صدر ٽائون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(صدر تعلقو کان چوريل)
صدر
تعلقو
صدر ٽائون
فريئر ھال
فريئر ھال
صدر ٽائون جو نقشو
صدر ٽائون جو نقشو
صدر is located in سنڌ
صدر
صدر
صدر is located in Pakistan
صدر
صدر
پاڪستان ۽ سنڌ ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 24°50′N 67°00′E / 24.833°N 67.000°E / 24.833; 67.000مڪانيت: 24°50′N 67°00′E / 24.833°N 67.000°E / 24.833; 67.000
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو ڪراچي ڏکڻ ضلعو
يونين ڪاؤنسلون 11
پکيڙ
 • ڪل 3.99 ڪ.م2 (1.54 ميل2)
آبادي ([1]2017)
 • ڪل 36,366

صدر ٽائون (انگريزي: Sadder Town )پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ڪراچي ڏکڻ جو هڪ تعلقو آهي. ھن ٽائون جون 11 يونين ڪاؤنسلون آهن جن ۾ سٽي ريلوي ڪالوني، سول لائينز، ڪلفٽن، گارڊن، گزدر آباد، اسلام پورا يا ملت نگر، کارادر، ڪھڪشان، نانڪ واڙا، اولڊ حاجي ڪيمپ ۽ ڪينٽ شامل آهن. ھن ٽائون جي عمارتن ۾ ھڪ وڏو تعداد برٽش انڊيا واري دؤر جو آھي[2][3][4]. لفظ صدر جو مطلب آبادي جو مرڪزي ھنڌ آھي. صدر جي معني وڏو پڻ آهي. ھن ٽائون جي اوڀر م جمشيد ٽائون ۽ ڪلفٽن ڪنٽومينٽ، ڏکڻ پاسي ڪياماڙي ٽائون ۽ عربي سمنڊ آھي. ان جي اولھ م لياري ٽائون واقع آهي.

تاريخ[سنواريو]

صدر م واقع برٽش دور جي ايمپريس مارڪيٽ

صدر ٽائون ڪراچي جي پراڻي پراڻن علائقن تي مشتمل آهي جن ۾ کارادر، مٺادر پڻ شامل آھن. اھي در نائومل جي پيءُ پاران ٺھرايل ڪوٽ جا ٻہ مختلف پاسن کان در ھيا. ھڪ در پاسي جر جو پاڻي مٺو ھيو تہ اھو مٺو در سڏجڻ لڳو ۽ ٻئي پاسي واري در جو پاڻي کارو ھيو جيءو سمنڊ واري طرف کان ھيو اھو کارودر سڏجڻ لڳو. اھي ٻئي در 1860 واري ڏھاڪي ۾ ڊاٿا ويا ھيا. برٽش دور ۾ صدر ڪراچي جو مرڪز ھيو. پاڪستان ٺھڻ بعد بعد بہ سرڪاري آفيسون صدر ۾ رکيون ويون. برٽش انڊيا واري دؤر جون مشھور ۽ خوبصورت عمارتون پڻ اتي واقع آھن جن ۾ ڪراچي گرامر اسڪول، فريئر ھال، سنڌ ڪلب شامل آهن [4] وفاقي حڪومت 2000 ۾ لوڪل گورنمينٽ سڌارا آڻي ڪراچي ڊويزن ۽ ضلعا ختم ڪري شھري حڪومت جو نظام قائم ڪيو جنھن ۾ ھن شھر کي تقسيم ڪري 18 ٽائون ٺاھيا ويا جن ۾ صدر ٽائون پڻ شامل ھيو. 2008 ۾ شھري حڪومت جي نظام کي تبديل ڪري ڪراچي ڊويزن ۽ ضلعا بحال ڪيا ويا

علائقو[سنواريو]

صدر ٽائون ڪراچي شھر جو وڏو ڪاروباري مرڪز آھي. ايمپريس مارڪيٽ وارو علائقو بس جي اڏن جو مرڪز آھي جتان سموري ڪراچي شھر طرف بسن جو اچڻ وڃڻ ٿئي ٿو. ھي ٽائون شھري ريلوي نظام جو پڻ مرڪز آھي ۽ ان جي لڳ ڪراچي پورٽ پڻ واقع آهي. ڪراچي جي موبائل فونن جو وڏي ۾ وڏو مارڪيٽ پڻ ھتي آھي. ھن ٽائون جي مشھور گھٽي زيب النساء اسٽريٽ جنھن جو نالو ھڪ صحافي عورت زيب النساء حميد الله جي نالي سان منصوب ٿيل آهي.[5] صدر ٽائون جي مکيہ علائقن ۾ شامل آهن: باٿ آئلينڊ، ڪراچي، سٽي ريلوي ڪالوني، سول لائينز، گارڊن، گزدرآباد، اسلام پورا، ڪلاڪوٽ، ڪھڪشان، کارادر، گانچي پاڙا، ملت نگر، نانڪ واڙا، نارائڻ پورا، اولڊ حاجي ڪيمپ، رنڇوڙ لائين، صدر، اسٽاف لائينز ڪينٽ، اقبال لائينز ڪينٽ، آرمي آفيسرز ميس، جناح لائينز ڪينٽ، عمرڪوٽ لائينز ڪينٽ، عسڪري I ڪينٽ، عسڪري II ڪينٽ، عسڪري III ڪينٽ، عبدالستار ايڌي ھاڪي اسٽيڊيم، ڪينٽ، شاھ رسول ڪالوني، سڪندر آباد، شيرين جناح ڪالوني.

تصويرون[سنواريو]

زيب النساء اسٽريٽ ۾ واقع محمد علي بلڊنگ
صدر م واقع سيٺ ايڊلجي ڊنشا جي نالي سان منصوب: ڊنشا ڊسپينسري
صدر ۾ واقع سينٽ پيٽرڪ واري ڪئٿيڊرل
صدر ۾ ميمڻ جي ڪڇي مسجد
صدر م 1868 ۾ قائم ٿيل سينٽ اينڊريو ڪليسا

حوالو[سنواريو]

  1. https://www.citypopulation.de/php/pakistan-karachi.php
  2. "KARACHI: Saddar: the VIP town". Dawn (newspaper). حاصل ڪيل 7 April 2018. 
  3. "Pakistan's crumbling architectural heritage - The Peninsula Qatar". www.thepeninsulaqatar.com. حاصل ڪيل 2018-03-09. 
  4. 4.0 4.1 Faizah Malik. "Heritage Foundation calls for restoration of Calcutta House in Karachi". The Express Tribune (newspaper). حاصل ڪيل 7 April 2018. 
  5. Wandering in wonder: A new way to visit Karachi Dawn (newspaper), Published 19 January 2015, Retrieved 7 April 2018