صوفي عبدالستار (جھوڪ وارو)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

صوفي عبدالستار(انگريزي: Sufi Abdul Sattar ) پير غوث محمد جھوڪ شريف واري جو پٽ ھيو.جنب گذاريم جن سين ۾ سائين جي ايم سيد لکي ٿو تہ:هي سن 1902ع ۾ ڄائو هو. جهوڪ شريف جي شهر ۾ ئي سنڌي تعليم ورتائين. ان کانپوءِ مولوي نواز علي خيرپوريءَ وٽ پارسي ۽ ٿوري عربي پڙهيائين. پوءِ پڙهڻ ڇڏي ڏنائين، ليڪن ڪتابن جي مطالعي جو کيس ڪافي شوق هوندو هو ۽ چڱو ذخيرو ڪتابن جو گڏ ڪيو هئائين. سندس والد جي وفاتيءَ بعد کيس مسند تي ويهاريو ويو. هي پنهنجي بزرگن جي نيڪ راويت قائم رکيو آيو، ۽ هندو مسلمان درگاهه تي ايندا رهيا[1].شاهه شهيد جي درگاهه تي ساليانو ميلو تاريخ 17 - صفر تي لڳندو آهي. جنهن موقعي تي درگاهه جا اڪثر طالب اچي حاضر ٿيندا آهن ۽ راڳ ۽ سماع جون مجلسون قائم ٿينديون آهن.[1]. صوفي ميان عبدالستار عابد، حليم، خوش خلق، تعصب ۽ دوئيءَ جي خرابين کان خالي، ڪم آزار ۽ يار ويس بزرگ هو. سندس صحبت ۾ راحت پيئي ايندي هئي. رات جو اڪثر فقير ارجنداس کان صوفيانه ڪلام ٻڌندو هو. سندس خوراڪ ۽ پوشاڪ نهايت سادي هوندي هئي.[1].

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 جنب گذاريم جن سين ، ڀاڱو ٻيون؛ ليکڪ: سائين جي ايم سيد؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، ڇاپو ٽيون 2005