عزيز الله ٻوهيو
ڏيک
مولانا عزيز الله ٻوهيو 1 جنوري 1958 نوشهرو فيروز سنڌ ۾ ڳوٺ خير محمد ٻوهيو ۾ ڄائو. هڪ سنڌي مذهبي اسڪالر، سياسي، سماجي شخصيت ۽ ”سنڌ ساگر پارٽيء“ نالي هڪ سنڌي سياسي ۽ سماجي پارٽيء جو باني ۽ چيئرمين هيو.[1] [2]مولانا ٻوهيو مذهب، سياست ۽ ٻين اڪيچار موضوئن تي ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف به هيو. هو مذهبي انتها پسنديء جو وڏو سخت مخالف هيو. سندس وصيت هئي ته مرڻ کان پوء کيس ڀيلن ۽ باگڙين جي قبرستان ۾ دفنايو وڃي ته جيئن مذهبي هم آهنگي پيدا ٿئي. سندس اها وصيت سندس مرڻ تي مذهبي ۽ سياسي ڌرين ۾ بحث جو موضوع پڻ بڻي. 2 نومبر 2021ع تي مولانا ٻوهيو دل جا وال بند ٿيڻ سبب هن دنيا مان گذاري ويو.[3][1][2][4]
حوالا
[سنواريو]- 1 2 "مولانا عزيز الله ٻوهيو کي دل جو دورو، سيوهڻ ۾ داخل", Daily Sindhyar (ٻولي ۾ en-US), حاصل ڪيل 06 نومبر 2021۔
- 1 2 "سنڌ ساگر پارٽي جو سربراهه مولانا عزيز الله ٻوهيو لاڏاڻو ڪري ويو", SindhTvNews, 02 نومبر 2021, حاصل ڪيل 06 نومبر 2021۔
- ↑ "برک عالم، اديب ۽ سنڌ ساگر پارٽي چيئرمين مولانا عزيز الله ٻوھيو وڇڙي ويو", Daily Sobh (ٻولي ۾ en-US), حاصل ڪيل 06 نومبر 2021۔
- ↑ Moderator, The Time News (03 نومبر 2021), "عالم، اديب ۽ قومپرست اڳواڻ مولانا عزيز الله ٻوهيو لاڏاڻو ڪري ويو", The Time News (ٻولي ۾ en-US), حاصل ڪيل 06 نومبر 2021۔