علم جوتش
علم جوتش, اسٽرونامي يا علم فلڪيات موجب آسمان تي موجود تارن يا تارن جي ميڙن (ڪهڪشائن) مان جيڪي ڌرتيءَ کي ويجها آهن ۽ انهن جي ڪشش ثقل ۽ روشني جي شعائن جا اثر زمين تي موجود ماحول تي پڻ پون ٿا. جنهن سبب ڌرتي جي موسمن تي اثر پوي ٿو. انهن تارن يا تارن جي ميڙ کي هندي ۾ نکشتر ، انگريزي ۾ گليڪسي، عربي ۾ برج يا ساعت ۽ سنڌي ۾ نکٽ چيو وڃي ٿو . نکٽن ۽ سنبت وڪرمي سال جي لاڳاپي بابت علم نجوم اسٽرونامي جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، سنبت وڪرمي سال جي هر تاريخ تي روزانو هڪ ڌار نکٽ ( تارن جو ميڙ ) جو ڌرتي تي اثر پوي ٿو، جڏهن ته هر مهيني جي موسم تي هڪ نکٽ ( تارن جو ميڙ ) جي لاڳيتا 14 ڏينهن اثر هلي ٿو. انهي حساب سان هر مهيني جي موسم تي ٻن يا ٽن نکٽن جي روشني جي شعاعن ، ڪشش ثقل جو زميني ماحول تي اثر ٿئي ٿو . باقي ٽن نکٽن ( تارن جي ميڙ ) جا اثر ڌرتي تي ڪڏهن ڪڏهن ٻين نکٽن سان گڏ ٿين ٿا. اهي منفرد نکٽ ( تارن جا ميڙ ) اڀچت ، اترا پادريدا ۽ ريوتي آهن . اهڙا ڌرتي تي اثر رکندڙ نکٽ هاڻي جي جديد تحقيق موجب لکن جي تعداد ۾ ٿي سگهن ٿا. پر قديم تحقيق ۽ ويدن موجب 28 نکٽ (تارن جا ميڙ ) هن ڪائنات ۾ موجود آهن. جن جا اثر سنبت وڪرمي سال جي مهينن ۽ تاريخن تي ٿين ٿا. انهن جا نالا هي آهن.
- 1. اشوني
- 2 . ڀرڻي
- 3. ڪارتڪ
- 4. روهڻي (روهڻ)
- 5. مرگشر(مرگهسر)
- 6. آردرا ( آڊ )
- 7. پنروسو
- 8. پشيه
- 9. آشيليشا
- 10. مگها
- 11. پورواڦالگني
- 12 . اتراڦالگني
- 13. هست
- 14. چترا
- 15.سواتي
- 16. وشاکا
- 17. انوراڌا
- 18. جيشٺا
- 19. مول
- 20. پورواشاڍا
- 21.اتراشاڍا
- 22. اڀچت
- 23. شروڻ
- 24. ڌنشٺا
- 25.ستڀشا ( شتتارڪا )
- 26. پورواڀا درپدا
- 27. اترڀادرپدا
- 28.ريوتي
- ↑ ڪتاب: ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس، ليکڪ: مشڪور ڦلڪارو