صادق علي خان (راڳي)
ڏيک
استاد صادق علي خان به جيسلمير جو رهاڪو هو ۽ -استاد- بخشي خان سان گڏ سنڌ ۾ آيو هو ۽ ساڻس گڏ ڳائيندو هو. هو به رياست خيرپور جي مير صاحبن جي ڪوٺ تي آيو هو ۽ ڪجهه وقت خيرپور ۾ رهڻ کان پوءِ مستقل طرح حيدرآباد ۾ رهائش اختيار ڪيائين. -استاد صادق علي خان- تي به ساڳيو -استاد- بخشي خان وارو رنگ چڙهيل هو ۽ دهلي گائڪيءَ ۾ ڪرناٽڪي گائڪيءَ کي ملائي ڳائيندو هو.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ استاد صادق علي خان : (Sindhianaسنڌيانا), اصل نسخو مان 2016-04-11 تي محفوظ ڪيل, 2016-05-26 تي حاصل ڪيل
{{citation}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد)