مواد ڏانھن هلو

شيرواني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
حيدرآباد دکن جو آخري نظام مير عثمان علي خان شيرواني پاتل وچ ۾ بيٺل


شيرواني شيرواني ڏکڻ ايشيا ۾ مردن طرفان پاتي ويندڙ هڪ ڊگهي ٻانهين واري ٻاهرين پوشاڪ آهي۔ اها مغربي فراڪ ڪوٽ وانگر جسم سان ٺهڪندڙ هوندي آهي، چيلھ وٽ ٿورو تنگ ھوندي آهي، گوڏن کان هيٺ تائين پوندي آهي ۽ سامهون کان بٽڻن سان بند ٿيندي آهي۔ شيرواني بغير ڪالر جي به ٿي سگهي ٿي، قميص جهڙي ڪالر واري به، يا منڊيرن ڪالر جي انداز ۾ بيٺل ڪالر واري به ٿي سگهي ٿي۔[1]. شيرواني اوڻيهين صديءَ ۾ هندي برصغير ۾ ارتقا پذير ٿي، جڏهن مغل دؤر جي آخري زماني جي ٻاهرين پوشاڪ انگرکا، جيڪا پاڻ فارسي چادر بالابا مان ارتقا پذير ٿي هئي، کي سامهون کان بٽن واري مغربي انداز سان ڍاليو ويو۔[2]. هن لباس جو نالو غالباً موجوده آذربائيجان جي علائقي شيروان (يا شروان) مان ورتل سمجهيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته ان علائقي جي روايتي لوڪ پوشاڪ چوخا شيرواني سان گهڻي مشابهت رکي ٿي۔ تنهن ڪري، وچئين دور ۾ ترڪي–فارسي نسلي ۽ ثقافتي لاڳاپن سبب، شيرواني کي قفقازي لباس جي هڪ مغلائتي صورت به سمجهي سگهجي ٿو.[3]۔ هڪ ڪافي نئين دور جي ايجاد آهي، ان حقيقت جي باوجود ته ڪڏهن ڪڏهن ان کي “هندستاني قومي لباس” به چيو ويندو آهي۔ وچ ايشيائي مغل لباس جا عنصر ۽ وڪٽورين دور جي يورپي فوجي ۽ سرڪاري لباس جا عنصر، ڄڻ ته تاريخدانن جي اکين اڳيان ئي، هڪ ٻئي ۾ ملي ۽ ڳري گڏ ٿي ويا۔ اڃا تائين پوري طرح واضح ناهي ته شيرواني پنهنجي موجوده صورت ۾ ڪڏهن، ڪيئن ۽ ڪنهن طرفان ايجاد ڪئي وئي[4]. شيرواني جو تنگ ۽ اوچو ڪالر واضح طور تي يورپ ۾ گذريل صديءَ دوران پاتل فوجي وردي مان نقل ڪيل آهي۔ شيرواني جي شڪل, ڇاتي ۽ ڪمر وٽ تمام تنگ، ۽ هيٺان ڦهليل ۽ کليل, ڪرتي جي نموني مان ورتل آهي، جتي اها باريڪ ڪپڙي سان مناسب ۽ ٺهڪندڙ لڳي ٿي[5].

حوالا

[سنواريو]
  1. Tarlo, Emma (1996), Clothing Matters: Dress and Identity in India, University of Chicago Press, ص: xii, آئي ايس بي اين 9780226789767۔
  2. Tarlo, Emma (1996), [. Clothing Matters: Dress and Identity in India] چڪاسيو |url= قدر (مدد), University of Chicago Press, ص: 47, آئي ايس بي اين 9780226789767۔
  3. "Sherwani | Meaning of Sherwani by Lexico", 22 ڊسمبر 2019, اصل کان 22 December 2019 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 30 آڪٽوبر 2022۔
  4. The History of Dress By Dr. Omar Rolf Baron Ehrenfels ; SINDH OBSERVER Selection from the Journal of Sindh Historical Society; page 294; Edited by: Dr.Mubarak Ali
  5. The History of Dress By Dr. Omar Rolf Baron Ehrenfels ; SINDH OBSERVER Selection from the Journal of Sindh Historical Society; page 294; Edited by: Dr.Mubarak Ali