طرفه
طرفه | |
|---|---|
![]() | |
| ڄمڻ | طرفة بن العبد بن سفيان بن سعد أبو عمرو البكري الوائلي لڳ ڀڳ 543ع بحرين, عربستان |
| وفات | لڳ ڀڳ 569ع بحرين، عربستان |
| پيشو | شاعر |
| ٻولي | عربي |
| قوميت | عربستاني |
| دور | اسلام کان اڳ وارو دور |
| صنف | مدح، هجو |
| نمايان ڪم | معلقات |
طرفه بن عبد (طرفة بن العبد بن سفيان بن سعد أبو عمرو البكري الوائلي / ايلہ-ايل سي: Ṭarafah ibn al-‘Abd ibn Sufyān ibn Sa‘d Abū ‘Amr al-Bakrī al-Wā’ilī؛ 543–569ع)، عربستان جو هڪ شاعر هو، جيڪو بڪر قبيلي سان واسطو رکندڙ هو۔ هو قديم عربي شاعري جي سڀ کان مشهور مجموعي معلقات جي ستن شاعرن مان هڪ آهي، جيتوڻيڪ ان ۾ سندس فقط هڪ نظم شامل آهي۔ هن مجموعي ۾ محفوظ سندس ٻين همعصر شاعرن ۾ النابغه، عنترا بن شداد، زهير بن أبي سلما، علقما بن عبدا ۽ امرئو قيس شامل آهن۔
نسب
[سنواريو]هو طرفة، ۽ ڪي چون ٿا عمرو، ۽ ڪي وري عُبيد بن عبد بن سفيان بن سعد بن مالڪ بن ضبيعه بن قيس بن ثعلبه بن عڪابه بن صعب بن علي بن بڪر بن وائل بن قاسط بن هنب بن أفصي بن دعمي بن جديلا بن أسد بن ربيعه بن نزار بن معدّ بن عدنان هو۔
زندگي
[سنواريو]طرفه، مرثيه گو شاعره خِرنق بنت بدر جو ويڳو ڀاءُ يا ڀاڻيجو هو۔[1] هو پنهنجي مامي متلمس سان گڏ الحيره جي بادشاهه عمرو بن هند جي درٻار ڏانهن ويو، ۽ اتي وڃي بادشاهه جي ڀاءُ جو ساٿي بڻيو۔ هڪ ڏندڪٿا موجب، بادشاهه کي ڪجهه شعرن ۾ طنز جو نشانو بڻائڻ کان پوءِ، کيس بحرين جي حاڪم ڏانهن هڪ خط سان موڪليو ويو، ۽ ان خط ۾ ڏنل حڪمن مطابق کيس زنده دفن ڪيو ويو۔[2]
طرفه جي تيز زبان نيٺ هن لاءِ تمام ڳري ثابت ٿي۔
دربار جي سخت رسمن ۽ بناوٽي آداب کان تنگ ۽ بيزار ٿي، هن هڪ اهڙو طنزيه شعر چيو، جنهن ۾ هن چيو:
- "ڪاش عمرو بدران اسان وٽ هجي ها
- هڪ ڏهيل ٻڪري، جيڪا اسان جي تنبن ڀرسان ميمياڻي"
ٿوري دير پوءِ هو بادشاهه جي ڀيڻ جي سامهون دسترخوان تي ويٺو هو۔ سندس حسن ڏسي هن بي اختيار چيو:
- "ڏسو، هوءَ وري مون وٽ موٽي آئي آهي،
- منهنجي اها سهڻي هرڻي، جنهن جا ڪن وارا زيور چمڪن ٿا؛
- جيڪڏهن بادشاهه هتي نه ويٺو هجي ها،
- ته مان سندس چپن تي پنهنجا چپ رکي ڇڏيان ها!"
