عقبه بن نافع
ʿUqba ibn Nāfiʿ عقبة بن نافع عقبه بن نافع | |
|---|---|
الجزائر ۾ عقبه بن نافع جو مجسمو | |
| عهدي ۾ 681ع–683ع | |
| بادشاهه | يزيد بن معاويه |
| کان پوءِ | ابو المهاجر دينار |
| افريقيا جو گورنر | |
| عهدي ۾ 666ع–674ع | |
| بادشاهه | امير معاويه |
| کان اڳ | معاويه بن حديج |
| کان پوءِ | ابو المهاجر دينار |
| عهدي ۾ 681ع–683ع | |
| بادشاهه | يزيد بن معاويه |
| کان پوءِ | ابو المهاجر دينار |
| ذاتي تفصيل | |
| ڄائو | 622ع مڪه مڪرمه |
| وفات | 683ع تُهُودا[1] (موجوده الجزائر ۾ سيدي عقبه جي نخلستان جي ويجهو) |
| تدفين جي جاءِ | سيدي عقبه مسجد، الجزائر |
| لاڳاپا |
|
| ٻار | ابو عبيده بن عقبه |
| ماءُ پيءُ | نافع بن عبدالقيس سلمه بنت حرمله |
| فوجي خدمت | |
| آڻ | خلافت راشده اموي خلافت |
| سروس/شاخ | خلافت راشده جي فوج |
| پورھئي جا سال | 635ع کان 683ع تائين |
| عهدو | جرنيل |
| جنگيون | |
عقبه بن نافع بن عبد القيس الفهري القرشي (عقبة بن نافع بن عبد القيس الفهري القرشي: 622-683)، جنهن کي صرف عقبه بن نافع جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو، هڪ عرب جنرل هو جيڪو عمر رضي الله تعاليٰ عنه جي دور کان وٺي خلافت راشده ۽ بعد ۾ معاويه اول ۽ يزيد اول جي دور ۾ اموي خلافت ۾ خدمت ڪيو، المغرب جي مسلمان فتح جي اڳواڻي ڪئي، جنهن ۾ موجوده لبيا، تيونس، الجزائر ۽ مراڪش شامل آهن. کيس اتر آفريڪا ۾ اموي حڪومت قائم ڪرڻ جو اعزاز ڏنو ويندو آهي. عقبه بن نافع عمرو بن العاص رضي الله تعاليٰ عنه جو ڀائٽيو هو. کيس اڪثر ڪري بنو فهر جي حوالي سان الفهري سڏيو ويندو آهي، جيڪو قريش سان لاڳاپيل هڪ قبيلو هو. عقبه بن نافع 683ع ۾ ويسڪيرا جي جنگ ۾ شڪست کاڌي ۽ شهيد ٿيو.
شروعاتي زندگي
[سنواريو]عقبه بن نافع 622ع ۾ مڪه مڪرمه ۾ پيدا ٿيو. عقبه, راشدين خلافت جي هڪ سپهه سالار طور, هڪ مڪمل اسلامي ماحول ۾ پرورش ورتي ۽ مضبوط فوجي ڪردار جو مالڪ هو؛ هن مسلمانن جي فتوحات واري سونهري دور ۾ سرگرم حصو ورتو. هو پنهنجي چاچي عمرو بن العاص رضي الله تعاليٰ عنه سان گڏ المغرب (اتر آفريڪا) جي علائقي ۾ داخل ٿيو، جڏهن هو اڃا نوجوانيءَ جي شروعاتي سالن ۾، يعني تقريباً چوڏهن سالن جي عمر ۾ هو. اهو امڪان آهي ته هن سان گڏ سندس پيءُ نافع بن عبد القيس رضي الله تعاليٰ عنه به هو، جنهن عبدالله بن سعد سان گڏ نوبيا جي خلاف جنگ ۾ حصو ورتو هو. اهو به ممڪن آهي ته هو السعيد يا فيوم جي رستي برقه ۾ داخل ٿيو هجي. سندس پيءُ نافع انهن پهرين مسلمانن مان هو جيڪي مصر ۾ آباد ٿيا هئا.
فوجي ۽ سياسي ڪيريئر
[سنواريو]وفات
[سنواريو]ورثو
[سنواريو]تاريخي حوالا
[سنواريو]پڻ ڏسو
[سنواريو]وڌيڪ ڏسو
- عمرو بن العاص رضي الله تعاليٰ عنه
- خالد بن وليد رضي الله تعاليٰ عنه
- سعد بن ابي وقاص رضي الله تعاليٰ عنه
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Discover Islamic Art - monument_isl_dz_mon01_15_en". Virtual Museum.