مواد ڏانھن هلو

عبدالخالق وڪيل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ميان عبدالخالق وڪيل(انگريزي: Abdul Khaliq Advocate) ميان عبدالخالق وڪيل جو تعلق شڪارپور جي اعواڻ خاندان سان هو. مشهور فارسي گو شاعر محمد عارف ’صنعت‘ جو پٽ هو. ’صنعت‘ جو فارسي کان علاوه سنڌي ۾ به گهڻو ڪلام هو، جو بي توجهي سبب محفوظ رهي نه سگهيو. ميان عبدالخالق اُن جو باقي رهيل فارسي ڪلام سنواري ترتيب ڏئي ”ديوان صنعت“ جي نالي سان پڌرو ڪيو. اُنهيءَ ديوان جو پهريون ڇاپو سن 1895ع ۾ پوڪرداس تاجر ڪتب شڪارپور، اسلاميه پريس لاهور مان ڇپائي منظر عام تي آندو. ساڳئي ديوان کي بعد ۾ مرحوم لطف الله بدوي نئين ترتيب سان سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد پاران ڇپايو. مرزا صاحب جا عبدالخالق اعواڻ سان دوستيءَ جا ناتا هئا، جنهن ڪري مرزا قليچ بيگ صاحب کيس پنهنجي دوانحعمري ۾ به ياد ڪيو آهي. (سائو پن يا ڪارو پنو، ص 75) ميان عبدالخالق ۽ مرزا صاحب جن جي وچ ۾ گهڻي خط و ڪتابت به هلندڙ هئي. ميان عبدالخالق جي هڪ خط جو مرزا صاحب فارسي ۾ منظوم جواب ڏنو هو، جنهن مان سندن تعلقات جي پروڙ پوي ٿي.[1]}

حوالا

[سنواريو]
  1. {ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙو جو مضمون "مرزا قليچ بيگ ۽ شڪارپور", مھراڻ رسالو سال 2003, شمارو 53, سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}