مواد ڏانھن هلو

غلامن جو جهاز

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
برطانوي غلامن جي ٻيڙي بروڪس جو خاڪو، 1788ع ، ڏيکاري ٿو ته ڪيئن 454 غلامن کي غلامن جي واپار واري ايڪٽ 1788ع کان پوءِ ٻيڙي تي رکيو ويو. رپورٽ موجب هن ساڳئي جهاز ۾ 609 غلام ۽ 267 ٽن سامان هو، هن طرح هر ٽن جي مقابلي ۾ 2.3 غلام هئا. غلامن جي واپار جي خاتمي لاءِ سوسائٽي پاران شايع ٿيل

غلامن جا جهاز (Slave ships) وڏا ڪارگو جهاز هئا جيڪي خاص طور تي 17هين کان 19هين صدي تائين غلامن جي نقل و حمل لاءِ ٺاهيا ويا يا هن مقصد لاء تبديل ڪيا ويا هئا. اهڙن جهازن کي "گني مين" (Guineaman) جي نالي سان پڻ سڃاتو ويندو هو ڇاڪاڻ ته ان واپار ۾ اولهه آفريڪا ۾ گني جي ساحل ڏانهن ۽ اتان کان انساني اسمگلنگ شامل هئي.

ٽرانس ايٽلانٽڪ غلامن جو واپار

[سنواريو]

17هين صدي جي شروعات ۾، يورپين جي آمريڪا ۾ اچڻ کان هڪ صدي کان وڌيڪ عرصي کان پوءِ، ڪم ڪرڻ لاءِ بغير معاوضي جي مزدوري جي گهرج غلامن جي واپار کي هڪ منافعي بخش ڪاروبار بڻائي ڇڏيو. ٽرانس ايٽلانٽڪ غلامن جو واپار 18هين صدي جي آخري ٻن ڏهاڪن ۾، ڪانگو جي گهرو ويڙهه دوران ۽ ان کان پوءِ عروج تي پهتو.

منافعي کي يقيني بڻائڻ لاءِ، ٻيڙين جا مالڪ پنهنجي ٻيڙين جي "هل" (Hull) کي ٿوري هيڊ روم سان هولڊز ۾ ورهايو ته جيئن اهي ممڪن حد تائين گهڻا غلام کڻي سگهن. غير صحت بخش حالتون، پاڻي جي کوٽ، پيچش ۽ اسڪروي جي ڪري موت جي شرح وڌي وئي (سراسري طور تي %15 ۽ قيدين جو ٽيون حصو). اڪثر ڪري، جهاز سوين غلام کڻندا هئا، جن کي مضبوطيءَ سان تختي جي بسترن سان جڪڙيو ويندو هو. مثال طور، غلام جو جهاز "هينريٽا ميري" ڊگهي وچين رستي تي لڳ ڀڳ 200 غلام کڻي ويندو هو. اها غلام ڪارگو هولڊز تائين محدود هئا ۽ هر غلام کي زنجيرن سان جڪڙيو ويندو هو، جنهن ۾ منتقل ٿيڻ لاءِ ٿوري جاءِ هوندي هئي.

غلام جهازن جا سڀ کان اهم رستا آفريڪا جي اتر-اولهه ۽ اولهه وارن ساحلن کان ڏکڻ آمريڪا ڏانهن، اڄ جي آمريڪا جي ڏکڻ اوڀر ساحل ۽ ڪيريبين تائين ويندا هئا. ٻه ڪروڙ (20 ملين) آفريڪي ماڻهن کي ٻيڙين ذريعي منتقل ڪيو ويو. آفريڪا کان آمريڪا تائين غلامن جي آمدورفت کي ٽڪنڊي واپار جي وچين گذرگاهه طور سڃاتو ويندو هو.

غلامن جي جهازن تي حالتون

[سنواريو]

غلامن جي واپار جو خاتمو

[سنواريو]

پڻ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]

وڌيڪ پڙهڻ

[سنواريو]
  • Baroja, Pio (2002). Los pilotos de altura. Madrid: Anaya. ISBN 978-84-667-1681-9. (ISBN
  • Costello, R. (2012). Black salt : seafarers of African descent on British ships. Liverpool: Liverpool University Press. ISBN 978-1-84631-767-5. OCLC 801365216.
  • Gregg, Amanda; Ruderman, Anne (2025). "Cross-Cultural Trade and the Slave Ship the Bonne Société: Baskets of Goods, Diverse Sellers, and Time Pressure on the African Coast". The Journal of Economic History.
  • Hochschild, Adam (2006). Bury the chains : the British struggle to abolish slavery. London: Pan. ISBN 0-330-48581-4. OCLC 62225209.
  • Rediker, Marcus (2007). The Slave Ship: A Human History. New York: Viking. ISBN 978-0-670-01823-9. اصل نسخو مان 31 March 2012 تي محفوظ ڪيل.
  • Walvin, James (2011). The Zong : a massacre, the law and the end of slavery. New Haven: Yale University Press. ISBN 978-0-300-18075-6. OCLC 758389538. (ISBN)

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]