مواد ڏانھن هلو

جيڪب آباد ضلعو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(ضلعو جيڪب آباد کان چوريل)
جيڪب آباد ضلعو
ضلعو
جيڪب آباد ضلعو ۽ ان جا تعلقا
جيڪب آباد ضلعو ۽ ان جا تعلقا
جيڪب آباد ضلعو is located in Pakistan
جيڪب آباد ضلعو
جيڪب آباد ضلعو
جيڪب آباد ضلعو is located in سنڌ
جيڪب آباد ضلعو
جيڪب آباد ضلعو
پاڪستان ۽ سنڌ ۾ جيڪب آباد جو مقام
متناسقات: 28°16′N 68°26′E / 28.267°N 68.433°E / 28.267; 68.433
ملڪ پاڪستان
صوبو سنڌ
ڊويزن لاڙڪاڻو ڊويزن
ضلعي صدر مقام جيڪب آباد شھر
پکيڙ
  ڪل 2,686 ڪ.م2 (1,037 ميل2)
آبادي (2017)[1]
  ڪل 1,006,297

جيڪب آباد ضلعو پاڪستان جي صوبي سنڌ جو هڪ ضلعو آهي. اِن جو صدر مقام جيڪب آباد شهر آهي. هن ضلعي ۾ ٽي تعلقا شامل آهن.

تاريخ

[سنواريو]

1843ع م جڏھن ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي سرڪار سنڌ تي قبضو ڪيو تہ ان وقت خيرپور ميرس الڳ رياست ھئي ۽ باقي سنڌ کي ڪمپني سرڪار ٽن ضلعن م ورھايو جن م ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور شامل ھئا. موجوده لاڙڪاڻو ضلعو ، قمبر شھدادڪوٽ ضلعو، جيڪب آباد ضلعو، ڪشمور ضلعو، سکر ضلعو، دادو ضلعو شڪارپور ضلعي جا حصا ھيا. بعد ۾ 1901ع ۾ شڪارپور ضلعي کي ختم ڪري سکر ضلعو قائم ڪري ان جو حصو بڻايو ويو ۽ پوء جيڪب آباد کي پڻ الڳ ضلعو بڻايو ويو جنھن ۾ موجوده ڪشمور ضلعو ء بلوچستان جو شھر استاد محمد ء ٻيا علائقا پڻ شامل ھيا. استاد محمد بعد ۾ بلوچستان ۾ شامل ڪيو ويو ۽ 13 ڊسمبر 2004 ۾ ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ تعلقا پڻ ھن ضلعي کان ڌار ڪري الڳ ڪشمور ضلعو قائم ڪيو ويو. جيڪب آباد جو پراڻو نالو خانڳڙھ ھيو. ان جو نالو جيڪب آباد انگريز فوجي آفيسر ڪرنل جان جيڪب جي نالي تي آهي جنھن نئين شھر جو بنياد وجھي ان جي ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو اھڙي طرح ھن شھر انگريزن جي دؤر ۾ ضلعي جو درجو حاصل ڪيو. سنڌ جي سرحد تي ھجڻ ڪري ان کي ڪرنل جيڪب پنھنجو ھيڊ ڪوارٽر بڻائي سنڌ بلوچستان جي سرحدي باغي قبيلن تي ڪنٽرول ڪيو. ڪرنل جيڪب جي قبر پڻ جيڪب آباد شھر ۾ واقع آهي.

جيڪب آباد جا تعلقا

[سنواريو]

هي ضلعو ھيٺين ٽن تعلقن تي مشتمل آھي جن مان جيڪب آباد تعلقي جو درجو ھڪ سب ڊويزن وارو آھي.

  1. جيڪب آباد تعلقو
  2. ڳڙهي خيرو تعلقو
  3. ٺل تعلقو .

يونين ڪاؤنسلون

[سنواريو]

ھن ضلعي ۾ 44 يونين ڪاؤنسلون واقع آهن. شھرن جون يونين ڪاميٽيون الڳ آھن.

جيڪب آباد ضلعي جون يونين ڪاؤنسلون[2]
# يونين ڪاؤنسل # يونين ڪائونسل # يونين ڪاؤنسل
1شيرخان2الله آباد3خداآباد
4ميران پور5جھان پور6علڻ پورر
7شيران پور8دوداپور9محمدپور
10دستي11احمدپور12بقاپور
13رند واھي14جاني ديرو جاگير15مولاداد
16ناورا17رمضان پور18قادرپور
19ڳڙھي چند20ميھار شاھ21بختيارپور
22ٽوج23جونگل24جاڙيون
25شيرواھ26دين پور27ميرپور
28جھانگي واھ29رانجھاپور30بچرو
31ڦل نئون32مبارڪ پور33ميرل
34بلوچ آباد35بھادرپور36ڪريم بخش
37ڪوٽ جنگو38ڳڙھي حسن سرڪي39مصري پور
40غلامون41ملوئي42لوگي
43تاجو کوسو44مدد کوسو--

ديھون

[سنواريو]

ھن ضلعي ۾ ڪل 211 ديھون واقع آهن.

