شيخ محمد جعفري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
شيخ محمد جعفري
پيدائش ملتان
وفات بکر
شھرت جو ڪارڻ مذھبي عالم ۽ ٺٽي جو قاضي

شيخ محمد جعفري(انگريزي: Sheikh Muhammad Jaffri) قاضي شيخ محمد اُپي جعفري اصل ملتان جا هئا، پوءِ سکر ۾ رهڻ لڳا، سيد محمد مهدي جونپوري، جڏهن ٺٽي ۾ وارد ٿيو، تڏهن پير آسات، شيخ جهنڊو پاتڻي، دريا خان مدار المهام سندس مريد ٿيا، جنهن تي مخدوم بلال رح جي خليفي سيد حيدر سنائي سيد مهدويءَ خلاف قتل جي فتويٰ صادر ڪئي، معاملو ڄام نندي جي درٻار ۾ پيش ٿيو. شيخ محمد جعفري دليلن ۽ ثبوتن سان مير سيد حيدري جي فتويٰ کي رد ڪري ڏيکاريو، جنهن کان پوءِ ڄام نندي سيد مهدي جونپوري کي سنڌ مان نڪري وڃڻ جو حڪم ڏنو. شيخ محمد جعفري جي قابليت کي ڏسي ڄام نندي هن کي ٺٽي جو قاضي مقرر ڪيو ۽ ميرزا شاهه حسن به سندس عهدي کي بحال ڪيو. شيخ محمد جعفري مرزا عيسيٰ ترخان جي ڏينهن ۾ وفات ڪئي[1].

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ سکر :مصنف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ؛ڇاپو: پهريون سال؛ 1992ع ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