مواد ڏانھن هلو

طارق قريشي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

طارق قريشي (انگريزي: Tariq Qurrleshi ) سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ڪهاڻيڪار ۽ ناٽڪ نويس آهي. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن ۽ سندس ڊراما پڻ نشر ٿيل آهن.[1]

زندگي جو احوال

[سنواريو]

طارق قريشي جو پورو نالو طارق مسعود قريشي آهي. هيءُ 17 نومبر 1969ع تي سنڌ جي دادو ضلعو جي دادو تعلقو جي شهردادو ۾ حاجي نيڪ محمد قريشي جي گهر ۾ جنم ورتو.[2]

تعليم

[سنواريو]

طارق قريشي شروعاتي تعليم توڙي سيڪنڊري ۽ ڪاليج سطح جي تعليم دادو شهر ۾ حاصل ڪئي. هن ايم اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان پاس ڪئي.[2]

ادبي خدمتون

[سنواريو]

هن لکڻ جي شروعات 1984ع ۾ ڪئي. هن ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکيون جيڪي مختلف اخبارن ۽ معياري رسالن ۾ شايع ٿيون.[3] ڪهاڻي کان علاوه هن ناول ۽ ڊراما به لکيا آهن. سندس لکيل ڊراما سيريل ۽ انفرادي ڊراما گهڻو ڪري نجي چئنل ڪي ٽي اين تان ٽيليڪاسٽ ٿيل آهن.[2]

ڪتاب

[سنواريو]

طارق قريشي جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن پر انهن ۾ پنجين موسم، ٽين اک، صدي جو سفر، ٻالڪ فورس، ڀُوت بنگلو ۽ سپر مين ذڪر لائق ۽ سنڌي ادڀ ۾ واڌارو آهن.[2]

حوالا

[سنواريو]
  1. "شاعر ۽ اديب لفظن جا جادوگر هوندا آهن:مقرر". Awami Awaz (in اردو). 2019-12-30. Retrieved 2020-04-11.
  2. 1 2 3 4 "Poets and writers". Aziz Kingrani (in انگريزي). 2014-12-17. Retrieved 2020-04-11.
  3. "زوجياتي ادب....شٽل ڪاڪ....طارق قريشي". 2020-01-04. Retrieved 2020-04-11.