عامر (ذات)
ڏيک
عامر سنڌ ۾ موجود ھڪ ذات آھي.
عامر سنڌ صوبي جي خيرپور ۽ نوشهروفيروز ۾ آباد آهن. خيرپور ضلعي ۾ چار وڏا ڳوٺ عامرن جا ٻڌل آهن. جنھن مان الله ڏنو عامر هڪ وڏو ڳوٺ پڻ آهي ، جيڪو ميرواھ تعلقي جي ٽائون ڪميٽي ٽنڊو مير علي ۾ واقع آهي. عامر سنڌي ڳالهائيندڙ ذات آهي. عامر اڪثر ڪري استاد آهن، هنن جي ڳوٺن ۾ اڪثر ڪري ماڻهو تعليم جي شعبي سان وابسته آهن. جن ۾ مشهور استاد، استاد شفيع محمد عامر، استاد محمد ڇُٽل عامر، استاد عبدالغفور عامر، استاد شير محمد عامر، استاد محمد نواز عامر، استاد استاد لطف علي عامر، استاد اسماعيل عامر، استاد امداد علي عامر استاد مشتاق علي عامر ،۽ ، ٻيا ڪيترائي استاد هن شعبي کي پاڻ ارپي رهيا آهن.
ھي مضمون ڪچو مضمون آھي. توھان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگھو ٿا ان کي سنواري. |