صحت جي سار سنڀال

صحت جي سار سنڀال (Healthcare) انساني صحت جي بهتري لاءِ خدمتون آهن. اها بيماري، طبيعت جي خرابي، زخمن ۽ ماڻهن ۾ ٻيون جسماني ۽ ذهني خرابين جي بچاءُ، تشخيص، صحت جي بهتري ۽ بيماري جي علاج جي ذريعي صحت جي سار سنڀال آهي. صحت جي سار سنڀال صحت جي ماهرن ۽ لاڳاپيل صحت جي شعبن پاران فراهم ڪئي ويندي آهي. جسماني ۽ نفسياتي مرضن جي تشخيص، دواسازي، فارميسي، پيشه وارانه علاج، سرجري، نرسنگ، فزيوٿراپي، آپٽوميٽري، آڊيولاجي، ڪاونسيلنگ، ايٿليٽڪ ٽريننگ، ڊينٽيسٽري، ٻيا صحت جا ادارا جيڪا صحت جي سار سنڀال کي قائم ڪن ٿا ۽ عوامي صحت فراهم ڪرڻ لاء ڪيل ڪم شامل آهي. هن خدمتن کي بنيادي، ثانوي، ٽئين درجي جي سنڀال جي خدمتن ۾ ورهايو ويندو آهي.
صحت جي سار سنڀال تائين رسائي، جيڪا سماجي ۽ معاشي حالتن ۽ صحت جي پاليسين کان متاثر آهي، ملڪن، برادرين ۽ فردن ۾ مختلف ٿي سگهي ٿي. صحت جي سار سنڀال جون خدمتون فراهم ڪرڻ جو مطلب "صحت جي بهتري ۽ ممڪن طور تي بهترين نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ صحت جي خدمتن جو بروقت استعمال" آهي.[3] صحت جي سهولتن جي رسائي جي لحاظ کان قابل غور شيئن ۾ مالي حدون (جهڙوڪ هيلٿ جو بيمو)، جاگرافيائي ۽ نقل و حمل جي رڪاوٽون (جهڙوڪ ٽرانسپورٽ جو اضافي خرچ ۽ اهڙين خدمتن لاء خاص ڪيل وقت کي استعمال ڪرڻ جي صلاحيت)، سماجي ثقافتي حدون ۽ ذاتي حدون (صحت جي سار سنڀال فراهم ڪندڙن سان رابطي جي صلاحيت جي کوٽ، صحت جي باري ۾ گهٽ علم ۽ گهٽ آمدني) شامل آهن.[4] صحت جي سار سنڀال لاء خدمت جي حدون، سماجي ڀلائي، طبي خدمتن جي استعمال، علاج جي اثرائتي ۽ مجموعي نتيجي (صحت جي ڀلائي، موت جي شرح جي ڪمي) کي متاثر ڪن ٿيون.
صحت جي نظامن سان مراد صحت جي سار سنڀال سان لاڳاپيل تنظيمون آهن. جيڪيون هڪ خاص آبادي جي صحت جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ قائم ڪيون وينديون آهن. ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (WHO) جي مطابق، هڪ سٺي ڪم ڪندڙ صحت جي سار سنڀال جي نظام لاء سٺي ماليات جي ميڪانزم، هڪ سٺي تربيت يافته ۽ مناسب طور تي ادا ڪيل افرادي قوت، قابل اعتماد معلومات جنهن تي فيصلا ۽ پاليسين جي بنياد رکي سگهجي ۽ معياري دوائون پهچائڻ، علاج، لاءِ سٺي نموني برقرار رکيل صحت جون سهولتون ۽ علاج ۽ سرجري ۾ استعمال ٿيندڙ معياري ٽيڪنالاجين، جي ضرورت آهي.
هڪ موثر صحت جي سار سنڀال جو نظام ڪنهن به ملڪ جي معيشت، ترقي ۽ صنعتن جي واڌاري ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. صحت جي سار سنڀال عام جسماني ۽ ذهني صحت ۽ دنيا جي ماڻهن جي ڀلائي کي فروغ ڏيڻ ۾ هڪ اهم عنصر آهي.[5] ان جو هڪ مثال سال 1980ع ۾ چيچڪ جي خاتمي لاءِ، صحت جي عالمي تنظيم (WHO) پاران اعلان ڪيل عالمي پروگرام هو ۽ چيچڪ انساني تاريخ ۾ پهريون مرض هو جيڪو منصوبندي واري سار سنڀال جي مداخلت ذريعي ختم ڪيو ويو.[6]
خدمتن جي ترسيل
[سنواريو]خدمتن تائين رسائي
[سنواريو]لاڳاپيل شعبا
[سنواريو]پڻ ڏسو
[سنواريو]ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]لائبريري وسيلا بابت صحت جي سار سنڀال |
وڪيميڊيا العام تي صحت جي سار سنڀال بابت زمرا
حوالا
[سنواريو]- ↑
"Hospital beds per 1,000 people". Our World in Data. وقت 12 April 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 7 March 2020. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ "Governor Hochul, Mayor Adams Announce Plan for SPARC Kips Bay, First-of-Its-Kind Job and Education Hub for Health and Life Sciences Innovation". State of New York. وقت 1 November 2022 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل October 13, 2022. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ Institute of Medicine (US) Committee on Monitoring Access to Personal Health Care Services; Millman, M. (1993). Access to Health Care in America. The National Academies Press, US National Academies of Science, Engineering and Medicine. doi: . ISBN 978-0-309-04742-5. https://www.nap.edu/read/2009/chapter/2. Retrieved 14 June 2019.
- ↑ "Healthcare Access in Rural Communities Introduction". Rural Health Information Hub. وقت 11 February 2021 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2019-06-14. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ "Health Topics: Health Systems". www.who.int. World Health Organization. وقت 2019-07-18 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2013-11-24. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ World Health Organization. Anniversary of smallpox eradication. Geneva, 18 June 2010.