عزيز ڪنگراڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(عزیز کنگرانی کان چوريل)

پروفيسر عزيز ڪنگراڻي
Professor Aziz Kingrani

عزيز ڪنگراڻي، رني ڪوٽ جي پسمنظر ۾ ورتل تصوير 25 ڊسمبر 2011ع
پيدائش عزيز الله
جنوري 1958 (عمر 66 سال)
جوهي، دادو ضلعو، پاڪستان
قلمي نالو عزيز ڪنگراڻي
ڌنڌو محقق، مورخ، شاعر، ڊراما نویس، افسانہ نگار، پروفیسر
ٻولي سنڌي
شهريت پاڪستان
تعليم ایم اي (اسلامي ثقافت)، ایم اي (سنڌي)
مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي
موضوع تاریخ، آثار قدیمہ، افسانہ، غزل، وائي، بیت، آزاد نظم
مُکيه ڪم روڳ
Sindh Tourism: An archaeological Journey
ايوارڊ گولڊ میڊل - سنڌ يونيورسٽي
پي ٽي وي ایوارڊ بهترين لاء ڊراما نگار
لعل شهاز قلندر ایوارڊ
ويبسائيٽ
https://azizkingrani.wordpress.com/

عزيز ڪنگراڻي انگريزي (Aziz Kingrani) جو اصل نالو عزيزالله ولد سومار خان ڪنگراڻي آهي. ھي سنڌ جو ناميارو ليکڪ[1] ڪهاڻيڪار[2]، ڊرامه نگار[3][4][5]، شاعر[6]، محقق[7] ۽ مؤرخ [8]آھي. ھن ڪيترائي سنڌي اردو ڊراما [9]لکيا جيڪي پاڪستان ٽيليويزن نيٽورڪ ڪراچي سينٽر ۽ نجي سنڌي چينلن تي ٽيلي ڪاسٽ ٿيا. هن قلمڪار جي شاعري، ڪهاڻين، تاريخ ۽ تحقيق بابت سنڌي ۽ انگريزي[10] ۾ ڪتاب شايع ٿيل آهن.[11]

شروعاتي زندگي ۽ تعليم[سنواريو]

ع. ڪنگراڻي 4 جنوري 1958ع تي سنڌ جي جوهيءَ[12] تعلقي، ضلع دادوءَ [13]، جي ننڍڙي ڳوٺ حاجي ماڻڪ خان ڪنگراڻيءَ [14]۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم ڀرواري ڳوٺ گل محمد گنب جي پرائيمري اسڪول مان 1971ع ۾ حاصل ڪيائين. سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهيءَ مان 1977ع ۾ مڪمل ڪيائين. گورنمينٽ استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادوءَ مان انٽر ميڊيئيٽ 1979ع ۾ ۽ بي ايس سي جي ڊگري 1982ع ۾ حاصل ڪيائين. سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان بي ايڊ 1989ع ۽ ايم اي اسلامڪ ڪلچر 1985ع ۾ ٻئي ڊگريون فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. جڏهن ته سنڌي ادب ڏانهن لاڙي سبب 1987ع ۾ سنڌيءَ ۾ ايم اي سنڌ ۾ پهرين پوزيشن ۾ پاس ڪيائين جنهن تي کيس سنڌ يونيورسٽي پاران ميڊل ڏنو ويو.[11]

پيشو[سنواريو]

هن نوڪري جي شروعات سول اسپتال دادو ۾ ويڪسينيٽر طور اپريل 1981ع ۾ ڪئي. مئي 1981ع کان پرائيمري استاد مقرر ٿيو. آڪٽوبر 1984ع ۾ جي ايس ٽي استاد طور مڊل اسڪول مانجهند ۾ مقرر ٿيو ۽ 1985ع ۾ مڊل اسڪول حاجي خان ۾ بدلي ٿي آيو ۽ 1986ع کان گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهيءَ ۾سائنس ٽيچر (ايڇ ايس ٽي) طور مقرر ٿيو. 1993ع ۾ ليڪچراريءَ لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ڏنائين. اسلامڪ ڪلچر ۽ سنڌيءَ جي ٻنهي مضمونن ۾ چٽاڀيتيءَ وارو امتحان پاس ڪيائين پر سنڌي جي مضمون جي چونڊ ڪري 1993ع ۾ ڊگري ڪاليج جوهيءَ ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو، جتي ترقي ماڻي اسسٽنٽ پروفيسر[15] طور ڊسمبر 2012ع تائين مقرر رهيو. جنوري 2013ع کان گورنمينٽ ڊگري ڪاليج واهي پانڌي، جوهي تعلقو، دادو ضلعو ۾ پرنسپال طور مقرر ٿيو. مئي 2017ع ۾ اسوسيئيٽ پروفيسر ٿيو.

