عيسائيت جي تاريخ

عيسائيت جي تاريخ (History of Christianity) حضرت عيسيٰ عليه السلام جنهن کي عيسائي "جيزز" (Jesus) چئين ٿا، سان شروع ٿئي ٿي، جيڪا فلسطين جي شهر ناصره ۾ پيدا ٿيا ۽ بني اسرائيل جا هڪ مبلغ ۽ استاد هئا ۽ عيسائين مطابق، هنن کي يروشلم ۾ 30-33 عيسوي ۾ صليب تي چاڙهيو ويو هو. سندس پوئلڳن اعلان ڪيو ته هو خدا جو پٽ آهي ۽ مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو آهي. ان کان پوءِ ٻن هزار سالن ۾، عيسائيت سڄي دنيا ۾ پکڙجي وئي آهي ۽ دنيا جو سڀ کان وڏو مذهب بڻجي وئي آهي، جن جا ٻه ارب کان وڌيڪ پيروڪار آهن.
شروعات ۾ عيسائيت گهڻو ڪري شهري بنيادن تي هڪ مذهبي تحريڪ هئي، ان جو مذهبي متن پهرين صدي ۾، عيسيٰ عليه السلام جي وڃڻ جي 70 سال پوءِ لکيو ويو هو ۽ هڪ رسمي چرچ جو نظام قائم ڪيو ويو، جيڪا ٽئين صدي تائين ڏهه لک کان وڌيڪ پيروڪارن تائين وڌيو. قسطنطين اعظم "ميلان جو فرمان" جاري ڪيو ۽ سال 315ع ۾ ان کي سلطنت جو قانوني مذهب جو درجو ڏنو. عيسائي مذهبي فن، فن تعمير ۽ ادب چوٿين صدي دوران پروان چڙهيو، پر مخالف مذهبي عقيدن، توحيد ۽ تثليث جي بنياد تي ورهائي وئي. سال 325ع جو نيڪايا جو عقيدو، نسطورين فرقو، اوڀر ۽ مشرقي آرٿوڊوڪس جو چرچ هن ورهاست مان پيدا ٿيا. رومي سلطنت پهريان توحيد ۽ پوء تثليث جي عقيدي کي سرڪاري طور اپنايو. سال 476ع ۾ رومي سلطنت جو خاتمو ٿيو ۽ اولهائين پوتر رومي سلطنت ۽ اوڀرين بازنطيني سلطنت ۾ ورهائي وئي.
سال 476ع ۾ روم جي زوال کان پوءِ، مغربي راهبن ثقافت کي محفوظ ڪيو ۽ سماجي خدمتون مهيا ڪيون. پر وچ اوڀر ۽ اتر آفريڪا ۾ اسلام جي مقبوليت جي ڪارڻ ڪيتريون عيسائي برادريون ختم ٿئي ويون، پر عيسائيت يورپ ۾ جاري رهي ۽ اوڀر يورپ جي رياستن کي ٺاهڻ ۾ مدد ڪئي. سال 1054ع ۾، صليبي جنگين دوران، اوڀر-اولهه فرقاواريت، ان ۾ بازنطيني سلطنت جي مشرقي آرٿوڊوڪس چرچ ۽ اولهائين يورپ جي رومن ڪيٿولڪ چرچ کي الڳ ڪيو.
اختلافن جي باوجود، اوڀرين بازنطيني سلطنت مسلمانن جي خلاف اولهائين يورپ سان فوجي مدد جي درخواست ڪئي، نتيجي ۾ صليبي جنگون ٿيون. پوپ گريگوري پاران ڪيل سڌارا وڌيڪ مرڪزي ۽ نوڪر شاهي واري ڪيٿولڪ چرچ جي اڀرڻ جا سبب بڻيا. اندروني ۽ ٻاهرين چئلينجن کي منهن ڏيڻو پيو. چرچ انحراف ڪندڙ عيسائين سان وڙهيو ۽ مرتدن جي خلاف عدالتون قائم ڪيون، ڪيترن مسلمانن ۽ يهودين کي باهه ڏني ساڙيو ويو.
