مواد ڏانھن هلو

شڪائي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شڪائي (عربي: شڪاعي، اردو شکاعي) هيءَ ڪنڊن سان جهنجهيل ٻوٽي آهي، جنهن جي ڪاٺي آڱر جهڙي ٿلهي ٿئي ٿي. پن ٽڪنڊا پشم سان ڪندي آهي. رنگ ۾ هيڊي ۽ واڱڻائي گل ڪندڙ آهي، جن ۾ هيڊي جهلڪ ٿئي ٿي. بعض طبي ڪتابن ۾ شڪاعي ۽ بادآورد (ڊاماهو) ائين لکيا ويندا آهن، ڄڻ ته هي ٻه الڳ شيون نه پر هڪ چيز آهي. حقيقت ۾ شڪاعي ۽ بادآورد ٻه علحده دوائون آهن.

مزاج: گرم خشڪ مقدار خوراڪ: پنجن کان ستن ماسن تائين

هي مسڪن، محلل ۽ خشڪي پيدا ڪندڙ آهي، ڏندن جي سور ۽ ڪاڪڙي جي سوڄ لاءِ هن جي ڪاڙهي مان گرڙيون ڪرايون وڃن ٿيون. رت وهندڙ کي بند ڪندڙ آهي. ڏڪڻي جي مرض ۽ جگر ۽ معدي جي سرد بيمارين ۾ مفيد آهي. پراڻن تپن، دستن ۽ حيض جي گهڻائيءَ لاءِ سندس پاڙ جو ڪاڙهو فائديمند ٿئي ٿو. (غير سمي آهي.)[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.