تخليقون[سنواريو]

هن ادب[16] لکڻ جي شروعات اٺين ڪلاس ۾ پڙهڻ دوران 1974ع ۾ ڪهاڻي لکڻ سان ڪئي. سندس پهرين ڪهاڻي”ايماندار هاري” 1974ع ۾ روزانه هلال پاڪستان ڪراچي جي ٻاراڻي صفحي ۾ ڇپي. 1983ع کان شاعري پڻ شروع ڪيائين ته تنقيدي مضمون نگاري به لکڻ لڳو. سندس شاعري، ڪهاڻيون، تاريخي، تنقيدي ۽ تحقيقي مضمون نگاري سنڌ جي مڃيل سنڌي اخبارن، رسالن ۽ مئگزينن ۾ شايع ٿيڻ لڳي. اخبارن ۾ روزانه هلال پاڪستان، روزانه عبرت، روزانه سنڌُو ۽ روزانه آفتاب ذڪر لائق آهن. رسالن ۾ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد پاران نڪرندڙ رسالن ٽه ماهي مهراڻ، گل ڦل، سرتيون ۽ ثقافت کاتي سنڌ پاران نڪرندڙ رسالي نئين زندگي ۽ عبرت مئگزين ۾ سندس مواد شايع ٿيڻ لڳو. 1987ع کان پاڪستان ٽيليويزن ڪراچيءَ جي پروگرام مخزن جي مشاعرن جي نشستن ۾ شرڪت شروع ڪيائين.

شاعري ۽ ناٽڪ(ڊراما)[سنواريو]

1989ع کان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان سندس شاعري ۽ ڊرامه[17] نشر ٿيڻ لڳا. سندس پهريون ريڊيو ڊرامو “پنجوڙ“ ريڊيو حيدرآباد تان1989ع ۾ ڪامران ڀٽيءَ پيش ڪيو. ان کان پوءِ سندس ڊرامه ريڊيو پاڪستان ڪراچي ۽ خيرپور تان پڻ نشر ٿيڻ لڳا. جڏهن ته 1990ع کان ٽي وِي ڊرامه لکڻ جي شروعات ڪيائن. سندس پهريون ڊرامو “اولڙا ۽ عڪس” محمد بخش سميجو جي پيشڪش ۾ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي تان ٽيليڪاسٽ ٿيو. 1991ع کان تاريخي ۽ تحيقيقي مضمون لکڻ جي شروعات ڪيائين. سندس ڪهاڻيون، شاعري، تاريخي، تحقيقي ۽ تنقيدي مضمون روزانه عوامي آواز ڪراچي، روزانه جاڳو ڪراچي، روزانه ڪاوش حيدرآباد، روزانه ڪوشش حيدرآباد، روزانه سنڌ حيدرآباد، اردو روزانه جنگ ڪراچي، انگريزي روزانه ڊان ڪراچي[18]، ۽ ٻين ڪيترين سنڌي اخبارن کان علاوه ٽه مهراڻ، سارنگا حيدرآباد رسالن ۽ جريدن ۾ شايع ٿيڻ لڳا ۽ اڄ تائين شايع ٿيندا رهن ٿا. سندس شاعري پاڪستان ٽيليوزن ڪراچي ۽ ريڊيو حيدرآباد تان مختلف فنڪارن جي آواز ۾ پڻ نشر ڪئي وئي آهي. هيل تائين سندس ٽيهن (30) کان مٿي سنڌي ۽ اردو ريڊيو ڊرامه ريڊيو ڪراچي، حيدرآباد ۽ خيرپور ميرز تان نشر ٿي چُڪا آهن. ٽي وي ڊرامه لکڻ جي شروعات پاڪستان ٽيليويزن ڪراچيءَ تان 1990ع کان ڪيائين. سندس پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي تان 13 کان مٿي انفرادي ڊرامه[19] ٽيليڪاسٽ ٿيل آهن جن ۾ وسڪاري کانپوءِ، شفق، زندگيءَ جو امر گيت، سمنڊ تي لڪير ، ڇاند، محبتُن جو الميو، پاڻي تي ليڪا ذڪر لائق آهن. پي ٽي وي ڪراچي تان اردو ۽ سنڌيءَ ۾ لکيل سندس اردو ڊرامه سيريل، جيت، جلتي سورج ڪي نيچي ۽ سنڌي سيريل ڪونج، ڪنارو، ڇوٽڪارو ۽ وفائن کانپوءِ مقبوليت ماڻي. جڏهن ته نجي سنڌي چئنل ڪي ٽي اين ۽ سنڌ ٽي وي تان سندس ڪيترائي انفرادي ڊرامه توڙي سيريل ٽيليڪاسٽ ٿيل آهن جن وڏي مقبوليت ماڻي. انهن ۾ ڳاڙهي، ڪارو گلاب، زنجيرون، آڙاھ، خزائن کانپوءِ،ڪڏهن ته ملنداسين، ڪارو سج، خالي هٿ، دام، هوءَ منهنجي نه هُئي، پيار گرهڻ، ڪا سار ته لهبي آ، عشق آتش، وڇوٽي جي لڪِير, ۽ ٻيا ڪيترائي ڊرامه شامل آهن.

