شيخ مراد علي "ڪاظم"
شيخ مراد علي ”ڪاظم“(انگريزي: Sheikh Murad Ali Kazim)جیڪو سنڌ جي معياري ۽ غزل گو شاعر روھڙيءَ ۾ 10 مئي 1901ع ۾ ڄائو ۽ ھڪ غريب خاندان مان ترقي ڪري، سنڌي علم و ادب ۾ وڏي مقام تي پھتو. سندس ڪلام نھايت رنگين، پختو ۽ برجستو آھي. سندس تغزل جي فني حيثيت مسلم آھي. مولانا گرامي لکي ٿو تہ مرحوم سنڌيءَ سان گڏ، فارسي ڪلام بہ چيو آھي. سندس فارسي ڪلام جو داد، بلبل ھند سروجني نيڊو جھڙي اديبہ ۽ عالمہ بہ ڏنو ھو، جنھن جي ھدايت ۽ نصيحت تي ئي ھن ڌارين ٻولين ۾ طبع آزمائيءَ کي ڇڏي پنھنجي مادري زبان سنڌيءَ ۾ شعر چوڻ شروع ڪيو. مرحوم روھڙيءَ ۽ خيرپور ميرس ۾ تعليم ورتي ۽ 1919ع ۾ سنڌ مدرسہ ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين. ان عرصي ۾ فارسي ۽ ڪجھھ عربي پڙھيائين، ۽ چڱو استعداد پيدا ڪيائين. ھندستان جو سير بہ ڪيائين، ۽ اردو زبان ۾ خاصي مھارت حاصل ڪيائين.خيرپور جي مفتي سعيد الله وٽ ديوان حافظ فارسي باقاعدي مطالع ڪيائين. 1919ع کان 1923ع تائين، سنڌي شعر چوندو رھيو. مولانا گرامي مطابق 1923ع ۾ ھڪ سنڌي ديوان شايع ڪرڻ لاءِ مرتب ڪيائين، پر افسوس جو اھو گم ٿي ويو. مرحوم پنھنجي حياتيءَ جو ڳچ حصو ڪراچيءَ ۾ گذاريو، ۽ اتي ملازمت ڪندو رھيو. اوائلي دور کان لاڙڪاڻي ۽ حيدرآباد جي ادبي حلقن سان وابستہ رھيو، ۽ پوئين دور ۾ ڪراچيءَ ۾ رھي، ادبي خدمت ڪندو رھيو. سندس ڪلام سنڌ جي سڀني معياري ۽ علمي رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندو رھيو آھي پاڻ آڪٽوبر 1954 ۾ وفات ڪيائين..[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ {ڪتاب:ويا سي وينجهار؛ ليکڪ: غلام محمد گرامي؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو؛ ڇاپو ٻيون جون 1995 صہ 31 }