مواد ڏانھن هلو

عمان گورنريٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
عمان گورنريٽ
محافظة العاصمة
ملڪ  اردن
گادي جو هنڌ عمان
ڊويزنون
Government
 • گورنر سمير مبائضن
Area
 • Total
7,579 ڪ.م2 (2,926 ميل2)
ام الرصاص ۾ سينٽ اسٽيفن چرچ ۾ بازنطيني سلطنت جي دؤر جي ھڪ موزائڪ
اردن جي قديم آثارن جي عجائب گهر ۾ عين غزال، وينس جو 7250 ق.م. وارو مجسمو جيڪو ھن وقت انساني تھذيب جو قديم ترين بت آھي

عمان گورنريٽ، سرڪاري نالو محافظة العاصمة (گادي وارو گورنريٽ)، اردن جو ھڪ صوبو يا گورنريٽ آھي جنھن جو گاديءَ جو هنڌ عمان شھر آھي. عمان شھر جي ضلعي الابدالي ۾ ملڪ جي پارليامينٽ ۽ ملڪي سيڪريٽريٽ واقع آهي. اردن جون 12 گورنريون آھن جن مان عمان گورنري آبادي جي لحاظ کان اردن جي سڀ کان وڏي گورنري آھي. 12 گورنريون 52 لواء يا ناحيه (ضلعن) ۾ ورھايل آھن. عمان گورنري ۾ 9 ضلعا آھن. بلديه عظمي عمان 27 ضلعن تي مشتمل آهي جن ۾ عمان گورنري جا 6 ضلعا پڻ شامل آهن.

انتظامي ورهاست

[سنواريو]
عمان گورنريٽ جا ضلعا 2004ع جي آبادي سميت[2]
ناحيه عربي نالو سب ڊويزن آبادي (2004) انتظامي مرڪز
1 القصبه (گادي وارو ضلعو لواء قصبة امان ڇھن ميٽروپوليٽن ضلعن سميت 552,511 الابدالي
2 مارڪا لواء مارڪا چئن ميٽروپوليٽن ضلعن سميت 483,819 مارڪا
3 القويسمه لواء القويسمة ٽن ميٽروپوليٽن ضلعن سميت 257,260 الجويزہ
4 الجامعة ضلعو لواء الجامعة ڇھن ميٽروپوليٽن ضلعن سميت 279,359 الجبيھة
5 وادي السير لواء وادي السير امان ميٽروپوليٽن جي ٽن ضلعن ۽ 12 شھرن۽ ڳوٺن سميت 173,792 وادي السير
6 ناعور لواء ناعور 25 شھرن ۽ ڳوٺن سميت 66,220 ناعور
7 سحاب ضلعو لواء سحاب 7 شھرن ۽ ڳوٺن سميت 57,037 سحاب
8 الجيزہ لواء الجيزة 62 شھرن ۽ ڳوٺن سميت 42,051 الجيزہ
9 موقر لواء الموقر 26 شھرن ۽ ڳوٺن سميت 30,017 المشڪر

حوالا

[سنواريو]
  1. "Sub-national HDI - Area Database - Global Data Lab". hdi.globaldatalab.org. حاصل ڪيل 2018-09-13. 
  2. 2004 Census آرڪائيو ڪيا ويا July 22, 2011, حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.