جيڪب آباد ضلعي جون ديھون[3]
# ديھ # ديھ # ديھ # ديھ
1آباد2عبدالله ڊکڻ3احمدپور4عاقل پور
5علي پور6عطائي7بچل پور8بادل واھ
9ٻاجھاڻي10بقاپور11ٻيلو علي پور12ٻيلو ڊڪشون
13ڀليڏنو14برج سيليمي15ڇڄڙا16ڇاواڻي
17ڏڍ18دادپور19دستي20ڏيٿا
21دلاور پور22فتح پور23ڳڙھي مھراب24ڳڙھي چند
25غوثپور26ھمڀي27جيڪب آباد28جاني ديرو
29خيرواھ30کالول آباد31ڪوريجا32لال لوڊرو
33مالھو آباد34ميھر شاھ35مھراب پور36ملڪيت سرڪار
37مولا آباد38مندراڻي پور39نوارا40نوازو
41اورنگ آباد42ڦاتڻ واھ43پير پڌرو44مولڻ رتو
45قادرپور46قيصر آباد47رحيم آباد48رمضان پور
49ريٽي50رندواھ51شھدادپور52شاھپور
53شيراد آباد54سوماڻپور55ٿرڙي ڀليڏنو56عمراڻيپور
57وڪڙو58وريام آباد 59واھ علي حيدر60وسايو
61عبدالله مھيسر62الله پور63الله آباد64امير آباد
65عظمت آباد66بھارو کوکر67ٻڍو68دڙو جيئند
69ڏاترڏنو مھيسر70ڏتل واھ71دوداپور72ڊٻ مورايو
73دنياپور74ڳڙھي خيرو75غوث آباد76گوڪلپور
77گل واھ78ھزار واھ79جعفرآباد80جھانپور
81جلباڻي82جمال آباد83جيئند84خيرو
85خانواھ86کنڊ87خانپور88خدا آباد
89ڪتچ90ڪوھاري91ڪور ٻيڙو92ڪور خيرو ڳچل
93ڪور رتو94ڪوٽاري95ڪوٽ علينواز96لال اوڍو
97لال واھ98لنڊ99مائري100ميرانپور
101مراد علي102محمدپور103نئون واھ104ناظم آباد
105پير بخش106پنھون ڀٽي107قيمت آباد108رسول آباد
109صالح110سانوڻ لاشاري111شاھبازي مھر112شھيد
113شير خان114شيران پور115سونَي واھ116سلطانپور
117تاجوديرو118ٿرڙي119زنگي پير120واھ مستري
121عبدالله جکراڻي122علي خان123اَلَغيار124اٺڙي
125بچرو126بھادرپور127بختيارپور128بلوچ آباد
129بَمبلَي130باڙي131ڀنگر132ڊاھو
133ٻِٽِي134ٻولاڪي135ٻرڙا136ڇنڊڻ
137چنا138ڊکڻ139دڙو مک140دين ڳڙھ
141ڌڻي بخش142دلمراد143ڊُول144دٻي
145فتح خان سڀايو146گنجي147ڳڙھي حسن148ڳڙھي رحيم آباد
149غلامون150گھڃيا151گرڪاڻو152گولا
153گُجَو154ھائڙو155ھامبي156ھوت واھ
157حيدرپور158جلال پور159جاڙيون160جھنگي واھ
161جئونگل162ڪانراڻي163ڪريم آباد164ڪريم بخش
165ڪٽا166کٽڻ167کوسا168خدابخش
169ڪوراڙ170ڪوٽ گل محمد171ڪوٽ جنگو172لاڏو
173لوگي174لوء175مدد کوسو176مالوئي
177مھر علي178مھراب پور179ميرل نئون180ميرل پراڻو
181ميرپور182مرسيپور183مٺو ٿرڙي184موسا واھ
185مبارڪ پور186محب واھ187ناڳڻ188نئون واھ
189اوڍاڻو190پڪو191پناھ آباد192ڦل
193پراڻو واھ194قلندر پور195رحيم آباد196رانجھاپور
197رپ مراد198رتو ٿررڙي199سڄڻ واھ200سميجا
201سرڪي202شيرواھ203شجرا204تاجو کوسو
205طالب شاھ206ٽانوري207ٿرڙي208ٺل نئون
209ٺل پراڻو210توج211اڏي

هيءَ پڻ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]