علم (عزاداري)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

علم:

سنڌ ۾، گهڻو ڪري عام آهن ۽ سگهڻو ڪري هر شيعي جي گهر جي اڳيان يا اوطاق جي اڳيان علم نصب ٿيل ضرور نظر ايندو. اها سندن عقيدي جي خاص نشاني به آهي. علم هڪڙي سڌي ۽ مناسب ڪاٺيءَ جو ٺهيل هوندو آهي، جنهن جي مٿئين حصي کي جنهن ۾ چار ڪاٺيون سڌيون ۽ چار پاسيريون لڳل هونديون آهن ان کي مدن چوندا آهن. مدن جي مٿان هڪ ڪاٺي هوندي آهي ان ۾ بيرق وجهندا آهن ۽ بيرق واري ڪاٺي جي مٿان ٽامي جي قلعي ڪيل يا چانديءَ يا سون کي ڪلس چاڙهيندا آهن. علم چاڙهڻ کان اڳ ماڻهو علم کي سائو يا ڳاڙهو رنگ ڏيندا آهن، ڪي ته وري علم ۽ مدن تي ڪمانگري جو اعليٰ ڪم ڪرائيندا آهن پوءِ نئين ڪپڙي جي بيرق ٺهرائي اها ۽ ڪلس وجهي محرم جي چنڊ ڏسجڻ سان نهايت احترام سان سينه زني ڪندي، نقاره وڄائيندي، ڪنهن مناسب جاءِ تي نصب ڪندا آهن علم کي سال جي موسمن جي هوائن جي لوڏن کان بچائِ لاءِ ڪجهه رسيون جن ۾ ٿوري ٿوري وڇوٽيءَ تي نم يا سرنهن جون سبز ٽاريون لڳل هونديون آهن، آڻي انهن جو هڪ پاسو مدن جي ڀرسان ۽ ٻيو پاسو ڪنهن مناسب هنڌ تي مناسب هنڌ تي مضبوط ٻڌي ڇڏيندا آهن، انهن رسين کي سهرا چوندا آهن. ائين هر سال محرم جي چنڊ ڏسڻ سان علم نصب ڪندا آهن ۽ وري ذوالحج مهيني جي آخرين ڏهن ڏينهن ۾ علمن کي لاهي مناسب مرمت ڪري وري سينگاري محرم جي چنڊ ڌسجڻ سان چاڙهي ڇڏيندا آهن. علم لاهڻ مهل علم ۾ جيڪو بيرق جو ڪپڙو بچيل هوندو آهي، ان جو ليڙون ليڙون ڪري تبرڪا عقيدتمند ڳچين يا ٻانهن ۾ ٻڌندا آهن. ڪي ماڻهو وري علم کي رنگ ڏيڻ جي بدران مٿس ڪپڙي جو غلاف چاڙهيندا آهن،. اهو ڪپڙو گهڻو ڪري ڪارو هوندو آهي. اهي علم سپاهه حسينيءَ جي علمبردار حضرت عباس عليه السلام سان منسوب هوندا آهن. ۽ جڏهن تعزيه يا علم وغيره نڪرندا آهن، تڏهن ماتمي، انهن نصب ٿيل علمن پٽ به ايندا آهن. عَلم گويا هڪ نشان به آهي ته هتي عزاداري آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page16.html.  Missing or empty |title= (مدد)