علم ڪيميا ۾ نوبل انعام کڻندڙ جي فهرست

علم ڪيميا ۾ نوبل انعام (سويڊش: Nobelpriset i kemi) هر سال رائل سويڊش اڪيڊمي آف سائنسز پاران علم ڪيميا جي مختلف شعبن ۾ سائنسدانن کي ڏنو ويندو آهي. اهو سال 1895ع ۾ الفريڊ نوبل جي وصيت سان قائم ڪيل پنجن نوبل انعامن، ڪيميا، طبيعيات، ادب، امن ۽ فزيالوجي يا طب، مان هڪ آهي، جيڪو علم ڪيميا ۾ شاندار ڪمن لاءِ ڏنو ويندو آهي.[1] هي انعام نوبل فائونڊيشن پاران منظم ڪيو ويندو آهي ۽ علم ڪيميا لاءِ نوبل ڪميٽي جي تجويز تي رائل سويڊش اڪيڊمي آف سائنسز پاران ڏنو ويندو آهي،[2] جن ۾ اڪيڊمي پاران چونڊيل پنج ميمبر شامل آهن.
ڪيميا ۾ پهريون نوبل انعام سال 1901ع ۾ هالينڊ جي ڪيميا دان، جيڪبس هينريڪس وانٽهاف کي ڏنو ويو. هر وصول ڪندڙ کي هڪ تمغو، هڪ ڊپلوما ۽ هڪ مالي انعام، جيڪو مختلف سالن ۾ مختلف رهيو آهي، ملندو آهي.[3] سال 1901ع ۾ وانٽهاف کي 1,50,782 سويڊش ڪرونا (SEK) مليا، جيڪا ڊسمبر، 2007ع ۾ 77,31,004 ڪرونا جي برابر ٿين ٿا. اهو انعام اسٽاڪ هوم ۾ 10 ڊسمبر تي، الفريڊ نوبل جي ورسي واري ڏينهن، تي هڪ سالياني تقريب ۾ پيش ڪيو ويندو آهي.[4]
اٺ سال، 1916ع، 1917ع، 1919ع، 1924ع 1933ع، 1940ع ۽ 1942ع، اهڙا آهن جن لاءِ ڪيميا ۾ نوبل انعام نه ڏنو ويو. اهڙا نو سال به هئا جن لاءِ ڪيمسٽري ۾ نوبل انعام هڪ سال لاءِ ملتوي ڪيو ويو. سال 1914ع ۾ انعام نه ڏنو ويو. ڇاڪاڻ ته ڪيميا جي نوبل ڪميٽي فيصلو ڪيو ته ان سال جي ڪا به نامزدگي ضروري معيار تي پوري نه لهندي آهي. پر اهو سال 1915ع ۾ ٿيوڊور وليم رچرڊز کي ڏنو ويو ۽ 1914ع جي انعام طور ڳڻيو ويو. هي مثال فرٽز هيبر کي 1919ع ۾ ڏنل انعام ۾ ملي ٿي، جيڪو 1918ع جي انعام لاءِ جاري ڪيو ويو. سال 1920ع جو انعام 1921ع ۾ والٿر نرنسٽ کي ڏنو ويو. سال 1921ع جو انعام 1922ع ۾ فريڊرڪ سوڊي کي ڏنو ويو. 1925ع جو انعام 1926ع ۾ رچرڊ زگمونڊي کي ڏنو ويو. 1927ع جو انعام 1928ع ۾ هينرڪ اوٽو وائيلينڊ کي ڏنو ويو، 1938ع جو انعام 1939ع ۾ رچرڊ ڪُهن کي ڏنو ويو، 1943ع جو انعام 1944ع ۾ جارج ڊي هيوزي کي ڏنو ويو، ۽ 1944ع جو انعام 1945ع ۾ اوٽو هان کي ڏنو ويو.