'عمرو بن هند سخت، تندخو ۽ ڪينه ور ماڻهو هو۔ طرفه جو طنز اڳ ئي کيس ٻڌايو ويو هو، ۽ هن نئين گستاخي سندس ڪاوڙ کي وڌيڪ ڀڙڪايو۔ هن طرفه ۽ متلمس کي سڏايو، کين پنهنجن گهرن ڏانهن وڃڻ جي اجازت ڏني، ۽ ٻنهي کي هڪ هڪ مُهر لڳل خط ڏنو، جيڪو بحرين جي گورنر جي نالي هو۔ جڏهن هو شهر کان ٻاهر نڪتا ته متلمس کي شڪ ٿيو۔ ڇاڪاڻتہ نه هو پاڻ پڙهي سگهندو هو، نه سندس ساٿي، تنهن ڪري هن پنهنجو خط حيره جي هڪ ڇوڪري کي ڏنو، ۽ معلوم ٿيو ته ان ۾ کيس زنده دفن ڪرڻ جا حڪم لکيل هئا۔ پوءِ هن اها دغاباز چٺي وهندڙ پاڻيءَ ۾ اڇلي ڇڏي ۽ طرفه کي به ائين ڪرڻ لاءِ التجا ڪئي۔ پر طرفه شاهي مُهر ٽوڙڻ کان انڪار ڪيو۔ هو پنهنجي سفر تي بحرين تائين پهتو، جتي کيس قيد ڪيو ويو ۽ پوءِ قتل ڪيو ويو۔[3]
— Nicholson، A literary history of the Arabs
سندس ورثو
[سنواريو]سندس شاعريءَ جو ديوان آهي، جنهن ۾ سڀ کان مشهور سندس معلقو آهي... اهو نظم شاعر ان کان پوءِ چيو، جڏهن هن کي پنهنجي سؤٽ کان خراب سلوڪ مليو ۽ پنهنجي مائٽن کان ظلم ۽ ڏاڍ ڀوڳڻو پيو۔ معلقو ٽن وڏن حصن ۾ ورهايل آهي: (1) غزلي حصو (1–10)، (2) وصفي حصو (11–44)، (3) اخباري حصو (45–99)۔
جيڪڏهن معلقو هڪ ئي ڀيري نظم ڪيو ويو هجي، ته ان جي سبب سندس سؤٽ جي ڪوتاهي، ايذاءُ، بخل، خودغرضي ۽ محبت کان منهن موڙڻ هئا۔ ۽ شايد هي قصيدو مختلف وقتن ۾ نظم ٿيو هجي، ڇاڪاڻتہ اُٺڻيءَ جو ڊگهو بيان بي گهر ۽ ڀٽڪندڙ زندگيءَ جي پيداوار لڳي ٿو، جڏهنتہ لهو و لعب ۽ مستيءَ جو بيان ان ڳالهه کي وڌيڪ ممڪن بڻائي ٿو ته اهو ڀٽڪڻ کان اڳ چيو ويو هجي۔ ۽ ٿي سگهي ٿو ته سندس سؤٽ بابت ملامتي شعر، سندس ڀاءُ معبد سان اختلاف کان پوءِ نظم ڪيا ويا هجن۔
معلقه جي شهرت ۽ اهميت
[سنواريو]ڪجهه نقادن طرفه جي معلقه کي سڄي جاهلي شاعري کان مٿانهون قرار ڏنو آهي، ڇاڪاڻتہ ان ۾ انساني احساس، ٽڪراءُ وارا جذبا، زندگي ۽ موت بابت خيال، وصف جي جماليات، تشبيهه جي ڪمال ۽ هڪ جوان نفس جي حالتن جو زبردست نقشو ملي ٿو۔ ممڪن آهي ته سندس نسبت جزيرہ العرب جي وڌيڪ شهري علائقن مان هڪ، يعني بحرين جي صوبي، سان هجڻ سبب سندس شاعريءَ ۾ اهو انساني رنگ ٻين جاهلي شاعرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ نمايان ٿيو هجي۔ اسان کي طرفه هڪ وڏو شاعر ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جيڪو جاهلي نوجوان شاعرن جي صف ۾ اچي ٿو۔ سندس معلقه ۾ تاريخي فائدن جو به وڏو خزانو آهي، ۽ اها عربن جي اعليٰ اخلاقي قدرن جي وسيع تصوير پيش ڪري ٿي، ساڳي وقت عربن جي صنعتن، ملاحت ۽ اوزارن بابت به ڄاڻ ڏئي ٿي۔
