عبدالاحد ابڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مهراڻ يونيورسٽيءَ جو سابق وائيس چانسلر. ڊاڪٽر عبدالاحد ابڙو ولد حاجي پير محمد ابڙو دادوءَ ۾ ڄائو. ابتدائي -تعليم- دادوءَ مان ورتائين. هو پهريون وائيس چانسلر هو، جنهن سنڌ يونيورسٽيءَ جي انجنيئرنگ ڪاليج مان، 1968ع ۾، سول انجنيئرنگ ۾ گرئجوئيشن ڪئي. ڊاڪٽر صاحب کي تعليمي ميدان ۾، خدمتون انجام ڏيڻ ۽ پنهنجي پيشي سان سچائي ۽ سخت محنت عيوض، اسلامي جمهوريه -پاڪستان- صدر طرفان، 1989ع ۾، ستاره امتياز سان نوازيو ويو. 1987ع ۾، وائيس چانسلر جون ذميواريون سنڀالڻ کان پوءِ، سندس ڪاوشن سان، مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾، ”اسٽوڊنٽس ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي“ قائم ڪئي وئي، جنهن ذريعي ڪئمپس ۾، نصابي ۽ غيرنصابي سرگرمين کي -ترقي- ڏيارڻ ۾ وڏي هٿي ملي. نرم دلي، بهتر رويي ۽ سٺي ايڊمنسٽريٽر هئڻ ڪري پاڻ استادن ۽ شاگردن جي محبوب شخصيت هو. ڊاڪٽر صاحب، يونيورسٽيءَ ۾، سول انجنيئرنگ شعبي جو چيئرمئن، فئڪلٽي آف انجنيئرنگ ۽ فئڪلٽي آف -ٽيڪنالاجي- جي ڊين ۽ ٻين عهدن تي پڻ خدمتون انجام ڏئي چڪو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]