عبدالله ابن رواحہ
عبدالله ابن رواحه عَبْد ٱللَّٰه ٱبْن رَوَاحَة | |
---|---|
موته، اردن ۾ عبدالله ابن رواحه، زيد بن حارثه ۽ جعفر بن ابي طالب رضي الله عنهم جو مقبرو | |
پيدائش | مدينه المنوره |
وفات | سال 7 هجري، 629ع مُوته، سر زمین شام، رومي سلطنت |
وفات جو ڪارڻ | جنگ موته ۾ شهادت |
مدفن | موته، اردن |
شھرت جو ڪارڻ | رسول الله ﷺ جا صحابي |
ماءُپيءُ | رواحه بن ثعلبه (پيءُ) |
رشتيدار | *
|
حضرت عبدالله ابن رواحه بن ثعلبه رضي الله تعالٰي عنه (عربي:عَبْد ٱللَّٰه ٱبْن رَوَاحَة ٱبْن ثَعْلَبَة)، پيغمبر محمد صلي الله عليه وآله وسلم جي انصاري اصحابن مان هڪ هئا، جيڪا موته جي جنگ ۾ شهيد ٿيا. عبدالله بن رواحه مديني جي بنو خزرج قبيلي سان تعلق رکندا هئا ۽ هن انصار ۾ شامل هئا جنهن مڪي ۾ عقبه جي مقام تي رسول الله ﷺ سان نصرت جي بيعت ڪيا، جن کي "بيعت العقبه" جي نالي سان سڃاڻو وڃي ٿو.
سوانح عمري
[سنواريو]عبدالله ابن رواحه جو تعلق مديني جي بنو خزرج قبيلي سان هو.[1] هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن لکڻ عام مهارت نه هئي، هو نه صرف لکي سگهندا هئا، پڻ شاعري ۾ به مهارت رکندا هئا.[2]
هن انصار جي ٻارهن نمائندن مان هڪ هئا، جن هجرت کان اڳ پيغمبر ﷺ جي هٿ تي بيعت ڪئي، جن کي "بيعت عقبه اولي" چيو وڃي ٿو ۽ بعد ۾ مديني ۾ اسلام پکيڙيا. ان کان علاوه هن انهن 73 انصار ۾ شامل هئا جن مديني ۾ محمد ﷺ جي بيعت ڪئي. هن رسول الله ﷺ کي رئيس المنافقين، عبدالله بن ابي، جي شرارتن کان آگاهه ڪندا رهندا هئا.[3]
فوجي مهمون ۽ شهادت
[سنواريو]عبد الله بن رواحه جنگ موته دوران اسلامي فوج جا ٽيان ڪمانڊر هئا ۽ پوء انهي جنگ دوران شهيد ٿي ويا. هن هڪ مهم جي اڳواڻي پڻ ڪيا جيڪي "عبدالله بن رواحه جي مهم" جي نالي سان مشهور آهي.

حوالا
[سنواريو]- ↑ The Sealed Nectar The Second ‘Aqabah Pledge آرڪائيو ڪيا ويا November 28, 2006, حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. on sunnipath.com
- ↑ O My Soul, Death Is Inevitable, So It Is Better for You to Be Martyred آرڪائيو ڪيا ويا June 30, 2006, حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., URL accessed 2009-09-30
- ↑ O My Soul, Death Is Inevitable, So It Is Better for You to Be Martyred آرڪائيو ڪيا ويا June 30, 2006, حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., URL accessed 2009-09-30