مواد ڏانھن هلو

غسل خانو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
20 صدي عيسويءَ جي شروعاتي دور جي غسل خاني جو هڪ خاڪو، جنهن ۾ باٿ ٽب، ٻہ ٽوال، هڪ فلش ٽوائلٽ، هڪ سِنڪ ۽ ٻہ آئينا نظر اچن ٿا.

غسل خانو (Bathroom) هڪ اهڙو ڪمرو آهي جتي ماڻهو پنھنجو جسم يا جسم جا حصا ڌوئيندا آهن. ان ۾ هيٺين مان هڪ يا وڌيڪ شيون ٿي سگهن ٿيون: هڪ شاور، هڪ باٿ ٽب، هڪ بِيڊيٽ (bidet) ۽ هڪ سِنڪ (جنھن کي برطانيہ ۾ واش بيسن بہ چيو ويندو آهي). اڪثر ڪري هن ۾ هڪ ٽوائلٽ (تخليو) پڻ شامل هوندو آهي. ڪجهہ ملڪن ۾ رڳو ٽوائلٽ وارن ڪمرن کي بہ اصطلاحي طور "باٿ روم" يا "واش روم" چيو ويندو آهي، جڏهن تہ برطانوي انگريزيءَ ۾ انهن کي "لو" (loo) يا "واٽر ڪلوزيٽ" (WC) چيو وڃي ٿو.[1][2] تاريخي طور تي، وهنجڻ اڪثر هڪ اجتماعي سرگرمي هوندي هئي جيڪا عوامي حمامن ۾ ٿيندي هئي. ڪجهه ملڪن ۾ جسم جي صفائيءَ جو هي سماجي پھلو اڃا بہ اهم آهي، جھڙوڪ جاپان ۾ سينٽو ۽ اسلامي دنيا ۾ حمام (جنھن کي اولھ/مغرب ۾ "ترڪش باٿ" چيو ويندو آهي).

قسم ۽ اصطلاح

[سنواريو]
فرانس ۾ هڪ غسل خانو، جنهن ۾ باٿ ٽب ۽ شاور آهي پر ٽوائلٽ ناهي.

دنيا ۾ غسل خاني جي بناوٽ ۽ ان لاءِ استعمال ٿيندڙ اصطلاحن ۾ فرق ملي ٿو. هڪ "مڪمل باٿ روم" (full bathroom) ۾ عام طور تي باٿ ٽب يا شاور، ٽوائلٽ ۽ سنڪ هوندو آهي. هڪ اين سوئيٽ (en suite) باٿ روم سڌو سنئون بيڊ روم سان ڳنڍيل هوندو آهي. جڏهن تہ هڪ "جيڪ اينڊ جلي باٿ روم" (Jack and Jill bathroom) ٻن الڳ بيڊ رومن جي وچ ۾ هوندو آهي جيڪو ٻنهي بيڊ رومن جا رهواسي استعمال ڪندا آهن.[3] آمريڪا ۾، باٿ رومن جي درجابندي "هالف باٿ" (صرف ٽوائلٽ ۽ سنڪ) يا "ٿري فورٿ (3/4) باٿ" (ٽوائلٽ، سنڪ ۽ شاور) جي صورت ۾ ڪئي ويندي آهي. ڪينيڊا ۾، گهرن ۽ عوامي هنڌن تي اهڙي ڪمري لاءِ "واش روم" جو لفظ وڌيڪ استعمال ٿيندو آهي.[4]

بناوٽ جا اصول

[سنواريو]

پلمبنگ (Plumbing)

[سنواريو]

غسل خاني جي ڊيزائن ۾ گرم ۽ ٿڌي پاڻيءَ جي وڏي مقدار ۾ فراهمي ۽ گندي پاڻيءَ جي نيڪال (سيوريج يا سيپٽڪ ٽانڪي تائين) جو خيال رکڻ ضروري هوندو آهي. غسل خاني جي ڀتين ۽ فرش تي اهڙو مواد استعمال ڪيو ويندو آهي جيڪو پاڻيءَ کان متاثر نہ ٿئي، جھڙوڪ سيرامڪ ٽائلون، شيشو يا پلاسٽڪ.

بجلي (Electricity)

[سنواريو]

بجليءَ جا اوزار جھڙوڪ روشنيون، هيٽر ۽ گرم ٽو ريل (towel rails) مستقل طور تي فڪس هجڻ گهرجن تہ جيئن بجليءَ جي جهٽڪي (electric shock) کان بچي سگهجي. آمريڪا ۽ ڪينيڊا ۾ غسل خانن ۾ "گرائونڊ فالٽ سرڪٽ انٽرپرٽر" (GFCI) ساڪيٽ لڳائڻ لازمي آهي تہ جيئن حادثي کان بچي سگهجي.

تاريخ

[سنواريو]
موهن جو دڙو جو عظيم حمام

وهنجڻ جي طريقن جو پھريون رڪارڊ 3000 قبل مسيح تائين ملي ٿو. ان دور ۾ پاڻيءَ جي وڏي مذهبي اهميت هئي ۽ ان کي جسم ۽ روح جي پاڪيزگي جو ذريعو سمجهيو ويندو هو. سنڌو تھذيب جي لڳ ڀڳ سڀني گهرن ۾ غسل خانو هوندو هو. غسل خانو اڪثر ڪري گرائونڊ فلور تي هوندو هو ۽ پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ فرش ۾ سوراخ ۽ ديوارن ۾ پڪي مٽيءَ جا پائپ لڳل هوندا هئا، جيڪي شھر جي مکيہ ڊرينيج سسٽم سان ڳنڍيل هئا.[5] قديم يوناني ۽ رومي تھذيبن ۾ بہ وهنجڻ کي طرزِ زندگيءَ جو اهم حصو سمجهيو ويندو هو. رومي ماڻهن وڏا عوامي حمام (thermae) تعمير ڪرايا هئا جيڪي نہ صرف وهنجڻ پر سماجي گڏجاڻين جا مرڪز پڻ هوندا هئا.

گيلري

[سنواريو]

پڻ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. Hitt, Christine (June 27, 2023). "How is a bathroom referred to in England?". Travel Asker.
  2. "bathroom". Marriam-Webster). Retrieved 2024-05-10.
  3. Hirsch, William J. (2008). Designing Your Perfect House. Dalsimer Press. pp. 94–95. ISBN 9780979882036.
  4. "Washroom vs. restroom: Why do Canadians say one and Americans the other?". National Post. 29 August 2024. Retrieved 29 August 2024.
  5. Teresi, Dick (2002). Lost Discoveries: The Ancient Roots of Modern Science—from the Babylonians to the Maya. New York: Simon & Schuster. pp. 351–352. ISBN 0-684-83718-8. https://archive.org/details/lostdiscoveriesa00tere/page/351.