مواد ڏانھن هلو

شڪار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شڪار (Hunting) انساني سرگرمي آهي جنهن ۾ جهنگلي جيوت يا آواره جانورن کي ڳولڻ، پويان لڳڻ، پڪڙڻ ۽ مارڻ شامل آهي.[3] انسانن پاران شڪار ڪرڻ جا عام سبب جانورن جو جسم حاصل ڪري ان مان گوشت ۽ ٻيون مفيد شيون (کل، هڏا، هٿي ڏند، شنگ وغيره) حاصل ڪرڻ، تفرِيح يا ٽرافي شڪار (trophy hunting) آهن. ان کان علاوه، خطرناڪ جانورن کي ختم ڪرڻ، فصلن ۽ چوپائي مال کي نقصان پهچائيندڙ جانورن کي مارڻ، سياحت (جهڙوڪ سفاري), يا ماحولياتي توازن برقرار رکڻ لاءِ به شڪار ڪيو ويندو آهي.

تفريحي طور شڪار ڪيل جانورن کي عام طور تي "شڪار" (game) چيو ويندو آهي، جن ۾ اڪثر ڪري کير پياريندڙ جانور ۽ پکي شامل هوندا آهن. شڪار ۾ حصو وٺندڙ شخص کي شڪاري چيو ويندو آهي. شڪار لاءِ مخصوص ڪيل قدرتي علائقي کي "شڪارگاهه" چيو ويندو آهي.

فنلينڊ ۾ شڪار دوران هڪ شڪاري جو منظر

انسانن ۾ شڪار جي سرگرمي Homo erectus يا ان کان اڳ لکين سال اڳ پيدا ٿي هئي. شڪار مختلف انساني ثقافتن ۾ گهرو رچيل آهي ۽ ڪنهن زماني ۾ ٻهراڙي جي معيشت جو اهم حصو هو. جديد قانون (شڪار جا قانون) قانوني شڪار ۽ غير قانوني شڪار (Poaching) جي وچ ۾ فرق ڪن ٿا.

هڪ شڪاري ڪمان (bow) سان شڪار ڪندي

ٻيلي باني، زراعت ۽ ماهيگيري وانگر شڪار به بنيادي پيداوار جو هڪ ذريعو رهيو آهي. مادي فائدن کان علاوه، شڪار کي جانورن جي آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻ جو هڪ وسيلو پڻ سمجهيو ويندو آهي. شڪار جا حامي چون ٿا ته منظم شڪار ماحولياتي نظام لاءِ ضروري ٿي سگهي ٿو، خاص طور تي جڏهن قدرتي شڪاري جانورن جي کوٽ هجي. تنهن هوندي به، وڌيڪ شڪار ڪيترن ئي جانورن جي نسلن جي خاتمي يا خطري جو سبب پڻ بڻيو آهي.[4] جانورن جي حقن جا ڪجهه ڪارڪن شڪار کي جانورن تي ظلم ۽ غير ضروري راند سمجهن ٿا.[5]

سامونڊي کير پياريندڙ جانور جهڙوڪ ويل جو شڪار به ڪيو ويندو آهي، جيڪو اڪثر تڪراري هوندو آهي. مڇي ماري (fishing) کي عام طور تي شڪار جي زمري ۾ نه رکيو ويندو آهي. اهڙي طرح، جانورن کي مارڻ جي نيت کانسواءِ انهن جو پيڇو ڪرڻ (جهڙوڪ وائلڊ لائيف فوٽوگرافي يا برڊ واچنگ) کي به شڪار نه چيو ويندو آهي.

لفظ جي بناوٽ (Etymology)

[سنواريو]

لفظ "شڪار" فارسي مان نڪتل آهي، جيڪو سنڌي ۾ عام جام استعمال ٿئي ٿو. انگريزي لفظ hunt پراڻي انگريزي جي لفظ huntian مان نڪتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي "پيڇو ڪرڻ". لڳ ڀڳ 1200ع کان وٺي هن لفظ جو مطلب ڪنهن شيءِ کي ڪوشش سان ڳولڻ پڻ ورتو ويندو آهي.

شڪار جا قسم

[سنواريو]
  • تفريحي شڪار (Trophy hunting)
    • وڏن جانورن جو شڪار (شير، هاٿي، هرڻ وغيره)
    • ننڍن جانورن جو شڪار (کوهڙا، سهي وغيره)
  • پکين جو شڪار (تتر، بٽير، تلور وغيره)
  • انتظامي شڪار (آبادي گهٽائڻ لاءِ)
  • تجارتي شڪار (کلن يا گوشت لاءِ)

تاريخ

[سنواريو]

قديم پٿر وارو دور (Lower to Middle Paleolithic)

[سنواريو]

شڪار جي تاريخ تمام پراڻي آهي. هي جديد انسان (Homo sapiens) جي ظهور کان به اڳ جو عمل آهي.

شڪار جا قديم ترين ثبوت لڳ ڀڳ 17 لک سال اڳ جا آهن، جيڪي Homo erectus جي دور سان مطابقت رکن ٿا.[6] جيتوڻيڪ اهو مڃيو وڃي ٿو ته انسان جا شروعاتي وڏڙا ميوا کائيندڙ هئا، پر لڳ ڀڳ 50 لک سال اڳ کان وٺي شڪار جا ڪجهه آثار ملن ٿا، جيڪي چيمپانزي جي شڪاري رويي سان مشابهت رکن ٿا.

گرين لينڊ ۾ هڪ شڪاري ماريل رينڊيئر کڻي وڃي رهيو آهي

پڻ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. Oxford Dictionary of English. Stevenson, Angus (3 ڇاپو). Oxford: Oxford University Press. 2010. ص. 856. ISBN 978-0-19-957112-3. OCLC 729551189.{{cite book}}: CS1 maint: others (ڳنڍڻو)
  2. Peterson, M. Nils (2019), "Hunting", ۾ Fath, Brian D. (مرتب), Encyclopedia of Ecology (انگريزي ۾), جلد 3 (2 ڇاپو), Elsevier, ص. 438–440, doi:10.1016/b978-0-12-409548-9.11168-6, ISBN 978-0-444-64130-4
  3. [1][2]
  4. "Red List Overview". IUCN Red List. International Union for Conservation of Nature. Retrieved 8 September 2010.
  5. "Why Sport Hunting Is Cruel and Unnecessary". PETA. 2003-12-15.
  6. Gaudzinski, S (2004). "Subsistence patterns of Early Pleistocene hominids in the Levant". Journal of Archaeological Science.