شميم سومرو
ڏيک

شميم سومرو انگريزي ٻولي (Shamim Soomro) سنڌي ٻولي جي شاعره آهي. سندس شاعري سنڌ جي اهم رسالن ۾ ڇپي آهي ۽ ريڊيو پاڪستان تان نشر ٿي آهي.[1]
زندگي جو احوال
[سنواريو]شميم سومرو جو جنم ضلعو دادو جي شهر دادو ۾ علي بخش سومرو جي گهر ۾ ٿيو. هن انٽر تائين تعليم دادو ۾ حاصل ڪئي. شميم سومرو ننڍپڻ کان شاعري جي شروعات ڪئي. هن غزل، گيت، نظم، حمد، نعت جي صنفن ۾ گهڻي طبع آزمائي ڪئي آهي. هن استاد بخاري کان متاثر ٿي شاعري ڪئي. سندس شاعري سنڌ جي اهم رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل آهي جن ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپجندڙ ٽماهي مهراڻ ۽ هزار داستان ذڪرجوڳا آهن. ان کانسواءِ سندس شاعري ريڊيو پاڪستان ڪراچي ۽ حيدرآباد تان پڻ نشر ٿيندي رهي ٿي.[2][3]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Shamim Soomro". Aziz Kingrani (انگريزي ۾). 2025-06-29. 2025-06-29 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Sindhi Adabi Board Online Library (Folk_Litrature)". www.sindhiadabiboard.org. 2025-06-29 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Abro, Zahida (2025-02-18). "نثري نظم ۽ سنڌ ۾ ان جي مقبوليت". Humsari (آمريڪي انگريزي ۾). 2025-06-29 تي حاصل ڪيل.