سندس معلقه مان نمونو
[سنواريو]لِخَولة َ أطْلالٌ بِبُرقَة ِ ثَهمَدِ\\تلوح كباقي الوشم في ظاهر اليدِ
وُقوفاً بِها صَحبي عَلَيَّ مَطيَّهُم\\يَقولونَ لا تَهلِك أَسىً وَتَجَلَّدِ كَأَنَّ حُدوجَ المالِكيَّةِ غُدوَةً\\خَلايا سَفينٍ بِالنَواصِفِ مِن دَدِ عدولية ٌ أو من سفين ابن يامنٍ\\يجورُ بها المَّلاح طوراًويهتدي يشقُّ حبابَ الماءِ حيزومها بها\\كما قسَمَ التُّربَ المُفايِلُ باليَدِ وفي الحيِّ أحوى ينفضُ المردَ شادنٌ\\مُظاهِرُ سِمْطَيْ لُؤلُؤٍ وَزَبَرجَدِ خذولٌ تراعي ربرباً بخميلة\\تَناوَلُ أطرافَ البَريرِ، وتَرتَدي
سنڌي ترجمو:خوله جا نشان برقہ ثهمد ۾ رهجي ويا آهن، جيئن هٿ جي مٿاڇري تي پراڻي نقش (وشم) جا نشان نظر اچن ٿا۔ منهنجا ساٿي پنهنجن سواريءَ سان اتي بيهي رهيا، ۽ چيائون: غم ۾ پاڻ کي نه هلاڪ ڪر، صبر ڪر ۽ همت رک۔ صبح جو مالڪي قافلن جون محملون اهڙيون لڳن ٿيون، جهڙوڪ هوائن سان هلندڙ ٻيڙين جا سڙھ اهي يا ته عدولي ٻيڙيون آهن يا ابن يامن جي ٻيڙين جهڙيون، جن کي ڪڏهن ملاح ڀٽڪائي ٿو ته ڪڏهن سڌو رستو ڏيکاري ٿو۔ انهن جا اڳيان حصا پاڻيءَ جي لهرن کي چيرين ٿا، جهڙوڪ ڪو مضبوط ماڻهو هٿ سان مٽيءَ کي ورهائي ڇڏي۔ ۽ انهيءَ قبيلي ۾ هڪ سُهڻو نوجوان هرڻ وانگر آهي، جنهن جي ڳچيءَ تي موتين ۽ زبرجد جا هار جڙيل آهن۔هو شرميلو آهي، جهنگ ۾ هرڻين جي ميڙ کي سنڀالي ٿو، ۽ ٻير جي ٽارين مان چونڊي کائي ٿو۔}}
حوالا ۽ ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]- University at Albany: The Mu'Allaqa of Ibn Tarafa آرڪائيو ڪيا ويا 2017-10-17 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
This airticle incorporates text frae a publication nou in the public domain: Chisholm, Hugh, ed. (1911). . Encyclopædia Britannica. Vol. 26 (11th ed.). Cambridge University Press. p. 415. {{cite encyclopedia}}: Cite has empty unknown parameters:|HIDE_PARAMETER15=,|HIDE_PARAMETER13=,|HIDE_PARAMETER14c=,|HIDE_PARAMETER14=,|HIDE_PARAMETER9=,|HIDE_PARAMETER3=,|HIDE_PARAMETER1=,|HIDE_PARAMETER4=,|HIDE_PARAMETER2=,|HIDE_PARAMETER8=,|HIDE_PARAMETER20=,|HIDE_PARAMETER5=,|HIDE_PARAMETER7=,|HIDE_PARAMETER10=,|separator=,|HIDE_PARAMETER14b=,|HIDE_PARAMETER6=,|HIDE_PARAMETER11=, and|HIDE_PARAMETER12=(help); Invalid|ref=harv(help)- Mohammadi Malayeri, M.: Tarikh va Farhang-e Iran Vol. I, Yazdan Publishers, Tehran 1372 Hsh. pp. 242، 267، 291، 292، 374.
- Nicholson, Reynold Alleyne (1907). A literary History of the Arabs. London: T.F. Unwin. pp. 44, 101, 107-9, 128, 138, 308. https://archive.org/details/literaryhistoryo00nichrich.
حوالو
[سنواريو]- ↑ G. J. H. Van Gelder, 'al-Khirniq (d. perhaps c.600)', in Encyclopedia of Arabic Literature, ed. by Julie Scott Meisami and Paul Starkey, 2 vols (New York: Routledge, 1998), II 442.
- ↑ Thatcher, Griffithes Wheeler (1911). "Tarafa". In Chisholm, Hugh (ed.). Encyclopædia Britannica. 26 (11th ed.). Cambridge University Press. p. 415.
- ↑ Nicholson 1907, pp. 107–9.
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]جديد ترجما
[سنواريو]- The Divans of the Six Ancient Arabic Poets, Ennabiga, 'Antara, Tharafa, Zuhair, 'Alqama and Imruulqais, Trübner & co., London, 1870 (انگريزي ۾)؛ ديوان (گڏ ڪيل شاعري) جو مجموعو، جنهن کي ولھيلم اهلورڊٽ ترتيب ڏنو۔[1]
جڏهنتہ سندس ڪجهه شعرن جا ترجما لاطيني ۾، بي. وانڊنهوف جي نوٽن سان، شايع ٿيا (برلن, 1895)،[2] تڏهن طرفه ۽ شاعر امرؤ القيس کي ٿيئوڊور نولڊيکه پنهنجي ڪتاب Fünf Moallaqat, übersetzt und erklärt (ويانا، 1899–1901) ۾ شامل نه ڪيو۔
- The seven golden odes of pagan Arabia : known also as the Moallakat؛ انگريزي ترجمو اين بلنٽ، ليڊي ۽ ولفريڊ اسڪاوين بلنٽ طرفان (لنڊن، چيزيڪ پريس، 1903)۔
- ↑ OCLC Classify published works
- ↑
Ane or mair o the precedin sentences incorporates text frae a publication nou in the public domain: Thatcher, Griffithes Wheeler (1911). . In Chisholm, Hugh (ed.). Encyclopædia Britannica. Vol. 26 (11th ed.). Cambridge University Press. p. 415. {{cite encyclopedia}}: Cite has empty unknown parameters:|HIDE_PARAMETER15=,|HIDE_PARAMETER14c=,|HIDE_PARAMETER14=,|HIDE_PARAMETER9=,|HIDE_PARAMETER3=,|separator=,|HIDE_PARAMETER4=,|HIDE_PARAMETER2=,|HIDE_PARAMETER8=,|HIDE_PARAMETER20=,|HIDE_PARAMETER14b=,|HIDE_PARAMETER10=,|HIDE_PARAMETER13=,|HIDE_PARAMETER6=,|HIDE_PARAMETER7=,|HIDE_PARAMETER11=, and|HIDE_PARAMETER12=(help); Invalid|ref=harv(help)
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- سانچا
- CS1 errors: empty unknown parameters
- CS1 errors: invalid parameter value
- Wikipaedia airticles incorporatin a citation frae the 1911 Encyclopaedia Britannica wi Wikisource reference
- Wikipaedia airticles incorporatin text frae the 1911 Encyclopædia Britannica
- VIAF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- LCCN سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- ISNI سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- GND سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- SELIBR سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- BNF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- 540ع ۾ پيدائشون
- 569ع ۾ وفاتون
- بحرين جا شاعر
- ڇهين صديءَ جا عربي ٻوليءَ جا شاعر
