صوفي قبول محمد فاروقي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

صوفي قبول محمد فاروقي(انگريزي: Sufi Qabool Muhammad Faruqi ) ھي بزرگ پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي خيرپور جي ڳوٺ درازا شريف سان تعلق رکندڙ ھيو ۽ سچل سرمست جي چاچي جي اولاد مان ھيو ۽ خواجہ نجم الدين فاروقي جو پٽ ھيو.سائين جي ايم سيد مطابق سخي ميان قبول محمد سن 1261ھ، 1842ع ۾، درازن جي ڳوٺ ۾ تولد ٿيو. هن ابتدائي تعليم راڻيپور جي هڪ مولويءَ ۽ سندن عزيز ميان عبدالقادر فقير وٽ سنڌيءَ ۽ فارسيءَ ۾ ورتي. سندن والد، خواجه نجم الدين، ٽيويهن سالن جي ڄمار ۾، سنه 1272ھ ۾ وفات ڪري ويو، جڏهن هي اڃا يارهن ورهين جو مـَـس هو. ان کانپوءِ کين درگاهه جي مسند تي ويهاريو ويو. مسند نشينيءَ کانپوءِ پاڻ پڙهڻ ڇڏي ڏنائون، سارو وقت ذڪر فڪر ۾ گذارڻ شروع ڪيائون. هي بزرگ پرهيزگار، ڪم سخن ۽ صاحب حال شخص هو..[1]اڪثر درگاهن جي سجاده نشينن وانگر، هي به درگاهه جي مقرر ڪيل حد کان ٻاهر نه نڪتو. هن جي مسند نشينيءَ جو جملي عرصو ايڪهتر سال رهيو. هن انهيءَ عرصي ۾ سچل سرمست جي شروع ڪيل تحريڪ کي نئين سر منظم ڪيو. سندس ڪشش ۽ ڪوشش سان وٽس جملي مذهبن جا ماڻهو بنا ڪنهن فرق جي ڪـَـٺا ٿي، صوفيانه تعليم جي بنيادي متن ۽ مقصدن مان واقف ٿيڻ لڳا[1].سخي صاحب کي چار فرزند ٿيا: (1) ميان محمد بچل، (2) ميان محمد پريل، (3) ميان صاحبڏنو، (4) ميان رستم علي. پهريان ٻه فرزند سندن حياتيءَ ۾ وفات ڪري ويا هئا، جنهن ڪري سندن 23- ذوالقعد 1343ھ مطابق 15 جون 1925ع تي وفات کانپوءِ، سندن جاءِ تي ميان صاحب ڏنو مسند نشين ٿيو.[1].

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 جنب گذاريم جن سين ، ڀاڱو ٻيون؛ ليکڪ: سائين جي ايم سيد؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، ڇاپو ٽيون 2005