مواد ڏانھن هلو

صافو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

صافو (Saafo) جنھن سان ڪا شئي صاف ڪجي، اُگھڻو.

ڪلھي تي رکيل ڇال يا انگوشو، جيڪو ھٿ منھن ڌوئڻ کان پوءِ ٽمندڙ پاڻي اگھڻ لاءِ استعمال ڪجي.

بوٽ وغيرھ کي ڇنڊڻ وارو ڪپڙو.

موالي، جنھن ڪپڙي سان ڀنگ ڇاڻين.

وزم ڀريل سلفيءَ جي منڍ ۾ ڏنل ڪپڙو، جنھن مان چرس وارو تماڪ ڇڻي وات ۾ اچي، ان ڪپڙي کي به صافو چوندا آھن.

جنڊ جي تنئور مان جنھن ڪپڙي سان اٽو اگھي ڪڍجي، تنھن کئ نائو به چون ته صافو پڻ ڪوٺيندا آھن.

ٻاٽليءِ ۾ ڪڙھيل چانھ کي جنھن ڪپڙي مان ڇاڻين، تنھن کي به صافو چوندا آھن. [1] [2]

حوالا

[سنواريو]
  1. ٻوليدان؛ عبدلوھاب سھتو
  2. "صافو" (sd ۾). Wiktionary. 2025-02-24. https://sd.wiktionary.org/wiki/%D8%B5%D8%A7%D9%81%D9%88.