مواد ڏانھن هلو

طبعي سائنس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
طبعي سائنسن ۾ مختلف قسم جا مضمون شامل آهن.
  • مٿي: هڪ ڪيوبڪٽوهئڊرون هيرو مواد سائنس ۾ ۽ ڌرتيءَ جي ڍانچي جو خاڪو بشمول ان جو ماحول ڌرتيءَ جي سائنس ۾.
  • هيٺيون: ڪمپيوٽر اينيميشن جو هڪ مثال جيڪو "موشن ڪيپچر" ٽيڪنڪ استعمال ڪندي تيار ڪيو ويو ۽ "ماونا ڪي آبزرويٽريز" هوائي، آمريڪا ۾ آزاد فلڪياتي تحقيقاتي سهولتن جو گروپ.

'طبعي سائنس" (Physical Science) فطري سائنس جي هڪ شاخ آهي جيڪا زندگي جي سائنس جي برعڪس، غير جاندار نظامن جو مطالعو ڪري ٿي. ان ۾ پڻ ڪيتريون ئي شاخون آهن، جن ۾ هر هڪ کي "طبعي سائنس" سڏيو ويندو آهي ۽ اها گڏجي "طبعي سائنس" سڏي وينديون آهن.

تعريف

[سنواريو]

طبعي سائنس کي هيٺين ريت بيان ڪري سگهجي ٿو:

  • سائنس جي هڪ شاخ: هڪ منظم ادارو جيڪو آزمائشي وضاحتن ۽ ڪائنات بابت اڳڪٿين جي صورت ۾، علم کي ٺاهي ٿو ۽ منظم ڪري ٿو.
  • فطري سائنس جي هڪ شاخ: فطري سائنس سائنس جي هڪ وڏي شاخ آهي جيڪا تجرباتي ثبوتن جي بنياد تي فطرت جي واقعن جي وضاحت ۽ اڳڪٿي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. فطري سائنس ۾، مفروضن کي سائنسي طور تي تصديق ڪرڻ گهرجي ته جيئن سائنسي نظريو سمجهيو وڃي. صحيحيت، درستگي، ۽ سماجي ميکانيزم جيڪي معيار جي ڪنٽرول کي يقيني بڻائين، جهڙوڪ ماهرن جو جائزو ۽ نتيجن جي ورجائي، هن مقصد لاء استعمال ڪيل معيار ۽ طريقن مان آهن.
  • فطري سائنس کي ٻن مکيه شاخن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:
  • زندگي جي سائنس (مثال طور حياتيات) ۽
  • طبعي سائنس.
  • انهن شاخن مان هر هڪ، ۽ انهن جي ذيلي شاخن مان هر هڪ کي فطري سائنس سڏيو ويندو آهي.
  • اطلاقي سائنس جي هڪ شاخ : عملي مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ سائنسي طريقي ۽ سائنسي علم جو استعمال. ان ۾ مضمونن جو وسيع سلسلو شامل آھي، جھڙوڪ انجنيئرنگ ۽ طب. اطلاقي سائنس اڪثر ڪري بنيادي سائنس جي ابتڙ آهي، جيڪو سائنسي نظريات ۽ قانونن کي اڳتي وڌائڻ تي مرکوز آهي جيڪي قدرتي يا ٻين واقعن جي وضاحت ۽ اڳڪٿي ڪن ٿا.

شاخون

[سنواريو]
  • طبيعيات: فطري ۽ طبعي سائنس, جيڪي خلا ۽ وقت ذريعي مادي[1] جي حرڪت جو مطالعو ڪري ٿي آهي ۽ ان ۾ ان سان گڏ لاڳاپيل تصورن جهڙوڪ توانائي ۽ قوت جو مطالعو شامل ٿي سگھي ٿو. [2] وڌيڪ وسيع، اها هي سمجھڻ لاءِ, ته ڪائنات ڪيئن ڪم ڪري ٿي, فطرت جو عام تجزيو آهي.[3][4]
  • طبيعيات جون شاخون
  • فلڪيات: آسماني شين (جهڙوڪ تارا، ڪهڪشائون، سيارا، چنڊ، شهابيا ۽ نيبولائن) جو مطالعو ۽ انهن جي طبيعيات، ڪيمسٽري ۽ اهڙين شين جي ارتقا ۽ واقعن جو مطالعو آهي، جيڪا ڌرتيءَ جي ماحول کان ٻاهر پيدا ٿين ٿا، جنهن ۾ سپرنووا جا ڌماڪا، گاما-ري برسٽ ۽ ڪائناتي مائڪرو ويڪري جي پس منظر جي تابڪاري شامل آهن.
    • علم فلڪيات جون شاخون
  • علم ڪيميا: مادي جي اڀياس، ساخت، خصوصيتن ۽ ان ۾ تبديلي جو مطالعو آهي.[5][6] هن دائري ۾، ڪيميا مختلف موضوعن، جهڙوڪ انفرادي ايٽم جي خاصتين، اها طريقا جنهن ۾ ايٽم، مرڪبات جي ٺهڻ ۾ ڪيميائي بانڊ ٺاهيندا آهن، مادي کي ان جي عام خاصيتون ڏيڻ لاء مادي جو انٽر ماليڪيولر قوتن ذريعي تعامل ۽ مختلف مواد ٺاهڻ لاء مادن جي وچ ۾ ڪيميائي رد عمل جي ذريعي رابطي جو مطالعو آهي.
    • علم ڪيميا جون شاخون
  • ڌرتيءَ جي سائنس: وسيع اصطلاح، جيڪا هر هن سائنس جي شعبي ڏانهن اشارو ڪري ٿي، جيڪيون ڌرتيءَ سان واسطو رکن ٿيون. ڌرتي سائنس اهو مطالعو آهي ته ڪيئن قدرتي ماحول (ايڪوسفير ڌرتي جو نظام) ڪم ڪري ٿو ۽ اها ڪئين ان جي موجوده حالت ۾ ترقي ڪيو. هن ۾ پاڻي جو دائرو (هائڊروسفيئر)، ڌرتيء جو دائرو (ليٿوسفيئر) ۽ حياتي دائرو (بايوسفيئر) شامل آهن.
  • مواد سائنس: تحقيق ۽ دريافت جو هڪ بين النظمياتي شعبو. هن شعبي جا ماهر، اها سمجهن تي، ڪئين مواد تي وقت جي گڏ (پروسيسنگ) ان جي جوڙجڪ تي اثر انداز ڪري ٿي ۽ پڻ مواد جي خاصيتن ۽ ڪارڪردگي سمجھڻ تي زور ڏين ٿا.
  • ڪمپيوٽر سائنس: ڪمپيوٽيشن، انفارميشن ۽ آٽوميشن جو مطالعو. ڪمپيوٽر سائنس جو دائرو نظرياتي شعبن (الگورٿم، ڪمپيوٽيشن ۽ انفارميشن جا نظريا) کان لاڳو ڪيل شعبن (بشمول هارڊويئر ۽ سافٽ ويئر جي ڊيزائن ۽ عمل درآمد) تائين پکڙيل آهي.

تاريخ

[سنواريو]

عام اصول

[سنواريو]

قابل ذڪر طبعي سائنسدان

[سنواريو]
  • طبعيات دانن جي فهرست
  • فلڪيات دانن جي فهرست
  • ڪيميا دانن جي فهرست

==* ڌرتي سائنس جي ماهرن جي فهرست

پڻ ڏسو

[سنواريو]

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

سانچو:Natural science سانچو:Outline footer

حوالا

[سنواريو]
  1. At the start of The Feynman Lectures on Physics, Richard Feynman offers the atomic hypothesis as the single most prolific scientific concept: "If, in some cataclysm, all [] scientific knowledge were to be destroyed [save] one sentence   [...] what statement would contain the most information in the fewest words? I believe it is  [...] that all things are made up of atoms  – little particles that move around in perpetual motion, attracting each other when they are a little distance apart, but repelling upon being squeezed into one another ..." (Feynman, Leighton & Sands 1963, p. I-2)
  2. "Physical science is that department of knowledge which relates to the order of nature, or, in other words, to the regular succession of events." (Maxwell 1878, p. 9)
  3. Young & Freedman 2014, p. 9
  4. "Physics is the study of your world and the world and universe around you." (Holzner 2006, p. 7)
  5. Russell, John B. "What is Chemistry?". Chemweb.ucc.ie. وقت 3 January 2021 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. 
  6. Chemistry آرڪائيو ڪيا ويا 2016-03-05 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. (n.d.). Merriam-Webster's Medical Dictionary. Retrieved August 19, 2007.