عبدالرحمان ڌامراھو
مولانا عبدالرحمان ڌامراهو لاڙڪاڻي ضلعي جي جيد عالمن ۾ مولانا عبدالرحمان ولد عنايت الله پنوهر جو نالو نمايان حيثيت رکي ٿو. سندس وڏا ميراڻي صاحبيءَ ۾ وڏن عهدن تي فائز هئا. سندس والد چڱو زميندار هو. تاريخ 27 - رجب المرجب (1268ھ- 1851ع) تي لاڙڪاڻي تعلقي جي ڳوٺ ”ڌامراهه“ ۾ مولانا عبدالرحمان جي ولادت ٿي. ننڍپڻ ۾ کيتي ڪيائين. ٻارهن ورهين جي عمر ۾ مولانا عبدالله بنگلديرائي (1860ع - 1932ع) وٽ فارسي پڙهڻ ويٺو.آخر مولانا عبدالغفور ”مفتون“ همايوني رح (1844ع - 1918ع) جن وٽان فارغ التحصيل ٿي، دستارِ فضيلت ٻڌائين. پوءِ ڳوٺ ۾ درس و تدريس کي پنهنجو مشغلو بنايائين. وٽانئس سوين شاگرد فيضياب ٿيا. سندس فقهي خدمتن عِوض، بلوچستان ۾ جرڳي جي سردارن فتوائن لاءِ آڇ ڏنس. مگر پاڻ پابندي سمجهي، ٺــُـڪرائي ڇڏيائين. پنجويهه ورهيه پير ڳوٺ ۾ ديني فيصلن ۽ فتوائن جو ڪم ڪيائين. پير پاڳاري، صبغت الله شاهه ثاني، شهادت 1943ع، جو مٿس راز هو. سندس وفات بعد واپس ڳوٺ پهتو ۽ مدرسي جي نئين سر تعمير ڪرائي، درس و تدريس قائم ڪيائين. مدرسي سان گڏ هڪ جامع مسجد به تعمير ڪرايائين. اُنهن ڏينهن ۾ ڪجهه ڪتاب به لکيائين، جن ۾ ”فتويٰ رحماني“ نالي فارسي زبان ۾ هڪ ضخيم جــُـلد به تيار ڪيائين، جيڪو هن وقت سندس ڀائٽي، مولانا عنايت الله پنوهر وٽ محفوظ آهي. پاڻ نقشبندي طريقي ۾ مــُـنسلڪ هو. ”موسيقيءَ“ کان سخت نفرت هيس ۽ انهيءَ لاءِ چوندوهو، ته ”جنهن قوم جو چاهه سازسرود سان آهي، اُها قوم روحاني طور تباهه ٿي ويندي.“ وٽس هڪ مثالي ڪــُـتبخانو هو، جنهن ۾ عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ چونڊ ڪتاب هئا. خاص ڪري ”فقــہ“ ۽ ”منطق“ تي ناياب قلمي نسخا شامل هئا. سال (1307ھ - 1889ع) ۾ حج بيت الله شريف جي زيارت تان موٽندي، عربي ڪتابن جو اَنبار آندائين. هڪ اَندازي مطابق سندس لائبرريءَ ۾ ٽن هزارن کان وڌيڪ ڪتاب موجود هئا. سندس پونيرن جي ڪوتاهيءَ سببان سمورو ڪتبخانو ضايع ٿي ويو. گهڻا ڪتاب سندس شاگردن جي وَرِ چڙهيا . ٻي مهاڀاري لڙائيءَ دوران، سنڌ اَندر ڪالرا جي بيماري ڦهلجي وئي، جنهن ۾ لاڙڪاڻو به لپيٽ ۾ آيو. مولانا صاحب به تاريخ 11 صفر المظفر (1348ھ - 1919ع) تي انهيءَ بيماريءَ ۾ اَجل جو بــَـکُ بڻيو. تربت، سندس جوڙايل جامع مسجد جي ڏاکڻي طرف ميدان تي موجود آهي. پاڻ طبعاً رلڻو ملڻو، بردبار ۽ ڌيرج وارو انسان هو. ڪڏهن به ڪاوڙ ۽ غصي کي جـِـيءَ ۾ جاءِ نه ڏنائين. صوم صلواة سان گڏ تهجد جو به پابند رهيو. سندس گفتگو قرآن ۽ حديث کان ٻاهر نه هئي، نه ئي وري ڪڏهن دل آزاريءَ جي تقرير ڪيائين.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ لاڙڪاڻي ضلعي جا ڪتبخانا-- ميمڻ عبدالغفور سنڌي ؛ رسالو:مهراڻ؛ 1984جلد 33 ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