14هين صدي ۾، مغربي فرقو ۽ ڪيترائي يورپي بحران 16هين صدي جي اصلاح جو سبب بڻيا، جڏهن پروٽيسٽنٽ ازم ٺهيو. اصلاح جي تحريڪ پروٽيسٽنٽ مذهبي رواداري ۽ چرچ ۽ رياست جي علحدگي جي وڪالت ڪئي ۽ معاشيات تي اثر انداز ٿي. تڪرار شاهي گهرن طرفان ورتل مذهب جي يورپي جنگين کي تيز ڪيو. عيسائيت آمريڪا، آسٽريليا ۽ نيوزي لينڊ جي نوآبادياتي نظام سان پکڙجي وئي. عيسائيت جي مختلف حصن ۾ روشن خيالي جي دور، آمريڪي ۽ فرانسيسي انقلابن، صنعتي انقلاب ۽ ائٽلانٽڪ غلامن جي واپار کي متاثر ڪيو. ڪجهه پروٽيسٽنٽ بائبل جي تنقيد پيدا ڪئي، جڏهن ته ٻين عقليت جو جواب پان ٿي ازم ۽ مذهبي بحالي سان ڏنو، جنهن نوان فرقا پيدا ڪيا. اڻويهين صديءَ جي مشنرين ڪيترين ئي قومن جي لساني ۽ ثقافتي بنياد رکيا. 20 صديءَ ۾، عيسائيت ايشيا ۽ آفريڪا ۾، خاص طور تي ڏکڻ اوڀر ايشيا ۽ سب صحارا آفريڪا ۾، نوآبادياتي نظام ذريعي پکڙجي وئي. [1]
ابتدائي عيسائيت (27 ع - 312 ع)
[سنواريو]آخري قديم دور (313 - 600)
[سنواريو]ابتدائي وچين دور (600 - 1000)
[سنواريو]اعليٰ وچين دور (1000 - 1300)
[سنواريو]انڪوائريون ۽ اصلاح (1300 - 1650)
[سنواريو]جديد دور (1650 - 1945):
[سنواريو]ٻئي عالمي جنگ کان پوءِ
[سنواريو]پڻ ڏسو
[سنواريو]- ايرين ازم
- نيڪايا جي ڪونسل
- تثليث
- رومن ڪيٿولڪ چرچ
- اوڀرين آرٿوڊوڪس چرچ
In the twentieth century, Christianity declined in most of the Western world but grew in the Global South, particularly Southeast Asia and Sub-Saharan Africa. In the twenty first century, Christianity has become the most diverse and pluralistic of the world's religions embracing over 3000 of the world's languages.[1]
عيسائيت جي تاريخ حضرت عيسيٰ عليه السلام جنهن کي عيسائي "جيزز" (Jesus) چئين ٿا، سان شروع ٿئي ٿي، فلسطين جي شهر ناصره ۾ پيدا ٿيا ۽ هڪ اسرائيلي مبلغ ۽ استاد هئا، جنهن کي، عيسائيت جي عقيدي مطابق، يروشلم ۾ 30-33 عيسوي ۾ صليب تي چاڙهيو ويو هو. سندس پوئلڳن اعلان ڪيو ته هو خدا جو پٽ آهي ۽ مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو آهي. ان کان پوءِ ٻن هزار سالن ۾، عيسائيت سڄي دنيا ۾ پکڙجي وئي آهي ۽ دنيا جو سڀ کان وڏو مذهب بڻجي وئي آهي، جن جا ٻه ارب کان وڌيڪ پيروڪار آهن.
حوالا
[سنواريو]ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]سانچو:Christian History سانچو:Christianity footer سانچو:History of religions سانچو:History of Europe