ڪيمسٽري ۾ ٻه نوبل انعام يافته، جرمن رچرڊ ڪُهن (1938) ۽ ايڊولف بُٽينانڊٽ (1939)، کي سندن حڪومت انعام قبول ڪرڻ جي اجازت نه ڏني. انهن کي بعد ۾ هڪ تمغو ۽ ڊپلوما ملندو، پر پئسا نه. فريڊرڪ سينگر ٽن انعام يافته ماڻهن مان هڪ آهي جن کي ساڳئي مضمون ۾ ٻه ڀيرا نوبل انعام ڏنو ويو، 1958 ۽ 1980 ۾. جان بارڊين، جنهن کي 1956 ۽ 1972 ۾ فزڪس ۾ نوبل انعام ڏنو ويو، ۽ ڪارل بيري شارپلس، جنهن 2001 ۽ 2022 ۾ ڪيمسٽري جو نوبل انعام کٽيو، ٻيا آهن. ٻن ٻين ٻه ڀيرا نوبل انعام کٽيا آهن، هڪ ڪيمسٽري ۾ ۽ هڪ ٻئي مضمون ۾: ماريا اسڪلوڊوسڪا-ڪيوري، سال1903ع ۾ فزڪس ۽ 1911ع ۾ ڪيمسٽري ۽ لينس پالنگ، سال1954ع ۾ ڪيمسٽري ۽ 1962ع ۾ امن ۾، ٻه ڀيرا نوبل انعام کٽيا آهن.[5] سال 2023ع تائين 192 ڪيميا دانن کي هي انعام ڏنو ويو آهي. جن ۾ اٺ عورتون شامل آهن، جنهن ۾ ماري ڪيوري پهرين عورت هئي، جن کي سال1911ع ۾ اهو انعام ڏنو ويو.[6]
سال 2020ع ۾ آئوانيڊيس ۽ ٻيا رپورٽ ڪيا ته سائنس لاءِ نوبل انعامن جو اڌ حصو، جيڪو 1995ع ۽ 2017ع جي وچ ۾ ڏنو ويو، انهن جي وسيع شعبن ۾، صرف ڪجهه شعبن ۾ ڪلسٽر ڪيو ويو. ايٽمي فزڪس، پارٽيڪل فزڪس، سيل بائيولاجي ۽ نيورو سائنس، ڪيميا کان ٻاهر، ٻيئن مضمونن تي غلبو حاصل ڪيو. جڏهن ته ماليڪيولر ڪيمسٽري ان جي ميدان ۾ مکيه انعام کٽيندڙ شعبو هو. ماليڪيولر ڪيمسٽري هن عرصي دوران سڀني سائنس نوبل انعامن جو %5.3 کٽيو.[7]
نوبيل نعام يافته جي فهرست
[سنواريو]اها علم ڪيميا ۾ نوبل انعام کڻندڙ جي هڪ فهرست آهي.
پڻ ڏسو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ "Alfred Nobel – The Man Behind the Nobel Prize", Nobel Foundation, اصل کان 25 October 2007 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 7 October 2008۔
- ↑ "The Nobel Prize Awarders", Nobel Foundation, اصل کان 15 October 2008 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 7 October 2008۔
- ↑ "The Nobel Prize", Nobel Foundation, اصل کان 15 October 2008 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 7 October 2008۔
- ↑ "The Nobel Prize Award Ceremonies", Nobel Foundation, اصل کان 22 August 2008 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 7 October 2008۔
- ↑ "Nobel Laureates Facts", Nobel Foundation, اصل کان 2 February 2007 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 7 October 2008۔
- ↑ "Facts on the Nobel Prize in Chemistry", Nobel Foundation, اصل کان 8 March 2017 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 5 October 2022۔
- ↑ Ioannidis, John; Cristea, Ioana-Alina; Boyack, Kevin (29 July 2020). "Work honored by Nobel prizes clusters heavily in a few scientific fields". PLOS ONE 15 (7). doi:. PMID 32726312. Bibcode: 2020PLoSO..1534612I.
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]| وڪيميڊيا العام ۾ علم ڪيميا ۾ نوبل انعام کڻندڙ جي فهرست سان لاڳاپيل ابلاغي مواد ڏسو. |
- Official website of the Royal Swedish Academy of Sciences آرڪائيو ڪيا ويا 21 November 2017 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- Official website of the Nobel Foundation آرڪائيو ڪيا ويا 5 April 2006 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- (List of) Nobel Laureates and research affiliations آرڪائيو ڪيا ويا 10 April 2008 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. at NobelPrize.org