مواد ڏانھن هلو

شيخ عيسيٰ ڪوريجو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شيخ عيسيٰ، هيءُ بزرگ حضرت خواجه غلام فريد جو وڏو ڏاڏو هو، ذات جو ڪوريجو هو ۽ سندس والد بزرگوار جو نالو يوسف هو. محترم مولانا نور احمد خان فريدي لکيو آهي ته ”هي بزرگ پنهنجي زماني جو امير ڪبير هو. سن 756ھ ۾ امارت ترڪ ڪري درويشي اختيار ڪيائين، ۽ ٺٽي ۾ سنه 758ھ ۾ حضرت بنده نواز گيسو دراز دهلويءَ جو مريد ٿيو. بزرگ کيس خلافت جي خرقي سان به نوازيو“.[1] سيد محمد گيسودراز ابن يوسف الحسن دهلوي حضرت شيخ نصيرالدين محمود چراغ دهلويءَ جو خليفو هو. مٿي اچي چڪو آهي، ته ٺٽي ۾ حضرت شيخ نصيرالدين محمود چراغ دهلوي، محمد تغلق جي سنڌ تي حملي دوران ٺٽي آيو هو. انهيءَ ڪري شيخ عيسيٰ، حضرت گيسودراز جو نه، پر حضرت چراغ دهلويءَ جو مريد خليفو ٿيو هوندو. ان کان سواءِ سن به صحيح نه آهن. محمد تغلق سنڌ ۾ سن 751ھ ۾ وفات ڪئي، ۽ حضرت چراغ دهلوي سن 751ھ ۾ سنڌ ۾ آيو، ۽ ڪجهه وقت ٺٽي ۾ رهي، موٽي ويو. ان تاريخي حقيقت جي روشنيءَ ۾ معلوم ٿئي ٿو، ته شيخ عيسيٰ سن 751 ۾ ٺٽي ۾ حضرت محمود چراغ دهلويءَ جو مريد ٿيو.[2]

حوالا

[سنواريو]
  1. ديوان فريد، جلد اول، ملتان ص 20.
  2. چشتي سلسلو: ميمڻ عبدالمجيد سنڌي مھراڻ رسالو؛ جلد 35؛ 1986؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو