چين

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

عوامي جمھوريا چين

  • 中华人民共和国
  • Zhōnghuá Rénmín Gònghéguó
Flag of China
{{{coat_alt}}}
جھنڊو قومي نشان
ترانو: 
ايشيا جي نقشي ۾ چين تيز سائي رنگ سان ڏيکاريل. ھلڪي سائي رنگ وارا علائقا چين جي اختيار ۾ ناھن پر چين انھن جو دعويدار آهي
ايشيا جي نقشي ۾ چين تيز سائي رنگ سان ڏيکاريل. ھلڪي سائي رنگ وارا علائقا چين جي اختيار ۾ ناھن پر چين انھن جو دعويدار آهي
گادي جو هنڌ بيجنگ
39°55′N 116°23′E / 39.917°N 116.383°E / 39.917; 116.383
سڀ کان وڏو شهر شنگھائي[1]
دفتري ٻوليون معياري چيني[2][3]
دفتري لپي آسان چيني
تسليم شدہ مقامي ٻوليون [4]
نسلي گروھ
مذهب ڏسو» چين ۾ مذھب
مقامي آبادي چائنيز يا چيني
حڪومت وحداني مارڪسسٽ ليننسٽ ھڪ جماعتي سوشلسٽ ريپبلڪ[6]
شِي جَنپِنگ[7]
لِي ڪَيچِيَانگ
وانگ ڪيشن
لِي زَنشُو
وانگ يانگ
مقننه نيشنل پيپلز ڪانگريس
چين جي قيام جي تاريخ
• شيئا خاندان جي بادشاهي
ت. 2070 ق م
• پھريون شھنشاھي انضمام
221 ق م
• ريپبلڪ جو قيام
1 جنوري 1912
• خانہ جنگي بعد پيپلز ريپبلڪ جو اعلان
21 سيپٽمبر 1949[8][9]
• ڪميونسٽ انقلاب
1 آڪٽوبر 1949
• موجودہ آئين
4 ڊسمبر 1982
• ميڪائو تي اختيار جي چين جي حق ۾ منتقلي
2 ڊسمبر 1999
پکيڙ
• جملي
9٬596٬961 km2 (3٬705٬407 sq mi)[10] (3rd)
• پاڻي (%)
2.8%
آبادي
• 2016 اندازو
1,403,500,365 Increase2.svg[11] (1st)
• 2010 مردم شماري
1,339,724,852 (1st)
•  گھاٽائي
[اوزا تبديل: invalid number] (83rd)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2017 لڳ ڀڳ
• ڪل
$23.122 ٽرلين ڊالر [13] (1st)
• في سيڪڙو
$16,624[13] (77th)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2017 لڳ ڀڳ
• ڪل
$11.938 ٽرلين ڊالر [13] (2nd)

چين(انگريزي: China ) جنھن جو سرڪاري نالو عوامي جمهوريه چين (انگريزي: People's Republic of China ) آھي اوڀر ايشيا ۾ واقع ھڪ ملڪ آھي جيڪو آبادي جي لحاظ کان دنيا جو سڀ کان وڏو ملڪ آهي. ان جي آبادي ھڪ ارب چاليھ ڪروڙ آھي. روس ، ڪيناڊا، يونائيٽيڊ اسٽيٽس کان پوءِ دنيا جو چوٿون وڏو ملڪ آهي[16] . ان جي پکيڙ 95,72,900 چورس ڪلوميٽر آھي.انسائيڪلوپيڊيا برٽنيڪا مطابق چين پکيڙ ۾ روس ۽ ڪيناڊا کان پوءِ دنيا جو ٽيون نمبر وڏو ملڪ آهي جڏهن ته يونائيٽيڊ اسٽيٽس 95,25,067 چورس ڪلوميٽر جي پکيڙ سان چوٿون نمبر وڏو ملڪ آھي[17] تائيوان پڻ چين جو حصو ھيو پر ٻين جنگ عظيم کان پوء ڪميونسٽ انقلاب بعد اھو چين جي ڪميونسٽ نظام جو حصو نہ ٿيو ۽ جمهوريه چين جي نالي سان الڳ ملڪ طور وجود قائم رکيو. ھانگ ڪانگ ۽ ميڪائو ليز تي يورپي ملڪن جي نگراني ۾ رھيا پر ليز ختم ٿين بعد عوامي جمهوريه چين جي نگراني ۾ اچي ويا. روايتي چيني لکڻي ۾ 中國 لکندا آهن، ۽ آسان چيني لکڻي ۾ 中国 لکندا آهن. ھي ملڪ انتظامي طور تي 23 صوبن (جن مان 23ويھون صوبو تائيوان آھي جيڪو تڪراري علائقو آهي)[18], 5 خودمختيار ريجن ۽ 4 سڌي حڪمراني وارين ميونسپالٽين (بيجنگ، شنگھائي، چِيَانجَين ۽چَانگچِنگ ) ۽ ٻن خاص انتظامي ريجن (هانگ ڪانگ ۽ ميڪائو) ۾ ورھايل آھي.
جي ملڪ آمريڪا بعد دنيا جي ٻين وڏي معيشت آھي.

چين جو ظھور دنيا جي شروعاتي تھذيب طور اتر چيني ميدان ۾ پيلي ندي جي ڇوڙ واري علائقي ۾ ٿيو ھو. ھتي ھزارين سال لاڳيتو شاھي گھراڻن جون حڪومتون قائم رھيون جن سڀ کان پھريون گھراڻو شيئا ھيو جنھن جي بادشاھي جي شروعات 21ھين صدي ق م ۾ ٿي. ٽين صدي ق م ۾ چِن گھراڻي جي بادشاھي دوران ھي ملڪ متحد ٿي پھرين چيني ايمپائر بڻيو. ان بعد ھان گھراڻي جي 220ق م کان 206ق م تائين حڪومت قائم ٿي جنھن دور ۾ ھتي ڪاغذ ٺاھڻ جي شروعات ٿي ۽ قطب نما ايجاد ٿيو ۽ زراعت ۽ طب ۾ سڌارا آيا. اھو قديم چين جو ٽيڪنالاجي جي ترقي وارو دؤر ھيو. چينگ گھراڻي جي دؤر (618ع کان 907ع تائين) ۾ بارود ۽ منقوله ٽائيپ جون ايجادون ٿيون ۽ اتر واري سانگ گھراڻي جي دؤر (960ع کان 1127ع تائين) ۾ بارود، قطب نما، ڪاغذ سازي ۽ پرنٽنگ پريس جي ايجادن جي تڪميل عمل ۾ آئي. چينگ واري تھذيب ۾ شاھراھ ريشم واري لنگھ جو آغاز ٿيو جنھن ذريعي ميسوپوٽاميا ۽ آفريڪا کان واپارين جي آمد جي شروعات ٿي. چنگ ايمپائر ۾ چين جون حدون لڳ ڀڳ ساڳيون موجوده دؤر واريون رھيون. 1911 واري انقلاب کان پوء 1912ع ۾ چين ۾ شاھي گھراڻي واري راڄ جو خاتمو ٿيو ۽ جمھوريه چين وجود ۾ آيو. ٻين جنگ عظيم ۾ چين تي جاپان قبضو ڪيو. بعد ۾ چيني گھرو ويڙھ بعد 1949ع م ھتي چيني ڪميونسٽ پارٽي جي سربراھي ۾ مائوزي تنگ عوامي جمهوريه چين جي قيام جو اعلان ڪيو. ڪومنتانگ پارٽي جي حڪومت شڪست کاڌي ۽ تائيوان تائين محدود ٿي وئي. چين ھڪ وحداني سوشلسٽ ۽ ھڪ جماعتي نظام واري ريپبلڪ آھي. ھي ملڪ گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جو دائمي رڪن ملڪ آھي.

تاريخ[سنواريو]

آڳاٽو دور[سنواريو]

زيانرين غار مان ڏھ ھزار سال اڳ جا برآمد ٿيل مٽي جا ٿانوَ

قديم آثارن وارين شھادتن مان ھتي ساڍا ٻاويھ لک سال اڳ ھومني بن مانسن جي رھائش جو پتو پوي ٿو[19]. بيجنگ کان ڪجھ فاصلي تي زھوڪاڊيئن لڳ ھڪ غار مان پوڻا اٺ کان پوڻا ست لک سال اڳ جا ھتي ھومواريڪٽس انسان جا پنڊ پھڻ پڻ مليا آهن جنھن کي پيڪنگ واري ماڻھو جو نالو ڏنو ويو. ھومواريڪٽس انسانن سڀ کان اڳ باھ ٻارڻ سکي ھئي[20] [21] ھونان صوبي جي ڊائو ڪائونٽي ۾ واقع فيان غار مان سوا لک سال کان اسي ھزار سالن تائين پراڻي ھوموسيپيئن انسانن جي ڏندن جا پنڊ پهڻ مليا آهن[22] جيئھو مان ست ھزار سال ق م واري چيني نشانين واري لکڻي جا نشان مليا آهن[23] ڊيمائيڊي لڳ ڇھ ھزار سال ق م پراڻا چيني نشانين واري لکڻي جا آثار مليا آهن[24]

شروعاتي شاھي خاندان[سنواريو]

چوڏھين صدي ق م واري شينگ گھراڻي جي پوئين دور ۾ ينچو نالي گادي واري شھر جا آثار

چين جو پھريون شاھي گھراڻو شيئا ھيو جيڪو 2100 ق م ۾ ظھور ۾ آيو[25][26] ان بعد شينگ گھراڻي جي راڄ جو پتو پوي ٿو[27] جنھن جو راڄ اوڀر چين ۾ پيلي ندي واري ميداني علائقي ۾ سترھين کان يارھين صدي ق م تائين رھيو[28] انھن جي دور جي اوراڪل ھڏين واري لپي چيني ٻولي جي قديم ترين لپي آهي[29][30][31] ۽ جديد چيني اکري نشان ان لپي جي اکري نشانن مان نڪتل آھن[32] شينگ گھراڻي جو راڄ جئو گھراڻي فتح ڪيو جنھن يارھين صدي ق م کان پنجين صدي ق م تائين راڄ ڪيو پر انھن جي اختيارن جي مرڪزيت فوجي جاگيرن ۾ ورھائجي وئي جنھن سان ڪجھ پرنسپلٽين جنم ورتو جن انھن جي اطاعت کان انڪار ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ٽي سؤ سالن تائين جنگ جوٽيندا رھيا جنھن بعد اتي ست طاقتور رياستون باقي بچيون[33].

چيني ايمپائر[سنواريو]

چين جي پھرين شھنشاھ چن شي ھوانگ جنگ جوٽيندڙ رياستن کي ديوار چين ٺاھڻ لاء ھڪ راڄ ۾ متحد ڪيو. ان ديوار جو وڏو حصو منگ گھراڻي جي دؤر سان تعلق رکندڙ آهي

ھڪ رياست جي حاڪم چن شي ھوانگ باقي ڇھ رياستون فتح ڪري 221ق م ۾ جنگن جو خاتمو آڻي چيني ايمپائر جو بنياد وڌو ۽ چن گھراڻي جي جئنگ بادشاھ پاڻ کي شھنشاھ سڏائڻ شروع ڪيو. ھن ايمپائر ۾ قانوني سڌارا نفاذ ڪيا. چيني ٻولي جي اکري نشانن، ماپ جي ايڪن ۽ ڪرنسي جي معيار ۾ اضافو آندو. گاڏن جي سرائين جي ڊيگھ کي وڌرايو ۽ روڊن جي ويڪر ۾ پڻ اضافو ڪرايو. ھن گئانگشي، گوئينگڊانگ ۽ ويٽنام جي يو قبيلن کي فتح ڪيو[34] چن گھراڻي جو دؤر پندرهن سال ھليو ۽ جيئنگ جي وفات بعد سخت پاليسين جي ڪري بغاوتن جنم ورتو[35][36] گھرو ويڙھ شروع ٿي وئي جنھن ۾ سيئنگيينگ ۾ شاھي لائبريري کي ساڙيو ويو[37] 206 ق م ۾ ھان گھراڻي جو راڄ شروع ٿيو جيڪو 220ع تائين جاري رھيو[35][36] ھن ايمپائر جو راڄ فوجي مھمن ذريعي وچ ايشيا ، منگوليا ڏکڻ ڪوريا، چيني يونان، گوئينگڊانگ ۽ اتر ويٽنام تائين ڦھليو. وچ ايشيا ۽ سوگديا تي پھچڻ ڪري ھن ايمپائر شاھراھ ريشم جي ھماليہ جبلن واري انڊيا مان گذرندڙ گس جي بدران وچ ايشيا وارو گس شروع ڪيو ۽ ھان ايمپائر جلد ئي دنيا جي سڀ کان وڏي معيشت بڻجي وئي[38]


ھان گھراڻي جي دؤر ۾ ٻين صدي ق م ۾ ايمپائر جي توسيع وارو نقشو

ھان گھراڻي جي خاتمي سان ھتي ٽن بادشاھتن جنم ورتو[39] سائو وئي واري رياست تي شين گھراڻي (265ع کان 420ع) قبضو ڪيو ۽ ھوئي نالي حاڪم جي بطور ھڪ ڪمزور شھنشاھ جي تاجپوشي تي ٻين رياستن سان گھرو ويڙھ شروع ٿي وئي. اتر چين وارن قبيلن سورھن بادشاھتون قائم ڪري ڇڏيون. زاينبي قبيلي وارن انھن سڀني جو اترئين وئي جي نالي سان انضمام ڪرايو جنھن جي شھنشاھ زاياوين قبائلي نفرتن واري پراڻين پاليسين جو خاتمو آڻي قبيلن کي چيني ثقافت ۾ ضم ڪيو. ڏکڻ چين ۾ جنرل لئيو يو لئيو سانگ گھراڻو کي چن گھراڻي جي جاء تي مضبوط ڪيو. چين اھڙي طرح اترئين ۽ ڏاکڻي ايمپائرن ۾ ورھايل رھيو ۽ اتي انھن ٻنھي گھراڻن جي کوڙ حاڪمن راڄ ڪيو. 581ع ۾ سوئي گھراڻي انھن ٻنھي راڄن کي گڏائي ھڪ ايمپائر ۾ تبديل ڪيو. سوئي گھراڻي جي دؤر ۾ ھان ماڻھن پوري چين ۾ زور ورتو. ھن دؤر ۾ زراعت ۽ معيشت ۾ سڌارا آيا، آبپاشي نظام کي بھتر ڪرڻ لاء چين جو وڏو ڪينال کوٽايو ويو ۽ ٻڌ ڌرم جي سرپرستي ڪئي وئي. سوئي گھراڻي جو راڄ گھڻو نہ ھلي سگھيو . اتر ڪوريا واري جنگ ھارائڻ ۽ عوامي ڪمن لاء عام ماڻھن کان بيگار ۾ ڪم وٺڻ ڪري ماڻھو انھن مان بيزار ٿي پيا[40][41]. ان بعد چئنگ گھراڻي ۽ وري پوء سانگ گھراڻي جو راڄ شروع ٿيو ۽ چين جي معيشت، ٽيڪنالاجي ۽ ثقافت جي سونھري دؤر جو آغاز ٿيو[42] چئنگ ايمپائر اولھ وارن علائقن ۽ شاھراھ ريشم جو ڪنٽرول حاصل ڪيو[43] جنھن سان چيني واپارين جي ميسوپوٽاميا ۽ آفريڪا تائين رسد آسان ٿي[44] ايمپائر جي گادي وارو شھر شانگن دنيا جي وڏن شھري مرڪزن ۾ شمار ٿيڻ لڳو پر پوء اٺين صدي عيسويءَ ۾ بغاوت ٿيڻ جي ڪري تباھي جي ور چڙهي ويو[45] 907ع ۾ چئنگ ايمپائر ڪمزور ٿي ٽٽڻ شروع ڪيو. ان جا فوجي گورنر چوڻ کان نڪري ويا. اڳتي ھلي سانگ گھراڻي وري ايمپائر کي متحد ڪيو. سانگ ايمپائر دنيا جي پھرين رياست ھئي جنھن ڪاغذ واري ڪرنسي ۽ دنيا جي پھرين باقاعده مستقل نيوي فوج جي شروعات ڪئي. ان سامونڊي واپار ۽ جھازسازي جي صنعت کي ھٿي ڏني[46]

ٻارھين صديءَ جي ھڪ پينٽنگ جنھن ۾ سانگ گھراڻي جي ايمپائر جو گاديءَ جو هنڌ بيجنگ (موجوده ڪائيفنگ شھر) ڏيکاريل

ڏھين ۽ يارھين صدي عيسويءَ ۾ چين جي آدمشماري ٻيڻي ٿي چڪي هئي جيڪا لڳ ڀڳ ڏھ ڪروڙ ھئي. گھڻي ڀاڱي وڌڻ جو سبب وچ چين ۽ ڏکڻ چين ۾ چانورن جي فصل ۾ واڌ ھيو جنھن سان چانورن جي پيداوار م وڏو اضافو آيو ۽ کاڌي جي فراواني ٿي وئي. سانگ گھراڻي جي دؤر ۾ ٻڌازم جي ڀيٽ ۾ نئين ڪنفيوشسزم کي فروغ مليو[47]، فن ۽ فلسفي ترقي ڪئي [48][49] سانگ گھراڻي جي فوجي ڪمزوري جو فائدو جرچن ماڻهن جي شين گھراڻي ورتو جنھن بيئنجنگ شھر تي قبضو ڪيو. شين گھراڻي جو راڄ 1115ع کان 1234ع تائين ھليو[50]. 1271ع ۾ منگولن چين فتح ڪيو ۽ منگول سردار قبلائي خان يوئن گھراڻي جي ايمپائر جو بنياد وڌو. 1297ع تائين يوئن گھراڻي سانگ گھراڻي جا آخري بچيل علائقا فتح ڪري ورتا. منگولن جي آمد کان اڳ سانگ گھراڻي جي ايمپائر ۾ چين جي آبادي 12 ڪروڙ تائين ٿي چڪي هئي پر منگولن جي دور 1300ع ۾ گھٽجي ڇھ ڪروڙ تائين ٿي وئي[51]. ژيو يوئنژانگ نالي ھڪ ھاري يوئن گھراڻي جو 1368ع ۾ خاتمو آندو ۽ منگ گھراڻي جو بنياد رکيو اھڙي طرح ان گھراڻي جو شھنشاھ ھنگوو گادي تي ويٺو. منگ گھراڻي جو دؤر سان چين جو ھڪ دفعو ٻيھر سونھري دؤر شروع ٿيو. معيشت مضبوط ٿي ۽ بحري فوج دنيا جي مضبوط ترين بحريه بڻجي وئي. فن ۽ ثقافت کي فروغ مليو. ان گھراڻي جي دؤر ۾ ايڊمرل ژينگ ھي ھندي سمنڊ جا اوڀر آفريڪا تائين سفر ڪيا[52]

منگ ايمپائر جي توسيع

منگ گھراڻي جي شروعاتي دؤر ۾ ايمپائر جي گادي جو هنڌ نانچنگ شھر کان بيجنگ منتقل ڪيو ويو[53] 1644ع ۾ لي زيچانگ جي اڳواڻي م ھارين جي باغي ويڙھاڪن بيجنگ تي قبضو ڪيو. شڪست وقت شھنشاھ چاگجين خودڪشي ڪري ڇڏي. لي زيچانگ جي شن گھراڻي جو جلد ئي چنگ گھراڻي جي مانچو منگ گھراڻي جي جنرل وو سانگوئي جي مدد سان خاتمو آندو ۽ بيجنگ جو ڪنٽرول سنڀاليو. اھڙي طرح بيجنگ ۾ چنگ گھراڻي جي راڄ جي شروعات ٿي.

آخري چنگ گھراڻي جي ايمپائر[سنواريو]

اوڻويھون صدي ۾ ٿيل تائيپنگ بغاوت (1850–1864)

چنگ گھراڻي جي ايمپائر 1644ع کان 1912ع تائين قائم رهي. اھو چين جو آخري شاھي خاندان ھيو. منگ گھراڻي کان چنگ گھراڻي وٽ ايمپائر جي منتقلي واري گھرو ويڙھ (1618–1683) ۾ اڍائي ڪروڙ ماڻھو ھلاڪ ٿيا ۽ چين جي معيشت تباھ ٿي ھڪ ننڍڙي معيشت ۾ تبديل ٿي وئي[54] ڏکڻ چين ۾ منگ جي خاتمي بعد منگوليا، تبت ۽ چنگجيانگ ۽ زنگار خانيٽ فتح ڪري ايمپائر ۾ شامل ڪيا ويا[55] چنگ مخالف جذبات کي ڪچلڻ لاءِ مرڪزي آپيشاهي قائم ڪئي وئي. زراعت کي فروغ ۽ واپار کي روڪيو ويو [56][57] اوڻويھين صدي ۾ چنگ ايمپائر جون برطانيا ۽ فرانس سان آفيم واريون جنگون لڳيون. ھانگ ڪانگ ان کان کسي برطانيا ۾ شامل ڪيو ويو ۽ چين کي معاوضي ادا ڪرڻ لاء مجبور ڪيو ويو ۽ معاھدن ھيٺ بندرگاھون ورتيون ويون[58] 1842ع ۾ نانڪنگ وارو معاھدو ڪيو ويو. 1894 ۽ 1895ع ۾ جاپان جنگ شروع ڪري ڪوريائي اپٻيٽ ۽ تائيوان وارو ٻيٽ چيني ايمپائر کان کسي ورتا[59]. 1876 کان 1879ع ۾ اتر چين ۾ ڏڪار آيو جنھن ۾90 لکن کان 130 لکن تائين ماڻھو فوت ٿي ويا[60]. 1898ع ۾ شھنشاھ گئانگشو ملڪ ۾ جديد آئيني بادشاهت جي قيام لاء سڌارا شروع ڪيا پر ملڪه ڊويجر سڪسي انھن ۾ رڪاوٽون وڌيون. باڪسر واري بغاوت (1899–1901) ايمپائر کي وڌيڪ ڪمزور ڪري ڇڏيو. 1911- 1912ع واري چنھائي انقلاب چنگ گھراڻي جي راڄ جو خاتمو آڻي ڇڏيو ۽ ريپبلڪ جو قيام عمل ۾ آيو. جمھوريه چين 1912ع کان 1949ع تائين قائم رھيو.

جمھوریه چين[سنواريو]

سن يات سين 1912ع ۾ ريپبلڪ آف چين جو اعلان ڪندي

پھرين جنوري 1912ع ۾ چين ريپبلڪ ۾ تبديل ٿي ويو ۽ ڪومنتانگ پارٽي (نيشنل پارٽي) جو اڳواڻ سن يات سين چين جو عارضي صدر مقرر ٿيو[61] صدارت پعد ۾ اڳوڻي چنگ ايمپائر جي جنرل يوئان شڪائي جي حوالي ڪئي وئي جنھن 1915ع ۾ پاڻ کي چين جو شھنشاھ قرار ڏئي ڇڏيو. چين ۾ ان جي سخت مذمت ڪئي وئي، خود سندس پارٽي بيئينگ آرمي ان جي مخالفت ڪئي. ھن کي اقتدار ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو ۽ ٻيھر ريپبلڪ جو قيام عمل ۾ آيو[62] 1916ع ۾ يوئان شڪائي جي وفات بعد چين سياسي طور تي ورھائجي ويو هو. بيجنگ درحقيقت بي اختيار ٿي وئي ھئي علائقائي فوجي سردارن چين جي وڏي حصي تي ڪنٽرول رکيون ويٺا هئا[63][64] 1920ع واري ڏھاڪي ۾ جمھوريه چين جي ملٽري اڪيڊمي جي پرنسيپال چيانگ ڪائي شيڪ جي سربراهي ۾ ڪومنتانگ ملڪ کي متحد رکيو[65][66] ڪومنتانگ حڪومت ملڪ جي گادي جي ھنڌ کي بيجنگ کان نانچنگ منتقل ڪيو ۽ سياسي عمل جي سن يات سين جي ڏنل خيالن مطابق نگھباني ڪندي چين جي رياست کي ھڪ جديد جمھوري رياست ۾ تبديل ڪيو[67][68] چيني فوجي اڳواڻن ۾ نفاق جي ڪري چيانگ ڪائي شيڪ لاء چيني ڪميونسٽن جي پيپلز لبريشن آرمي سان ويڙھ مشڪل ٿي پئي. اھا ويڙھ ڪومنتانگ 1927 کان جاري رکندي پئي آئي. 1936ع ۾ جاپاني حملي کان اڳ ڪومنتانگ پيپلز لبريشن آرمي جي لانگ مارچ کي شڪست ڏيندي پئي آئي [69]

چيانگ ڪائي شيڪ ۽ مائوزي تنگ ٻين جنگ عظيم جي خاتمي تي جام لھرائيندي

ٻين چين جاپان جنگ 1937ع کان 1945 تائين جاري رھي. ان جنگ ۾ چين جي دفاع لاء ڪومنتانگ ۽ پيپلز لبريشن آرمي پاڻ ۾ اتحاد ڪري گڏجي جنگ وڙھي. ان جنگ ۾ ٻہ ڪروڙ چيني مارجي ويا[70] جاپاني قبضي دوران لڳ ڀڳ 40000 کان 300000 چيني رڳو نانڪنگ واري قتل عام ۾ ھلاڪ ٿيا[71] ٻين جنگ عظيم دوران چين جو شمار اتحادين ۾ ھيو[72] گڏيل قومن جي پڌرنامي ۾ پڻ ان کي چئن وڏين طاقتن سان گڏ ھڪ طاقتور ملڪ طور تسليم ڪيو ويو[73][74] ان کي جنگ جي اھم فاتح ملڪن ۾ شمار ڪيو ويو[75][76] 1945 ۾ جاپان جي پيش پوڻ بعد تائيوان ۽ پيسڪيڊورس واري ٻيٽن جي جھرمٽ کي واپس چين اختيار حوالي ڪيو ويو. جنگ پوري چين کي تباھ ڪري ڇڏيو هو. ٻين جنگ عظيم جي خاتمي بعد وري ڪومنتانگ ۽ پيپلز لبريشن آرمي وچ ۾ گھرو ويڙھ شروع ٿي وئي. 1947 ۾ آئين جي حڪمراني بحال ڪئي وئي[77]

عوامي جمهوريه چين جو قيام[سنواريو]

1949ع ۾ چيئرمين مائوزي تنگ عوامي جمهوريه چين جي قيام جو اعلان ڪندي

1949ع ۾ چين جو لڳ ڀڳ سمورو علائقو ڪميونسٽ پارٽي جي اختيار ۾ اچي چڪو هو. ڪومنتانگ شڪست کائيندي تائيوان ۽ ٻين ٻيٽن تائين محدود ٿي وئي. 21 سيپٽمبر 1949ع تي چيئرمين مائوزي تنگ عوامي جمهوريه چين جي قيام جو اعلان ڪري ڇڏيو[78][79][80] تيان مين اسڪوائر تي ان جو جشن ملهايو ويو[81] 1950ع ۾ پيپلز لبريشن آرمي ھائنان ٻيٽ تائيوان واري جمھوريه چين جي حڪومت کان کسي ورتو[82] ۽ تبت کي عوامي جمھوريه چين ۾ ضم ڪري ڇڏيو[83] اولھ چين ۾ ڪومنتانگ جي مسلمانن طرفان بغاوت 1950 کان 1958ع تائين جاري رهندي آئي[84]

1979ع ۾ عوامي جمهوريه چين جو ڊينگ شيائوپنگ آمريڪي صدر جمي ڪارٽر سان گڏ

انقلابي حڪومت زرعي سڌارا آڻي ھارين ۾ پنھنجي مقبوليت کي مستحڪم ڪيو. ان دوران ڏھ کان ويھ لک زميندارن کي ماريو ويو[85] چين ھڪ الڳ صنعتي نظام جوڙيو ۽ پنھنجا ايٽمي ھٿيار ٺاھڻ شروع ڪيا[86] 1950 ۾ چين جي آبادي 55 ڪروڙ ھئي جيڪا 1974 ۾ وڌي 90 ڪروڙ ٿي وئي[87] 1966ع ۾ مائوزي تنگ ۽ ان جي حامين ثقافتي انقلاب شروع ڪيو جيڪو مائوزي تنگ جي 1976ع ۾ وفات تائين جاري رهيو. 1971 ۾ عوامي جمهوريه چين گڏيل قومن ۾ تائيوان واري جمھوريه چين جي جاء ورتي ۽ سيڪيورٽي ڪائونسل جو دائمي رڪنيت پڻ حاصل ڪئي[88]. 1978۾ عوامي جمهوريه چين سوشلسٽ نظام ۾ گڏيل معيشت جو آغاز شروع ڪيو[89] 4 ڊسمبر 1982 تي چين ۾ موجوده آئين نافذ ٿيو. 1989ع ۾ تيان مين اسڪوائر تي احتجاج ڪندڙ شاگردن جي قتل عام جو واقعو پيش آيو. 2081ع ۾ ھن ملڪ ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن ۾ شموليت اختيار ڪئي. 2012 کان وٺي ھن ملڪ تي چين جي ڪميونسٽ پارٽي جو جنرل سيڪريٽري شي جنپنگ اقتدار ۾ آھي. ان ھڪ ٻار واري پاليسي ۾ تبديلي آندي، جيلن کي سڌاريو ۽ ڪرپشن جي خلاف عملي قدم کنيا. 2019 ۾ ھن ملڪ ۾ ڪووڊ 19 وائرس واري وبا شروع ٿي.

جاگرافي[سنواريو]

چين اوڀر پاسي سمنڊن سان لڳي ٿو جن ۾ اوڀر چائنا سمنڊ، ڪوريا جو نار (Bay), پيلو سمنڊ، ۽ ڏکڻ چائنا سمنڊ جيڪو ڪوريا کان ويٽ نام تائين ڦھليل آھي. چين جو محل وقوع اتر ۾ 35 00 ڊگري ۽ اوڀر ۾ 105 00 تي آهي. پکيڙ 9,596,960 چورس ڪلوميٽر، جنھن ۾ 9,326,410 چورس ڪلوميٽر خشڪي ۽ 270,550 چورس ڪلوميٽر پاڻي آھي. زمين سان ملندڙ ھن جي سرحد 22,457 ڪلوميٽر آهي جيڪا چوڏھن ملڪن سان مليس ٿي جن ۾ افغانستان 91 ڪلوميٽر، ڀوٽان 477 ڪلوميٽر، برما 2,129 ڪلوميٽر، انڊيا 2,659 ڪلوميٽر، قزاخستان 1,765 ڪلوميٽر، اتر ڪوريا 1,352 ڪلوميٽر، ڪرغزستان 1,063 ڪلوميٽر، لائوس 475 ڪلوميٽر، منگوليا سان 4,630 ڪلوميٽر، نيپال 1,389 ڪلوميٽر ، پاڪستان 438 ڪلوميٽر، روس اتر ۽ اوڀر پاسي کان 4,133، روس اتر اولھ 46 ڪلوميٽر، تاجڪستان 477 ڪلو ميٽر ويٽنام 1,297 ڪلوميٽر، علائقائي سرحد ۾ ھانگ ڪانگ 33 ڪلوميٽر، ميڪائو 3 ڪلوميٽر. چين جي 14,500 ڪلوميٽر سرحد مٿي ڄاڻايل سمنڊن سان لڳي ٿي . سندس سمنڊن ۾ پنھنجي سرحد کان 12 ناٽيڪل ميل تائين جو دعويدار آهي. سامونڊي سطح کان سراسري بلندي 1,840 ميٽر آهي. سڀ کان اونھو مقام ڪرپشن پينڊي جو 154 ميٽر سمند جي سطح کان ھيٺ آھي. اوچو مقام مائونٽ ايوريسٽ آھي جيڪو 8,848 ميٽر بلند آهي . چين جا قدرتي وسيلا ڪوئلو، ڪچو لوھ، پيٽروليم، قدرتي گيس، پارو، ٽين، ٽنگسٽين، سرمو، مينگنيز، موليبڊينم، وينيڊيم، ميگنيٽائيٽ، اليومنيم، شيھو، جست، يورينيم. چين جي 54.7 سيڪڙو زمين زرعي آھي. جنھن مان 11.3 سيڪڙو تي مستقل فصلن جي پوکي ٿيندي آهي،41.8 چراگاھون، 22.3 ٻيلا اٿس.آبپاشي واري زمين ڪل 690,070 چورس ڪلوميٽر اٿس. ايشيا جو مڪمل ملڪن ۾ پکيڙ ۾ سڀ کان وڏو ملڪ آهي [90]

سياسي نظام[سنواريو]

چيني ڪميونسٽ پارٽي جو ۽ چيني حڪومت جي رياستي ڪائونسل جو صدر مقام زونگنانھاء

موجوده آئين مطابق عوامي جمهوريه چين ھڪ سوشلسٽ رياست آھي جنھن جي حڪومت عوامي جمھوري آمريت تحت ڪم ڪندي جنھن جي اڳواڻي مزدور ۽ ھاري اتحاد ذريعي ڪئي ويندي ۽ رياستي ادارا جمھوري مرڪزيت جي اصول تحت ڪم ڪندا[91]


چيني ڪميونسٽ پارٽي ملڪ جي باني ۽ حاڪم پارٽي آھي
شي جنپنگ
چيني ڪميونسٽ پارٽي جو جنرل سيڪريٽري ۽ عوامي جمهوريه چين جو صدر
لي ڪيچيانگ
عوامي جمهوريه چين جو پريميئر
لي زنشو
نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو چيئرمين

چين ھڪ جماعتي نظام واري رياست آھي جنھن تي ملڪ جي ڪميونسٽ پارٽي حڪمران آهي. 2018 ۾ نيشنل پيپلز ڪانگريس آئين ۾ تبديلي ڪري صدر لاء ٻن مدن واري حد جو شرط ختم ڪري ڇڏيو جنھن ڪري زي جنپنگ ٽيون ڀيرو ملڪ جو صدر چونڊيو ويو[92][93] صدر رياستي سربراھ ھوندو آھي جنھن کي نيشنل پيپلز ڪانگريس چونڊيندي آھي. حڪومت جو سربراھ پريميئر سڏبو آهي جيڪو رياستي ڪائونسل جي صدرات ڪندو آهي جنھن جا رڪن چار وائيس پريميئر، وزارتن جا سربراھ ۽ ڪميشنن جا سربراھ ھوندا آھن[94][95]

تائيوان وارو تنازعو[سنواريو]

چين جا پاڙيسري ملڪن سان سرحدي تنازعن جو نقشو.

عوامي جمھوريه چين جي قيام واري ڏينهن کان ھي ملڪ تائيوان ۽ ڀرواري ٻيٽن جو دعويدار آھي. ھي ملڪ تائيوان کي پنھنجو صوبو قرار ڏئي ٿو ڪنمين ۽ ماتسيو کي چين پنھنجي صوبي فوجيئن جو حصو قرار ڏئي ٿو. پر اھي ٻيٽ ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ تائيوان وارو جمھوريه چين پنھجن صوبن ھائنان ۽ گوئينگڊانگ جو حصو قرار ڏئي ٿو[96]


سرحدي تڪرار[سنواريو]

چين پنھنجا سرحدي تڪرار 14 مان 12 ملڪن سان نبيري ڇڏيا آهن[97][98][99] باقي ڀن ملڪن ۾ انڊيا ۽ ڀوٽان اچي وڃن ٿا.

انتظامي ورهاست[سنواريو]

عوامي جمھوريه چين ۾ 22 صوبا آھن ۽ 23ويھون صوبو تائيوان کي قرار ڏئي ٿو جيڪو اڃثا سندس اختيار ۾ ناھي. ان کان سواءِ ھي ملڪ پنج خودمختيار ريجن ۽ چاري سڌي اختيار وارين ميونسپالٽين ۽ ٻن خاص خطن ھرھڪ ھانگ ڪانگ ۽ ميڪائو ۾ ورھايل آھي[100].


سين‌ڪيانگعلائقو خودمختيار تبتچينگهائيگانسوسيچوآنيون‌ناننينگ‌شيامغولستان داخليشاآنشيچونگ‌ڪينگگوئيزوگوانگشيشانشياستان هنانهوبئيهونانگوانگ‌دونگهاينانهبئيهيلونگ‌جيانگجي‌لينليائونينگپڪنتيانجينشاندونگجيانگسوآن‌هوئيشنگهائيچجيانگجيانگشيفوجيانهنگ ڪنگماڪائواستان تائيوانChina administrative.gif
About this image
صوبا () صوبائي دعویٰ
خودمختيار ريجن (自治区) ميونسپالٽيون(直辖市) خاص انتظامي خطا (特别行政区)

معيشيت[سنواريو]

چين ۽ ٻين وڏين ترقي پذير معيشتن جي جي ڊي پي في ڪس مساوي قوت خريد جي بنياد تي 1990–2013 چين جي تيز معاشي واڌ نيري رنگ سان ڏيکاريل[101]

ناليوار جي ڊي پي جي شرح مطابق 2010 کان وٺي چين دنيا جي ٻين وڏي معيشت آھي[102] ان جي ڪل جي ڊي پي 2018 جي انگن اکرن مطابق 13.5 ٽرلين ڊالر يا 90 ٽرلين يوئان ھئي[103] عالمي بينڪ جي انگن اکرن مطابق مساوي قوت خريد واري جي ڊي پي مطابق 2014 کان چين دنيا جي سڀ کان وڏي معيشت آھي[104] عالمي بينڪ مطابق چين جي جي ڊي پي 1978ع ۾ 150 ارب ڊالر ھئي جيڪا 2018ع ۾ وڌي 13.6 ٽرلين ڊالرن تي پھتي[105] 1978ع ۾ چين اندر معاشي اصلاحن واري وقت کان ان جي معيشت جي واڌ جي شرح 6 سيڪڙو رھي[106] چين برآمدات ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو ۽ درآمدات ۾ دنيا جو ٻيون نمبر وڏو ملڪ آهي[107] 2010ع کان 2019ع تائين عالمي جي ڊي پي ۾ چين جو حصو 25 سيڪڙو کان 39 سيڪڙو تائين رھيو[108][109]. دنيا جي سڀ کان وڏي ڏھ اسٽاڪ ايڪسچينجن مان 3 چين ۾ واقع آھن[110].انھن ۾ شنگھائي اسٽاڪ ايڪسچينج، ھانگ ڪانگ اسٽاڪ ايڪسچينج ۽ شينجن اسٽاڪ ايڪسچينج شامل آهن[111].2020, جي عالمي مالياتي مرڪزن جي اشاريي مطابق دنيا جي سڀ کان وڌيڪَ مقابلي وارن ڏھن ماليتي مرڪزن ۾ چين اندر چار مرڪز: شنگھائي، شينجن، ھانگ ڪانگ ۽ بيجنگ آھن[112]. آڪسفورڊ معاشيات جي ھڪ رپورٽ مطابق 2035 ۾ ناليوار جي ڊي پي جي لحاظ کان دنيا جي ڏھ سڀ کان وڏن شھرن ۾ چين جا چار شھر شامل ھوندا جن ۾ شنگھائي، شينجن، بيجنگ ۽ گوانگجو شامل ھوندا[113]. 2010 کان وٺي چين دنيا جو سڀ کان وڏو مينيوفيڪچرنگ ڪندڙ ملڪ آهي. ان کان اڳ اھو درجو ھڪ سؤ سالن کان آمريڪا جو ھيو[114][115]. 2012ع کان چين ھاء ٽيڪ مينيوفيڪچرنگ ۾ دنيا جو ٻيون نمبر وڏو ملڪ آهي [116] آمريڪا کان پوء دنيا ۾ چين ٻيون نمبر وڏي ريزڪي منڊي آھي[117]. 2016 ۾ دنيا اندر اِي ڪامرس ۽ اڪائونٽنگ ۾ دنيا جي مارڪيٽ م 40 سيڪڙو حصو رکندڙ هو [118] ۽ 2019 ۾ اھو حصو وڌي 50 سيڪڙو ٿي ويو[119] چين دنيا ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جي واپار ۾ سڀ کان اڳڀرو آهي. 2018ع ۾ انھن گاڏين جي مينيوفيڪچرنگ ۽ خريداري ۾ اڌو اڌ حصيدار رھيو[120] ڪارن جي بيٽرين ۽ انھن جي ڪچي مال جي پيداوار ۾ بہ پوري دنيا ۾ اڳڀرو آهي [121] 2018 ۾ دنيا ۾ شمسي توانائي جي گنجائش ۾ چين ڪل پيداوار جي گنجائش جو 40 سيڪڙو رکندڙ ھيو[122][123].

آبادي[سنواريو]

جولائي 2017 ۾ چين جي آبادي.1,379,302,771 ھئي. ھتان جا رھاڪو چيني يا چائنيز سڏبا آهن.آبادي جو 91.6 سيڪڙو ھان نسل جا ماڻهو آھن ، باقي آبادي ۾ 1.3 سيڪڙو جئانگ (Zhuang)، 1.3 سيڪڙو ھئي (Hui)۽ 7.1 سيڪڙو منچو (Manchu), ائيگر (Uighur), ميئائو (Miao)، يي (Yi), توجيا ( Tujia), تبتي (Tibetan), منگول، دونگ (Dong), بوييئي (Buyei),يائو (Yao), بائي (Bai), ڪوريائي (Korean),ھاني (Hani),لي،قزاخ، دائي، وغيره شامل آهن. چيني حڪومت مطابق چين ۾ 56 تسليم شده نسلن جا ماڻهو رهن ٿا.

ٻوليون[سنواريو]

چين ۾ سرڪاري ٻولي معياري چيني آھي جنھن کي ماندر (Mandar) چوندا آهن. ان جو لھجو بيجنگ وارو آھي.ٻيون ٻوليون اقليتن جون آھن جن ۾ يئو (Yue) ڪينٽن وارن جي ٻولي، وو (Wu) شنگھائيء وارن جي، منبيئي (Minbei ) فوجائو (Fuzhou) وارن جي، منان (Minnan) تائيواني ھوڪئين (Hokkien-Taiwanese), جئانگ (Xiang), گين (Gan),ھاڪا لھجو ( Hakka dialects) اقليتي گروھن جون ٻوليون آھن.

مذهب[سنواريو]

ھتي 18.2 سيڪڙو آبادي ٻڌازم ، 5.1 سيڪڙو عيسائيت، 1.8 سيڪڙو مسلمان، 21.9 سيڪڙو روايتي لوڪ مذھب ، 0.1 سيڪڙو ھندو، 0.1 سيڪڙو يھودي، 0.7 سيڪڙو ٻيا جن ۾ تائو ازم وارا اچي وڃن ٿا.

پڻ ڏسندا[سنواريو]

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]


سارڪ
افغانستان | بنگلاديش | ڀوٽان | هندستان | پاڪستان | سريلنڪا | نيپال | مالديپ

مبصر: چين | جاپان | آمريڪا | ڏکڻ ڪوريا

حوالا[سنواريو]

  1. Chan, Kam Wing (2007). "Misconceptions and Complexities in the Study of China's Cities: Definitions, Statistics, and Implications" (PDF). Eurasian Geography and Economics 48 (4): 383–412. doi:10.2747/1538-7216.48.4.383. http://courses.washington.edu/chinageo/ChanCityDefinitionsEGE2007.pdf. Retrieved 7 August 2011.  p. 395
  2. "Law of the People's Republic of China on the Standard Spoken and Written Chinese Language (Order of the President No.37)". Chinese Government. حاصل ڪيل 21 June 2013. For purposes of this Law, the standard spoken and written Chinese language means Putonghua (a common speech with pronunciation based on the Beijing dialect) and the standardized Chinese characters. 
  3. {ميڪائو ۾ پورچوگيزي ٻولي ۽ ھانگ ڪانگ ۾ انگريزي}
  4. {url=http://wwchinatoday.com/general/a.htm#LANGU}
  5. {سرڪاري طور تي تسليم ڪيل اقليتون}
  6. "Constitution of the People's Republic of China". The National People's Congress of the People's Republic of China. حاصل ڪيل 8 February 2015. 
  7. "New man at helm: Xi Jinping elected to lead China". RT.com. 15 November 2012. Retrieved 2 January 2013.
  8. Peaslee, Amos J., "Data Regarding the 'People's Republic of China'", Constitutions of Nations, Vol. I, 2nd ed., Dordrecht: Springer, صفحو. 533, ISBN 978-94-017-7125-2 .
  9. Chaurasia, Radhey Shyam, "Introduction", History of Modern China, New Delhi: Atlantic, صفحو. 1, ISBN 9788126903153 .
  10. {{cite web|url=http://unstats.un.org/unsd/demographic/products/dyb/dyb2007/Table03.pdf |title=Demographic Yearbook—Table 3: Population by sex, rate of population increase, surface area and density |publisher=UN Statistics |year=2007 |accessdate=31 July 2010 |deadurl=yes |archiveurl=https://web.archive.org/web/20101224063215/http://unstats.un.org/unsd/demographic/products/dyb/dyb2007/Table03.pdf |archivedate=24 December 2010 |df=
  11. "World Population Prospects: The 2017 Revision". ESA.UN.org (custom data acquired via website). United Nations Department of Economic and Social Affairs, Population Division. حاصل ڪيل 10 September 2017. 
  12. "Population density (people per sq. km of land area)". IMF. حاصل ڪيل 16 May 2015. 
  13. 13.0 13.1 13.2 13.3 "IMF report for China". IMF. 
  14. "China's Economy Realized a Moderate but Stable and Sound Growth in 2015". National Bureau of Statistics of China. حاصل ڪيل 20 January 2016. Taking the per capita disposable income of nationwide households by income quintiles, that of the low-income group reached 5,221 yuan, the lower-middle-income group 11,894 yuan, the middle-income group 19,320 yuan, the upper-middle-income group 29,438 yuan, and the high-income group 54,544 yuan. The Gini Coefficient for national income in 2015 was 0.462. 
  15. "Human Development Report 2016: Human Development for Everyone" (PDF). United Nations Development Programme. حاصل ڪيل 3 April 2017. 
  16. "China". CIA. حاصل ڪيل 3 July 2016. 
  17. [https://www.britannica.com/place/ China "China"] Check value (مدد). Encyclopædia Britannica. حاصل ڪيل 4 December 2017.  line feed character in |url= at position 34 (مدد)
  18. China, Washington Post
  19. Ciochon, Russell; Larick, Roy. "Early Homo erectus Tools in China". Archeology. حاصل ڪيل 30 November 2012. 
  20. "The Peking Man World Heritage Site at Zhoukoudian". UNESCO. وقت 23 June 2016 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 6 March 2013.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  21. Shen, G.; Gao, X.; Gao, B.; Granger, De (Mar 2009). "Age of Zhoukoudian Homo erectus determined with (26)Al/(10)Be burial dating". Nature 458 (7235): 198–200. doi:10.1038/nature07741. ISSN 0028-0836. PMID 19279636. Bibcode2009Natur.458..198S. https://www.semanticscholar.org/paper/d502c36487e27d90c7962fc60d28c48ab16c8f0e. 
  22. Rincon, Paul (14 October 2015). "Fossil teeth place humans in Asia '20,000 years early'". BBC News. https://www.bbc.com/news/science-environment-34531861. 
  23. Rincon, Paul (17 April 2003). "'Earliest writing' found in China". BBC News. http://news.bbc.co.uk/2/hi/science/nature/2956925.stm. 
  24. Qiu Xigui (2000). Chinese Writing. English translation of 文字學概論 by Gilbert L. Mattos and Jerry Norman. Early China Special Monograph Series No. 4. Berkeley: The Society for the Study of Early China and the Institute of East Asian Studies, University of California, Berkeley. ISBN 978-1-55729-071-7.
  25. Tanner, Harold M. (2009). China: A History. Hackett Publishing. pp. 35–36. ISBN 978-0-87220-915-2. https://books.google.com/books?id=VIWC9wCX2c8C&pg=PA35. 
  26. Xia–Shang–Zhou Chronology Project by People's Republic of China
  27. Pletcher, Kenneth (2011). The History of China. Britannica Educational Publishing. p. 35. ISBN 978-1-61530-181-2. https://books.google.com/books?id=A1nwvKNPMWkC&pg=PA35. 
  28. Fowler, Jeaneane D.; Fowler, Merv (2008). Chinese Religions: Beliefs and Practices. Sussex Academic Press. p. 17. ISBN 978-1-84519-172-6. https://books.google.com/books?id=rpJNfIAZltoC&pg=PA17. 
  29. William G. Boltz, Early Chinese Writing, World Archaeology, Vol. 17, No. 3, Early Writing Systems. (Feb. 1986), pp. 420–436 (436).
  30. David N. Keightley, "Art, Ancestors, and the Origins of Writing in China", Representations, No. 56, Special Issue: The New Erudition. (Autumn, 1996), pp.68–95 [68].
  31. Hollister, Pam. "Zhengzhou". ۾ Schellinger, Paul E.; Salkin, Robert M. International Dictionary of Historic Places: Asia and Oceania. Fitzroy Dearborn Publishers. صفحو. 904. ISBN 978-1-884964-04-6. 
  32. Allan, Keith (2013). The Oxford Handbook of the History of Linguistics. Oxford University Press. p. 4. ISBN 978-0-19-958584-7. https://books.google.com/books?id=BzfRFmlN2ZAC&pg=PA4. 
  33. "Warring States". Encyclopædia Britannica. 
  34. Sima Qian, Translated by Burton Watson. Records of the Grand Historian: Han Dynasty I, pp. 11–12. ISBN 0-231-08165-0.
  35. 35.0 35.1 Bodde, Derk. (1986). "The State and Empire of Ch'in", in The Cambridge History of China: Volume I: the Ch'in and Han Empires, 221 B.C. – A.D. 220. Edited by Denis Twitchett and Michael Loewe. Cambridge: Cambridge University Press. ISBN 0-521-24327-0.
  36. 36.0 36.1 Lewis, Mark Edward (2007). The Early Chinese Empires: Qin and Han. London: Belknap Press. ISBN 978-0-674-02477-9. https://archive.org/details/historyofimperia00broo. 
  37. Cotterell, Arthur, The Imperial Capitals of China, Pimlico, صفحا. 35–36 
  38. "Dahlman, Carl J; Aubert, Jean-Eric. China and the Knowledge Economy: Seizing the 21st century". World Bank Publications via Eric.ed.gov. حاصل ڪيل 22 October 2012. 
  39. Whiting, Marvin C. (2002). Imperial Chinese Military History. iUniverse. p. 214
  40. Ki-Baik Lee (1984). A new history of Korea. Harvard University Press. ISBN 978-0-674-61576-2. p.47.
  41. David Andrew Graff (2002). Medieval Chinese warfare, 300–900. Routledge. ISBN 0-415-23955-9. p.13.
  42. Adshead, S. A. M. (2004). T'ang China: The Rise of the East in World History. New York: Palgrave Macmillan. p. 54
  43. Nishijima, Sadao, "The Economic and Social History of Former Han", ۾ Twitchett, Denis; Loewe, Michael, Cambridge History of China: Volume I: the Ch'in and Han Empires, 221 B.C. – A.D. 220, Cambridge: Cambridge University Press, صفحا. 545–607, ISBN 978-0-521-24327-8 
  44. Bowman, John S. (2000). Columbia Chronologies of Asian History and Culture. New York: Columbia University Press. pp. 104–105. https://archive.org/details/columbiachronolo00john. 
  45. City University of HK Press (2007). China: Five Thousand Years of History and Civilization. ISBN 962-937-140-5. p.71 جي
  46. Paludan, Ann (1998). Chronicle of the Chinese Emperors. London: Thames & Hudson. ISBN 0-500-05090-2. p. 136.
  47. Essentials of Neo-Confucianism: Eight Major Philosophers of the Song and Ming Periods. Greenwood Publishing Group. 1999. p. 3. ISBN 978-0-313-26449-8. https://books.google.com/books?id=sjzPPg8eK7sC&pg=PA3. 
  48. "Northern Song dynasty (960–1127)". Metropolitan Museum of Art. حاصل ڪيل 27 November 2013. 
  49. wanfangdata.com.cn http://d.wanfangdata.com.cn/Thesis_Y1795153.aspx. حاصل ڪيل 15 August 2015.  Missing or empty |title= (مدد)
  50. Daily Life in China on the Eve of the Mongol Invasion, 1250–1276. Stanford University Press. 1962. p. 22. ISBN 978-0-8047-0720-6. https://archive.org/details/dailylifeinchina00gern/page/22. 
  51. Ping-ti Ho. "An Estimate of the Total Population of Sung-Chin China", in Études Song, Series 1, No 1, (1970). pp. 33–53.
  52. Rice, Xan (25 July 2010). "Chinese archaeologists' African quest for sunken ship of Ming admiral". The Guardian. https://www.theguardian.com/world/2010/jul/25/kenya-china. 
  53. "Wang Yangming (1472—1529)". Internet Encyclopedia of Philosophy. وقت 9 November 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 9 December 2013.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  54. John M. Roberts (1997). A Short History of the World. Oxford University Press. p. 272. ISBN 0-19-511504-X.
  55. The Cambridge History of China: Volume 10, Part 1, by John K. Fairbank, p37
  56. . 九州出版社. 2010. pp. 104–112. ISBN 978-7-5108-0062-7. 
  57. . 花城出版社. 1996. p. 71. ISBN 978-7-5360-2320-8. 
  58. Ainslie Thomas Embree, Carol Gluck (1997). Asia in Western and World History: A Guide for Teaching. M.E. Sharpe. p.597. ISBN 1-56324-265-6.
  59. "Sino-Japanese War (1894–95)". Encyclopædia Britannica. حاصل ڪيل 12 November 2012. 
  60. "Dimensions of need – People and populations at risk". Food and Agriculture Organization of the United Nations (FAO). حاصل ڪيل 3 July 2013. 
  61. Eileen Tamura (1997). China: Understanding Its Past. Volume 1. University of Hawaii Press. ISBN 0-8248-1923-3. p.146.
  62. Stephen Haw, (2006). Beijing: A Concise History. Taylor & Francis, ISBN 0-415-39906-8. p.143.
  63. Bruce Elleman (2001). Modern Chinese Warfare. Routledge. ISBN 0-415-21474-2. p.149.
  64. Graham Hutchings (2003). Modern China: A Guide to a Century of Change. Harvard University Press. ISBN 0-674-01240-2. p.459.
  65. Peter Zarrow (2005). China in War and Revolution, 1895–1949. Routledge. ISBN 0-415-36447-7. p.230.
  66. M. Leutner (2002). The Chinese Revolution in the 1920s: Between Triumph and Disaster. Routledge. ISBN 0-7007-1690-4. p.129.
  67. Hung-Mao Tien (1972). Government and Politics in Kuomintang China, 1927–1937 (Volume 53). Stanford University Press. ISBN 0-8047-0812-6. pp. 60–72.
  68. Suisheng Zhao (2000). China and Democracy: Reconsidering the Prospects for a Democratic China. Routledge. ISBN 0-415-92694-7. p.43.
  69. David Ernest Apter, Tony Saich (1994). Revolutionary Discourse in Mao's Republic. Harvard University Press. ISBN 0-674-76780-2. p.198.
  70. "Nuclear Power: The End of the War Against Japan". BBC — History. Retrieved 14 July 2013.
  71. "Judgement: International Military Tribunal for the Far East". Chapter VIII: Conventional War Crimes (Atrocities). November 1948. Retrieved 4 February 2013.
  72. Doenecke, Justus D.; Stoler, Mark A. (2005). Debating Franklin D. Roosevelt's Foreign Policies, 1933–1945. Rowman & Littlefield. ISBN 978-0-8476-9416-7. https://books.google.com/books?id=xdMF9rX6mX8C&pg=PA62. 
  73. "The Moscow Declaration on general security". Yearbook of the United Nations 1946–1947. Lake Success, NY: United Nations. 1947. p. 3. OCLC 243471225. http://www.unmultimedia.org/searchers/yearbook/page.jsp?volume=1946-47&page=38. Retrieved 25 April 2015. 
  74. "Declaration by United Nations". United Nations. حاصل ڪيل 20 June 2015. 
  75. Hoopes, Townsend, and Douglas Brinkley. FDR and the Creation of the U.N. (Yale University Press, 1997)
  76. Gaddis, John Lewis (1972). The United States and the Origins of the Cold War, 1941–1947. Columbia University Press. pp. 24–25. ISBN 978-0-231-12239-9. https://archive.org/details/unitedstatesorig0000gadd. 
  77. Tien, Hung-mao (1991). "The Constitutional Conundrum and the Need for Reform". in Feldman, Harvey. Constitutional Reform and the Future of the Republic of China. M.E. Sharpe. p. 3. ISBN 978-0-87332-880-7. https://books.google.com/books?id=xCxMn-2msr8C&pg=PA3. 
  78. "The Chinese people have stood up". UCLA Center for East Asian Studies. وقت 18 February 2009 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 16 April 2006. 
  79. Peaslee, Amos J., "Data Regarding the 'People's Republic of China'", Constitutions of Nations, Vol. I, 2nd ed., Dordrecht: Springer, صفحو. 533, ISBN 978-94-017-7125-2 
  80. Chaurasia, Radhey Shyam, History of Modern China, New Delhi: Atlantic, صفحو. 1, ISBN 978-81-269-0315-3 
  81. Ben Westcott; Lily Lee (30 September 2019). "They were born at the start of Communist China. 70 years later, their country is unrecognizable". CNN. https://www.cnn.com/2019/09/29/asia/china-beijing-mao-october-1-70-intl-hnk/index.html. 
  82. "Red Capture of Hainan Island". The Tuscaloosa News. 9 May 1950. https://news.google.com/newspapers?nid=1817&dat=19500509&id=FUw_AAAAIBAJ&pg=3627,3301880. 
  83. "The Tibetans" (PDF). University of Southern California. وقت 16 October 2013 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 20 July 2013.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  84. John W. Garver (1997). The Sino-American alliance: Nationalist China and American Cold War strategy in Asia. M.E. Sharpe. p. 169. ISBN 978-0-7656-0025-7. https://books.google.com/books?id=ZNCghCIbyVAC&q=C.I.A%20%20Ma%20bufang&pg=PA169. Retrieved 20 July 2013. 
  85. Busky, Donald F. (2002). Communism in History and Theory. Greenwood Publishing Group. p.11.
  86. "A Country Study: China". www.loc.gov. حاصل ڪيل 3 October 2017. 
  87. Madelyn Holmes (2008). Students and teachers of the new China: thirteen interviews. McFarland. p. 185. ISBN 978-0-7864-3288-2. https://books.google.com/books?id=lJK-GRriJAoC. Retrieved 7 November 2011. 
  88. Michael Y.M. Kao. "Taiwan's and Beijing's Campaigns for Unification" in Harvey Feldman and Michael Y. M. Kao (eds., 1988): Taiwan in a Time of Transition. New York: Paragon House. p.188.
  89. Hart-Landsberg, Martin; and Burkett, Paul. "China and Socialism: Market Reforms and Class Struggle". Monthly Review. Retrieved 30 October 2008.
  90. https://www.cia.gov/library/publications/the-world-factbook/geos/ch.html.  Missing or empty |title= (مدد)
  91. "Constitution of the People's Republic of China". The National People's Congress of the People's Republic of China. حاصل ڪيل 20 March 2021. 
  92. Alexander Baturo; Robert Elgie (2019). The Politics of Presidential Term Limits. Oxford University Press. p. 263. ISBN 978-0-19-883740-4. https://books.google.com/books?id=ncSbDwAAQBAJ&pg=PA263. 
  93. Matthew Kroenig (2020). The Return of Great Power Rivalry: Democracy Versus Autocracy from the Ancient World to the U. S. and China. Oxford University Press. pp. 176–177. ISBN 978-0-19-008024-2. https://books.google.com/books?id=dXLKDwAAQBAJ&pg=PA176. 
  94. Shirk, Susan (13 November 2012). "China's Next Leaders: A Guide to What's at Stake". China File. http://www.chinafile.com/chinas-next-leaders-guide-whats-stake. 
  95. Moore, Malcolm (15 November 2012). "Xi Jinping crowned new leader of China Communist Party". The Daily Telegraph. https://www.telegraph.co.uk/news/worldnews/asia/china/9679477/Xi-Jinping-crowned-new-leader-of-China-Communist-Party.html. 
  96. "Chinese Civil War". Cultural-China.com. وقت 12 September 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 16 June 2013. To this day, since no armistice or peace treaty has ever been signed, there is controversy as to whether the Civil War has legally ended. 
  97. "Groundless to view China as expansionist, says Beijing after PM Modi's Ladakh visit". India Today. حاصل ڪيل 13 August 2020. 
  98. Fravel, M. Taylor (1 October 2005). "Regime Insecurity and International Cooperation: Explaining China's Compromises in Territorial Disputes". International Security 30 (2): 46–83. doi:10.1162/016228805775124534. ISSN 0162-2889. 
  99. Fravel, M. Taylor (2008). Strong Borders, Secure Nation: Cooperation and Conflict in China's Territorial Disputes. Princeton University Press. ISBN 9780691136097. 
  100. Kerry Brown (2013). Contemporary China. Macmillan International Higher Education - University of Sydney. p. 7. ISBN 978-1-137-28159-3. https://books.google.com/books?id=BywdBQAAQBAJ&pg=PA7. 
  101. "World Bank World Development Indicators". World Bank. حاصل ڪيل 8 December 2014. 
  102. Kollewe, Justin McCurry Julia (14 February 2011). "China overtakes Japan as world's second-largest economy" (en-GB ۾). The Guardian. ISSN 0261-3077. https://www.theguardian.com/business/2011/feb/14/china-second-largest-economy. 
  103. "China's economy grew 6.6 percent in 2018, officials say". chinaplus.cri.cn. حاصل ڪيل 18 February 2019. 
  104. "GDP PPP (World Bank)". World Bank. حاصل ڪيل 18 February 2019. 
  105. "GDP (current US$) – China". World Bank. حاصل ڪيل 18 February 2019. 
  106. "GDP growth (annual %) – China". World Bank. حاصل ڪيل 25 May 2018. 
  107. White, Garry (10 February 2013). "China trade now bigger than US". The Daily Telegraph. https://www.telegraph.co.uk/finance/economics/9860518/China-trade-now-bigger-than-US.html. 
  108. Roach, Stephen S. "Why China is central to global growth". World Economic Forum. حاصل ڪيل 28 November 2019. 
  109. Desjardins, Jeff. "The Economies Adding the Most to Global Growth in 2019". Visual Capitalist. حاصل ڪيل 28 November 2019. 
  110. "Top 10 Largest Stock Exchanges in the World By Market Capitalization". ValueWalk. حاصل ڪيل 28 November 2019. 
  111. "China's Stock Market Tops $10 Trillion First Time Since 2015" (en ۾). Bloomberg.com. 13 October 2020. https://www.bloomberg.com/news/articles/2020-10-13/china-s-stock-market-tops-10-trillion-for-first-time-since-2015. 
  112. "The Global Financial Centres Index 28" (PDF). Long Finance. حاصل ڪيل 26 September 2020. 
  113. "These will be the most important cities by 2035". World Economic Forum. حاصل ڪيل 2 November 2020. 
  114. Marsh, Peter (13 March 2011). "China noses ahead as top goods producer". Financial Times. https://www.ft.com/content/002fd8f0-4d96-11e0-85e4-00144feab49a. 
  115. Levinson, Marc. "U.S. Manufacturing in International Perspective" (PDF). Federation of American Scientists. 
  116. "Report – S&E Indicators 2018 | NSF – National Science Foundation". www.nsf.gov. حاصل ڪيل 8 July 2019. 
  117. Shane, Daniel. "China will overtake the US as the world's biggest retail market this year". CNN. حاصل ڪيل 18 February 2019. 
  118. Fan, Ziyang; Backaler, Joel. "Five trends shaping the future of e-commerce in China". World Economic Forum. حاصل ڪيل 18 February 2019. 
  119. Lipsman, Andrew. "Global Ecommerce 2019". eMarketer. حاصل ڪيل 28 November 2019. 
  120. Huang, Echo. "China buys one out of every two electric vehicles sold globally". Quartz. حاصل ڪيل 18 February 2019. 
  121. "China Dominates the Global Lithium Battery Market". Institute for Energy Research. حاصل ڪيل 28 March 2021. 
  122. "China Installs 44.3 Gigawatts Of Solar In 2018". CleanTechnica. حاصل ڪيل 18 February 2019. 
  123. "Global PV capacity is expected to reach 969GW by 2025". Power Technology | Energy News and Market Analysis. حاصل ڪيل 18 February 2019.