عبوري دور
ڏيک
عبوري دور __(Transitional Period):
ميٿيو آر نالڊ مطابق انسان هن وقت ٻن دنيائن جي درميان ساهه کڻي رهيا آهن. هڪ اهو دؤر جيڪو ختم ٿي چڪو آهي ۽ ٻيو اهو جيڪو اڃا ٿيو ئي نه آهي. مطلب ته اسان وچواري (عبوري) دؤر ۾ رهون ٿا. ادب معاشري ۾، ٻن دورن جي درميان جڏهن هڪ اهڙو دور، جيڪو پهرين دور جي ادبي ۽ معاشرتي قدرن کي يا روين جي اهميت ۽ افاديت وڃائي وهي ۽ ٻئي دور جي قدرن کي به دل ۽ ذهن ۾ جڳهه نه ڏياري سگهي ته اهڙي دور کي “عبوري دور” چيو ويندو آهي. [1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي