اي آر بلوچ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(عبدالرسول بلوچ کان چوريل)

اي آر بلوچ (انگريزي:A R Baloch) سنڌ جو ناميارو اداڪار ۽ صداڪار هو.

زندگي جو احوال[سنواريو]

اي آر بلوچ جو پورو نالو عبدالرسول پٽ اميد علي شاهاڻي بلوچ هو. هن حيدرآباد ۾ واقع پڪي قلعي ۾ 15 مارچ 1923ع تي جنم ورتو.[1]

عملي زندگي[سنواريو]

اي آر بلوچ ريڊيو ٽي وي ڊرامن جو ڄاتل اداڪار ۽ صداڪار هو. هن سنڌي ڊرامن ۾ پنهنجي منفرد آواز وسيلي الڳ سڃاڻپ جوڙي. هن کي فن جي دنيا ۾ اداڪار فريد نواز بلوچ آندو هو. اي آر بلوچ رائل ايئر فورس م نوڪري به ڪئي. کيس ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي انور بلوچ ۽ پاڪستان ٽيليويزن نيٽ ورڪ ڪراچي تي عبدالڪريم بلوچ متعارف ڪرايو. اي آر بلوچ جو ٽي وي تي”خوابن جو سوج“ پهريون ڊرامو هو. سنڌي فلمن ”ليلي مجنون“، ” بادل ۽ برسات“, ”رت ۽ اجرڪ“ ۾ ڪم ڪيو. ڊرامن ۾ ديوارين، جهنگل، هٿين گل ميندي، دنگي منجھ درياھ ۽ ڪونج اهم آهن. اي آر بلوچ ڊرامي بخت خان ۾ بهترين اداڪاري سبب شهرت ماڻي. هن جو آخري ڊرامو ٽيپو سلطان هو.[1]

لاڏاڻو[سنواريو]

اي آر بلوچ کي فالج ٿيو ۽ ڪافي وقت اگھائيءَ ۾ گذاريائين. هيءُ 82 سالن جي ڄمار ۾ پهرين جولاءِ 2005ع تي الشفا اسپتال ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.[1][2][3]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 "اي آر بلوچ". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2020-01-21. 
  2. "BBC Urdu". www.bbc.com. حاصل ڪيل 2020-01-21. 
  3. "New Page 1". www.thekawish.com. حاصل ڪيل 2020-01-21.