهيو.[1]
وفات
[سنواريو]مفتي غلام عمر جتوئي 29 شوال 1353هه، مطابق 2 فيبروري 1935ع تي وفات ڪئي ۽ پنهنجي قائم ڪيل دارالفيض مدرسي، ڳوٺ سونو جتوئي ۾ دفن ڪيو ويو.[1]
اولاد
[سنواريو]- فضل الله (وفات: 1957ع)
- وهب الله
حوالا
[سنواريو]
'