شيخ سليمان
ڏيک
شيخ سليمان: شيخ قاسم جو فرزند هو. اهل دل، صوفي، عالم ۽ شاعر هو. ”سيفي“ تخلص ڪندو هو. سندس فارسي رباعيون، سندس ڀاءُ مسيح الاولياءُ شيخ عيسيٰ جي ڪتاب”عين المعاني“ ۾ ملن ٿيون، جن ۾ اسمائي حسنه جي تعريف بيان ڪئي اٿس. هيٺين رباعي ۾ صوفي بابت چوي ٿو: صوفي که صفا و صفِ حياتِ دل اوست زان هم گز رد چون نگرد بر رخِ دوست يعني که بود پاک دران حضرت قدس از هرچه بود خواه بد و خواه نکوست 18 جمادي الثاني سنه 1005ھ(1596ع) ۾ اڪبر بادشاهه جي زماني ۾ بيجاپور جي مهم ۾ خانخانان جي لشڪر ۾ جنگ جي ميدان ۾ وڙهندي فوت ٿيو.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ سنڌ جا سهروردي بزرگ--ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي؛ رسالو:مهراڻ؛ 1984جلد 33 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