مواد ڏانھن هلو

شڪر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شڪر يا شڪرگذاري(انگريزي: Gratefulness) جي اصل معنيَ آهي اعتراف نعمت يا احسان مندي[1]. سوره النساء جي آيت نمبر 147 ۾ قرآن فرمائي ٿو ته:

مَا يَفْعَلُ اللَّهُ بِعَذَابِكُمْ إِنْ شَكَرْتُمْ وَآمَنْتُمْ ۚ وَكَانَ اللَّهُ شَاكِرًا عَلِيمًا
ترجمو:جيڪڏھن (سندس نعمتون ڄاڻي) شڪر ڪندؤ ۽ ايمان آڻيندؤ تہ الله اوھانکي عذاب ڇا لاءِ ڪندو؟ ۽ الله تہ قدر سڃاڻندڙ ڄاڻندڙ آھي

النساء: 147

ھڪ محسن جي مقابلي ۾ صحيح احسانمنداڻو رويو اھو ئي ٿي سگھي ٿو ته ماڻھو دل سان ان جي احسان جو اعتراف ڪري، زبان سان اقرار ڪري ۽ عمل سان احسانمندي جو ثبوت ڏئي[1]. انھن ٽنھي جي مجموعي جو نالو شڪر آهي. جيڪڏھن خدا جي طرفان بندي لاء شڪر ھجي تہ اھا قدرداني يا خدمت جو اعتراف سمجھبو[1]. قدردان دراصل شاڪر ھوندو آھي[1].

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 3 4 - ڪتاب: تفھيم القرآن ، جلد اول ، ابوالاعلي مودودي، اداره ترجمان القرآن ، لاھور ڇاپو 35 مارچ 2003، صه : 412