ڪتاب[سنواريو]

سندس سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ 15 ڪتاب ڇپيل آهن ۽ هڪ سهڪاري مرتب طو رشايع ٿيل آهي. سندس ڪتاب سنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي، سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي، روشني پبليڪيشن حيدرآباد، نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي ۽ ٻين ادارن پاران ڇپايل آهن.

ھيٺ سندس ڪتابن جا نالا ڏجن ٿا

  • سنڌ پري ( ٻارن لاءِ ڪهاڻيون) نئون جنم پبليڪيشن حيدرآباد) 1999ع
  • روڳ ڪهاڻيون روشني پبليڪيشن حيدرآباد، 2005ع
  • تڙ تڙ تي طوفان شاعري نئون نياپو پبليڪيشن ڪراچي 2005ع[20]
  • ڪاڇو هڪ اڀياس، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي حيدر آباد 2009ع
  • اکر اکر آرسي، استاد بخاري جي شاعري جي لغت، سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد 2009ع[21]
  • سنڌ ٽوئرازم- آرڪيالوجيڪل جرني، سنڌ ڊولپمينٽ ڪارپوريشن، سياحت کاتو سنڌ 2012ع[22][23][24][25]
  • گورک مٿي چنڊ شاعري نئون نياپو پبليڪيشن ڪراچي آڪٽوبر 2016ع[11]
  • تاريخ جا تِروِرا، تحقيقي مضمون،نئون نياپو پبليڪيشن ڪراچي، ڊسمبر 2016ع
  • پيار گِرهڻ، ڪهاڻيون، سارنگا پبليڪيشن حيدرآباد، فيبروري 2017ع
  • نئيگ شريف؛ تحقيق، نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي 2017ع
  • محبتن جو الميو، نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي، 2018ع
  • عشق عقل استاد، جوت پبليڪيشن ڪراچي، 2018ع
  • اي گلمپس ان ٽه هسٽري آف سنڌ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي، 2019ع
  • انڊس اسڪرپٽ ان اسٽونز، پيڪاڪ پبلشرس، ڪراچي، ڊسمبر 2019ع[26]
  • دي امپلس ٽه اڊارن دي آرٽ آف پينٽيڊ ميورلس ان ويسٽرن سنڌ” انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ ڪراچي، آڪٽوبر 2020ع

ايوارڊ[سنواريو]

کيس ادبي ۽ تاريخي ڪم تي سرڪاري توڙي غيرڪاري ادارن پاران مڃتا طور 20 ايوارڊمليل آهن. [11]

  • ايم اي سنڌي پهرين پوزيشن 1987ع، ميڊل يونيورسٽي آف سنڌ ڄامشورو ميڊل 1990ع.
  • ڪينجهر مئگزين بهترين تحيقيق مضمون ايوارڊ 1994ع.
  • لال شهباز انٽر نيشنل ڪانفرنس ، بهترين تحقيقي مضمون ايوارڊ 1995ع.
  • عباسي ڪلهوڙا تنظيم پاڪستان، بهترين ادبي مضمون ايوارڊ 1997ع.
  • بهترين ڊرامه سيريل ايوارڊ پِي ٽي وي ايوارڊ 2001ع.
  • جارڊن آرگينائيزيشن بهترين ليکڪ شهيد مخدوم بلاول ايوارڊ 2002ع.
  • بهترين ڊرامه نگار، ڪي ٽي اين ڊرامه سيريل ڳاڙهي ايوارڊ 2003ع[4].
  • سنڌ ترقي پسند پارٽي، بهترين ليکڪ مادرِ وطن ايوارڊ 2003ع.
  • بهترين ليکڪ ايوارڊ، پريس ڪلب جوهي 2003ع.
  • بهترين ليکڪ علڻ فقير ايوارڊ، سنڌ يونيورسٽي اسٽوڊينٽ آرگينائيزيشن ايوارڊ 2004ع.
  • بهترين ڊرامه نگار ڪي ٽي اين ايوارڊ، ڊرامه سيريل دام، 2006ع.
  • بهترين ليکڪ ايوارڊ سچل آرٽ ڪلب ڪراچي 2007ع.
  • استاد بخاري تحقيقي ايورڊ، استاد بخاري اڪيڊمي دادو 2008ع.
  • بهترين ڊرامه نگار ايوارڊ، پِي ٽي وي ڪراچي 2008ع.
  • بهترين ڊرمه ليکڪ ڪي ٽي اين ايوارڊ 2011ع.
  • بهترين محقق شيلڊ، قلندر شهباز ڪانفرنس سيوهڻ، سنڌ سياحت ثقافت کاتو سنڌ، 2012ع.
  • استاد بخاري تحقيقي شيلڊ، استاد بخاري اڪيڊمي دادو 2014ع.
  • بهترين ڊرامه ليکڪ سنڌ ٽي وي ايوارڊ 2015ع.
  • سنڌي ادبي سنگت ضلع دادو، لايف اچيومينٽ ايوارڊ 2016ع.
  • بهترين استاد ايوارڊ، گسٽا ضلع داو 2017ع.
  • بهترين ڊرامه ليکڪ ايوارڊ، امتُل سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن ڪراچي 2018ع
  • بهترين ليکڪ اوارڊ، استاد بخاري اڪيڊمي سنڌ، آڪٽوبر 2019ع[27]

جنوري 2018ع تائين گورنمينٽ ڊگري ڪاليج واهي پانڌيءَ (ضلع دادو) ۾ پرنسيپال طور رهيو آهي ۽ تخليقي طرح سندس قلم اڄ به ڪهاڻي، تنقيد، شاعري، ڊرامه ۽ تحقيق جي ميدان ۾ جنبش ۾ آهي.

حوالا[سنواريو]

  1. Mega projects: gainers and losers - Newspaper - DAWN.COM
  2. ‘Kalhora, Talpur era heritage sites in Dadu vanishing’ - Newspaper - DAWN.COM
  3. Sindhi drama to meet the world standard soon: Aziz Kingrani - The Sindh Times, وقت 2017-06-09 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-03-17 
  4. 4.0 4.1 Aziz Kingrani gets KTN Best Drama Serial Award for the third time - The Sindh Times, وقت 2016-05-04 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-03-17 
  5. The incomplete bridges on Nai Ranni require attention - The Sindh Times, وقت 2017-04-22 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-03-17 
  6. تاريخ جي ورقن مان: اڄوڪو ڏينهن 4 جنوري تاريخ جي دري مان
  7. https://www.google.com/#q=aziz+kingrani&tbm=nws
  8. Researchers demand conservation of Amri remains, Rani Koat - Daily Times
  9. Demise of Agha Saleem is great loss of Sindhi literature and language: Aziz kingrani - The Sindh Times[مئل ڳنڍڻو]
  10. https://www.google.com/#q=Sindh+Tourisim+an+archaeological+journey&*
  11. 11.0 11.1 11.2 11.3 Young writers produce good dramas, short stories: Aziz Kingrani - The Sindh Times, وقت 2017-04-13 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-03-19 
  12. جوهي ۾ شهر اندر پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ۽ هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف شهري ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي شٽربند هڙتال - بريڪنگ نيوز پاڪستان[مئل ڳنڍڻو]
  13. https://www.google.com/#q=%D8%AF%D8%A7%D8%AF%D9%88&*
  14. https://www.google.com/#q=Manik+Kingrani&*
  15. Teachers boycott exam | Sindh Study[مئل ڳنڍڻو]
  16. سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ناليواري اديب عزيز ڪنگراڻي جي ڀاءُ نصر الله ڪنگراڻي جي قتل ڪيس ۾ ٻن جوابدارن جي موت جي سزا خلاف اپيل رد - بريڪنگ نيوز پاڪستان[مئل ڳنڍڻو]
  17. Drama writer appeals for protection - Newspaper - DAWN.COM
  18. News stories for Aziz Kingrani - DAWN.COM
  19. Muhammad Juman was a trend setter Sindhi classical Singer and musician: Aziz Kingrani - The Sindh Times, وقت 2016-02-01 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-03-17 
  20. تڙ تڙ تي طوفان : عزيز ڪنگراڻي | SindhSalamat, وقت 2021-12-05 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-03-17 
  21. ڪتاب - سنڌي ٻولي جي با اختيار اداري جي ويب سائيٽ تي ڀليڪار, وقت 2021-11-27 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-03-17 
  22. http://www.libertybooks.com/index.php?route=product/category&path=645
  23. https://books.google.com.pk/books?id=V8FmrgEACAAJ&dq=Sindh+Tourism:+An+archaeological&hl=en&sa=X&redir_esc=y
  24. https://pulsearch.princeton.edu/catalog/9099729
  25. Sindh tourism : an archaeological journey (Book, 2012) [WorldCat.org]
  26. InpaperMagazine, From. "BOOKS IN BRIEF". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2020-09-26. 
  27. Onlineindus.com. "دادو ۾ شاعر احمد احمد شاهه المعروف استاد بخاري جي ستاويهين ورسي تقريب ٿي گذري". onlineindus.com. حاصل ڪيل 2020-03-20. 

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]

  1. Aziz Kingrani - Sindhipedia, وقت 2016-03-04 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-03-14